سنڌ پبلڪ ڪميشن رولز ۾ ترميم ۽ 715 ويڪسينيٽر ڀرتي ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بجليءَ جي ورهاست ڪندڙ  ڪمپنين کي لائين لاسز جي آڙ ۾ شهرين تي وڏا ڏنڊ لڳائڻ کان روڪيو وڃي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا سنڌ جي 485 پوليس ٿاڻن کي 6 ڪروڙ 92 لک رپيا ڏيڻ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مستقبل ۾ سيٽن لاءِ ڪامياب اميدوارن جي ويٽنگ لسٽ برقرار رکڻ جي تجويز جي منظوري سميت ٽيچنگ اسپتالن ۾ ڪلينڪل ڪيئر جون 434 نيون پوسٽون پيدا ڪيون، تيسر ٽائون ۾ 36 بسترن جي نئين اسپتال لاءِ 367.5 ملين رپيا منظور ڪيا ۽ پوليس ٿاڻن جي موثر انتظام لاءِ ايس ايڇ اوز کي ڊي ڊي اوز جا اختيار ڏيڻ جا اهم فيصلا ڪيا. ڪابينا سڄي سنڌ جي ايس ايڇ اوز کي ڊي ڊي اوز جا اختيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني ته جيئن اهي عوامي مفاد ۾ پوليس ٿاڻن کي هلائڻ لاءِ گهربل خرچ ڪري سگهن.اهي فيصلا ڪابينا جي اجلاس ڪيا ويا، جيڪو جمعي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ريڪروٽمينٽ ريگيوليشن 2023 ۾ ترميم جي تجويز ڏني آهي ته جيئن ڪنهن اميدوار جي ڊيوٽي وٺڻ کان انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ خالي جايون ڀرڻ لاءِ ويٽنگ لسٽ ٺاهي سگهجي. شق نمبر 148 ۾ ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن تحت ڪميشن کي اختيار هوندو ته هو ڪنهن اميدوار جي قبول نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتي کي ايندڙ اميدوار جي سفارش ڪري سگهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اڳ ئي اهڙي ويٽنگ لسٽ موجود آهي. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي.  ڪابينا صحت کاتي کي اي پي آءِ سنڌ ۾ ويڪسينيٽرن جي 715 خالي جاين تي اميدوارن جا انٽرويو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. نيشنل ٽيسٽنگ سروس (NTS) اڳ ۾ ئي 715 اشتهاري پوسٽن لاءِ اميدوارن جو امتحان ورتو آهي.

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ورلڊ بينڪ جي سائوٿ ايشيا ڊولپمينٽ اپڊيٽ ۽  پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ جي آڪٽوبر 2024ع واري شماري جي جاري ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ وفاقي حڪومت يا آءِ ايم ايف سندس اين ايف سي ايوارڊ يا 18ھين ترميم بابت ڪابھ ڳالھھ ناھي ڪئي. ان جي ابتڙ وفاقي حڪومت ڪجھھ وزارتون ختم ڪري 18ھين ترميم تي عملدرآمد شروع ڪيو آھي. مراد علي شاھھ وڌيڪ چيو تھ ڪجھھ مامرن تي سندس حڪومت کي خدشا آھن جن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالھھ ٻولهه جاري آھي. پ پ رڳو انھيءَ عمل جي حمايت ڪندي جيڪي ملڪي مفاد ۾ ھوندا، مراد علي شاهه چيو ته 2022ع جي تباھھ ڪندڙ برساتن سبب صوبي جو 70 سيڪڙو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو ھو. انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو. ڪووڊ-19 سبب پھرئين سستي جو شڪار ترقي وارو عمل وڌيڪ رڪجي ويو. ان جي باوجود سنڌ حڪومت انفراسٽرڪچر بحال ڪري صوبي جي عوام کي درپيش معاشي مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته اسان مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون ۽ سنڌ جي عوام اسان تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. غربت بابت خيالن جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت 2023ع جي رپورٽ ۾ وڌندڙ غربت بابت حقيقتن کي سنجيدگي سان ورتو آهي. سنڌ حڪومت سماج جي پٺتي پيل طبقن جي مدد لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. 2022 جي ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل 20 لک کان وڌيڪ متاثرين لاءِ هنگامي بنيادن تي گهر تعمير ڪرڻ جي رٿا ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي، ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مقامي سطح تي قرض وٺڻ جي اجازت هجڻ باوجود سنڌ گهڻو ڪري قرض وٺڻ کان پاسو ڪيو آهي، ان بدران اسان ٽيڪس سڌارن ذريعي روينيو وڌايو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ بين الاقوامي ترقياتي پارٽنرز کان تمام گهڻو قرض تمام گهٽ شرح تي ورتو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي ترقياتي رٿائن تي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثرائتي نموني عملدرآمد ڪري رهي آهي. رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان عوام کي فائدو ملڻ شروع ٿي ويو آهي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سعيد غني، سيد سردار شاهه، ڄام خان شورو، صلاحڪار نجمي عالم، وقار مهدي، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ مختلف کاتن جي صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.