آئيني ترميمن تي مونجهارا ختم،”اتفاق راءِ“ حڪومتي ”لچڪ“ سان مشروط !

اسلام آباد (م ڊ) آئيني ترميمن تي مونجهارا ختم ٿي ويا،”اتفاق راءِ“ حڪومتي ”لچڪ“ سان مشروط ٿي ويو آهي، ان حوالي سان ڪالهه پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڀني پارٽين جي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي تجويز ڪيل آئيني مسودي تي خيالن جو اظهار ڪيو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، پ پ ۽ ن ليگ پنهنجو مسودو ڪميٽي ۾ پيش ڪيو، اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ آئيني ترميمن لاءِ وقت گهري رهي آهي ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهي آهي، تنهن ڪري انهن کي هڪ موقف تي اچڻو پوندو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪميٽي ۾ سڀني جماعتن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، پ پ پنهنجو ڊرافٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪيو، حڪومت به وڪيل تنظيمن سان ٿيندڙ مشاورت کان آگاهه ڪيو، منهنجي ڪوشش هوندي ته سڀني جماعتن کي متفق ڪيان ۽ حڪومت جو گڏيل مسودو پيش ڪيان، هن چيو ته قانون واري وزير وڪيلن جون تجويزون پيش ڪيون، ڪميٽي ۾ حڪومت جون تجويزون به آيون، مولانا فضل الرحمان موقف ورجايو ته هو پ پ کي شامل ڪري مسودو ڏيڻ چاهين ٿا، مان به اهو ئي موقف ورجايو ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي، قانون واري وزير واضح ڪيو ته حڪومت وٽ نمبر پورا آهن، ان باوجود ٻين جماعتن جي اتفاق سان گڏيل ترميم جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته اسان سدائين عوام جي ڀلائي ۽ عوامي خدمت لاءِ قانون سازي ڪئي، اسان طئي ڪيو آهي ته ايس سي او اجلاس کان اڳ ترميم نه ايندي، ٻي پاسي جمعيت علماءَ اسلام ( ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تصديق ڪئي آهي ته حڪومت پهريون ڀيرو آئيني ترميم بابت پنهنجو ڊرافٽ اسان سان شيئر ڪيو آهي، اسپيشل ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت اڄ پهريون ڀيرو پنهنجو ڊرافٽ شيئر ڪيو، حڪومت سان سندن ڳالهه ٻولهه شروع چڪي آهي، ڏسڻو آهي ته ڳالهيون ڪٿي ٿيون پهچن، هن چيو ته پ پ جون تجويزون پڻ سامهون آيون آهن، پ پ ۽ جي يو آءِ قيادت ۾ ڳالهيون ٿينديون، ڪوشش ڪنداسين ته هڪ ڊرافٽ تي اتفاق ٿئي، هو پنهنجو ڊرافٽ پي ٽي آءِ سان به شيئر ڪندا ته جئين اتفاق راءِ حاصل ٿي سگهي، جي يو آءِ سربراهه چيو ته آئيني ترميمن واري معاملي ۾ تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم ۾ به نوَ مهينا لڳي ويا هئا، اڄ ڪير چوي ٿو ته نوَ ڪلاڪ يا نه ڏينهن به نه ڏينداسين ته اِها سٺي ڳالهه نه آهي، وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪميٽي جي ڪوشش هوندي ته سڀني جماعتن جو موقف ٻڌو وڃي، ڪوشش آهي ته 18هين ترميم جيان گڏيل مسودي تي متفق ٿي وڃون، قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو ته مان دعا ٿو ڪيان ته بهتري ٿئي، يقين ٿو رکان ته دعائن جو وڏو اثر هوندو آهي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ کوڙ تجويزون سامهون آيون آهن، سڀاڻي وري ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ مونجهاري جي ڪيفيت ختم ٿي وئي آهي، انهن ترميمن ۾ آهي ته جڊيشل ڪميشن جو اختيار ۽ فارميشن ڇا هجڻ گهرجي، انهن ترميمن ۾ آئيني عدالت جي قيام ۽ ججن جي ٽرانسفر بابت معاملا شامل آهن، هوڏانهن بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني ترميم جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽي آئيني ترميم آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻين پارٽين سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ڪوشش آهي ته سڀني کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، هن چيو ته آئيني عدالت هجي يا بينچ ڪنهن به هڪ تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، آئيني ترميمن تي ووٽ تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن انهن ترميمن تي اتفاق راءِ هجي، ترميم ڪنهن هڪ شخص لاءِ ناهي، اسين 18 هين ترميم کي بحال ڪرڻ چاهيون ٿا.

خيبرپختون خواه ۾ رياستي ماڻهن جو گڏجڻ فضل الرحمان لاءِ ڏکيائي، جاءِ ڏيڻ جو شرط

اسلام آباد (معظم فخر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو مشن پورو ڪري ن ليگ صدر نواز شريف کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي بال نواز شريف جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس گهرائڻ لاءِ اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڇنڇر تي اجلاس گهرائڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان آئيني عدالت جي قيام جي حمايت کان به هٿ کڻي ويو هو ۽ هن آئيني بينچ جي ڳالهه ڪئي هئي. خيبرپختونخوا ۾ گرينڊ جرڳي ۾ علي امين گنڊاپور جي هڪ پاسي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٻئي پاسي گهرو وزير محسن نقوي جو ويهڻ مولانا فضل الرحمان لاءِ اهم اشارو آهي ڇو ته هو ڪي پي ۾ ئي کيڏندو آهي. رياستي ماڻهو جيڪڏهن ڪي پي ۾ گڏجي وڃن ٿا ته پوءِ مولانا فضل الرحمان لاءِ ڏکيائيون پيش اينديون. ان صورتحال ۾ هاڻي مولانا فضل الرحمان ڪجهه شرط رکيا آهن. پ پ چيئرمين اهي ئي شرط نواز شريف وٽ کڻي ويو. مولانا فضل الرحمان ڪي پي ۾ جاءِ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. جي يو آءِ سان مستقبل ۾ اڳتي ڪيئن هلڻو آهي، اهو فيصلو به نواز ليگ وٽ آهي. مولانا فضل الرحمان جا شرط سامهون اچي ناهن سگهيا. ٻي صورت ۾ حڪومت پلان بي جي آپشن تي به غور ڪندي ڇو ته حڪومت وٽ مولانا فضل الرحمان جي حمايت کانسواءِ به نمبر پورا هوندا.

آئيني ترميمن جي مخالف 4 ججن طرفان موڪل جو فيصلو

اسلام آباد (معظم فخر) سپريم ڪورٽ ۾ جاري آئيني ترميمن جي معاملي تي ججن ۾ تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي. 4 جج موڪل تي وڃي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ڪم جو بار وڌائي رهيا آهن. 26 آڪٽوبر تائين مٿس بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ پوءِ کيس ڀت سان لڳائڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. ججن چيف جسٽس جي قائم ڪيل بينچن ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران اسلام آباد ۾ 14، 15 ۽ 16 تاريخ تي موڪل ڪئي وئي آهي ۽ سيڪيورٽي سخت هوندي. ان جي ڪري سپريم ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ بدران رجسٽرين ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر انهن ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي ۽ موڪل جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان هنن ثبوت ڏنو آهي ته هو هاڻوڪي صورتحال مان خوش نه آهن. ظاهري طور اها گروپ بندي ۾ شدت اچي ويندي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لاءِ ڏکيائيون وڌايون وينديون.

ترميمن جي منظوري لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن لاءِ ”لولي پاپ“ تيار!

اسلام آباد (عمران شفقت) آئيني ترميم جي منظوري لاءِ مولانا فضل الرحمان جي حمايت باوجود حڪومت کي ووٽن جي ضرورت پوندي،  آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بعد لڳي ٿو حڪومت آزاد ميمبرن کي لولي پاپ ڏيندي، ميمبرن کي پرچائيندي ته توهان کي ڊي سيٽ ڪرڻ نه ڏينداسين، عدالتن ۾ تبديلي ايندي يا نه؟ عمران خان ۽ خواجه آصف عدالتن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، عدالتي تاريخ ڏسنداسين ته ماضي اهڙو انصاف نه ٿيو، زيادتيون ٿيون آهن، جيڪڏهن ادارن جي سڌارن جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته ساٿ ڏيڻ گهرجي، فورم ٺهڻ گهرجن.

 آئيني ترميمن بابت پي ٽي آءِ جا  26  ميمبر انتهائي اهم ٿي ويا

اسلام آباد( معظم فخر): آئيني ترميمن جي حوالي سان تحريڪ انصاف جا 26- اسيمبلي ميمبر انتهائي اهميت اختيار ڪري ويا، جيڪڏهن آئيني ترميمن جي حق ۾ تحريڪ انصاف جا اهي 26 – ميمبر ووٽ ڏين ٿا ته پوءِ امڪان اهو آهي ته اهي 26 ئي ميمبرن آئيني ترميمن جي حوالي سان نه رڳو تحريڪ انصاف جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندا، پر انهن جي ووٽن سان اهو امڪان پڻ آهي ته آئيني ترميم ڪامياب به ٿي وڃي.اهڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي 26- ميمبرن کي سوگهو رکڻ ۽ کين ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ان ۾ خيبرپختونخواه حڪومت جا سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن، انهن 26- اسيمبلي ميمبرن کي جن کي هاڻي باغيءَ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو، سوگهو ڪري خيبرپختون خواهه ۾ جي مختلف ريسٽ هائوسز ۽ سرڪٽ هائوسز ۾ رکيو ويو آهي، انهن جا موبائل فون ورتا ويا آهن، انهن  جو پنهنجي خاندانن سان رابطو پڻ ڪٽيو ويو آهي، آرٽيڪل 63- اي جي حوالي سان جيڪو تفصيلي فيصلو آيو آهي ان وڏي پئماني تي اسيمبلي ميمبرن مٿان مڙهيل اهڙي پابنديءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت مٿن پابندي هُئي ته جيڪڏهن انهن آئيني ترميم لاءِ ووٽ جو استعمال ڪيو ته انهن جي اسيمبليءَ جي بنيادي ميمبرشپ ئي رد ڪئي ويندي. جڏهن ته آرٽيڪل 63- اي جي حوالي سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو جاري ڪيو آهي ان ۾ سپريم ڪورٽ ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي ته اسيمبليءَ جي ميمبرن جو ووٽ ڏيڻ جو عمل ڪو به غلط عمل نه آهي پر پنهنجي پارٽيءِ جي پاليسي ۽ پارلياماني اڳواڻ جي مرضيءَ کان سواءِ ووٽ ڏيڻ جو عمل غلط آهي، اهڙي ڪنهن به صورت ۾ جيڪڏهن ميمبر پنهنجي پاليسيءَ ۽ پارلياماني اڳواڻ جي مرضيءَ کانسواءِ ووٽ ڏئي ٿو ته ان صورت ۾ سندس قومي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ کي ختم ڪيو ويندو پر ان جو ووٽ ضروري طور تي ڳڻيو ويندو. آئيني ترميم کي ڪامياب ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت کي رڳو ست کان اٺ اسيمبلي ميمبرن جي ضرورت آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف وٽ هن وقت ڊزن جي حساب سان آزاد ميمبر موجود آهن.هوڏانهن قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پاران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هڪ دفعو ٻيهر خط لکي گذارش ڪئي وئي آهي ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن ايوان آرڊر ۾ اچي ۽ هر پارٽيءَ کي خبر پئي ته ايوان ۾ انهن جي ڳڻپ ڪيتري آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پڻ انهيءَ موجهاري جو شڪار آهي ته جيستائين سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن پاران جيڪي نظرثانيءَ جون درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جيستائين انهن جو فيصلو نه ٿو اچي تيستائين مخصوص سيٽن جي حوالي سان ڪو به فيصلو ڏيڻ نه گهرجي. تحريڪ انصاف آئيني ترميمن جي حوالي سان ٿيندڙ قومي اسميبليءَ جي اجلاس ۾ پنهنجي 26- قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي هر صورت ۾ روڪڻ گهر ٿي اهو ئي سبب آهي جو تحريڪ انصاف هڪ حڪمت عمليءَ تحت انهن ميمبرن کي سوگهو ڪري خيبرپختون خواهه جي سرڪٽ ۽ گيسٽ هائوسز ۾ رکيو آهي ته جيئن انهن کي آئيني ترميم جي حوالي سان هلندڙ سيشن ۾ شرڪت کان پري رکي سگهجي.

چيف جسٽس جي سرڪاري خرچ تي الوداعي ڊنر وٺڻ کان معذرت

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سرڪاري خرچ تي الوداعي ڊنر وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس سرڪاري خرچ سبب الوداعي ڊنر وٺڻ کان معذرت ڪئي آهي. رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ جي روايت موجب سپريم ڪورٽ طرفان رٽائر ٿيندڙ ججن ۽ چيف جسٽس جي اعزاز ۾ ڊنر لاءِ خط لکيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار آفيس جي نوٽ جي جواب ۾ لکيو ته سندس مان ۾ ڊنر نه ڏنو وڃي، ڇو ته ان تي عوام جي پئسي سان تقريبن 20 لک رپين جو خرچ ايندو آهي، جنهن جي ڪا ضرورت ناهي.  سپريم ڪورٽ جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هوندو جو سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به رٽائر ٿيندڙ جج جي مان ۾ ڊنر جي تقريب نه ٿيندي. فل ڪورٽ ريفرنس لاءِ اٽارني جنرل کي به دعوتي ختم موڪليو ويو، اسسٽنٽ رجسٽرار طرفان خط موڪليو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته فل ڪورٽ ريفرنس 25 آڪٽوبر تي ٿيندو. خط موجب الوداعي ڊنر جو اهتمام عام طور تي ڪيو ويندو آهي پر چيف جسٽس معذرت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.