ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي طرفان امن جي بحالي لاءِ شروع ڪيل تحريڪ ذريعي ٽئين ڏينهن تي به مڪمل شٽربند ھڙتال واپاري تنظيمن ۽ ڪاروباري طبقي ھڙتال کي شاندار موٽ ڏني جنهن ڪري اناج منڊي، رائيس ملون، فلور ملون، صرافا بازار، شاھي بازار، اعواڻ بازار، گھنٽا گھر چوڪ، رسالدار روڊ، شڪارپور روڊ، مٺا چوڪ سميت ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رھيو جنهن ڪري روز مرھ مزدوري ڪندڙن کي پريشاني مان گذرڻو پيو شھر جي دل گھنٽاگھر چوڪ تي وڏو شامياڻو ھڻي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جتي امن زنده آباد، امن زنده آباد، امن جي ڌرتي امن ٿي چاھي، ھي غنڊاگردي بند ڪيو، ھي دھشتگردي بند ڪيو، پوليس گردي بند ڪيو، ڀتاخوري بند ڪيو جي زوردار نعريبازي ڪندي شھري اڳواڻن احتجاج کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر مهر چند، دلمراد ڏاھاڻي، حاجي حضوربخش مغل، غلام مصطفيٰ ميراڻي، احسان جکراڻي، سجاد بروھي، عبدالفتاح مغل، شاھنواز مرهٽو ، ولي محمد سھرياڻي، جيوڻ سبزوئي، ڇوٽو خان جکراڻي، اصغر شيخ، ھريش ڪمار، اشوڪ ڪمار سونارو، غلام رسول ملڪ، حسين بخش، ڪامريڊ عباس، سنتوش اگروال، رميش ڪمار، ديوان لال ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ جي عوام مسلسل 17 ڏينهن کان احتجاج ڪري واضع پيغام ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کي ڏنو آهي ته اسين اوھان کان خوفزدا نه آيون اوھان جي غنڊاگردي ۽ دھشتگردي خلاف سرن تي ڪفن ٻڌي نڪتا آيون پوليس کي به چتاءُ ڏيون ٿا ته ڏوھارين، ڌاڙيلن سان ياريون ختم ڪري فرض شناسي ادا ڪن عوام فيصلو ڏنو آهي عوام جي طاقت کان وڌيڪ ڪا به طاقت نه آهي، اسين پنهنجي انھي احتجاج ذريعي ۽ ميڊيا جي مدد سان ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر ڏوھارين، ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيون ٿا پوليس کان ڪم چڙھي ويو آهي پوليس اندر ڪافي ڪاريون رڍون موجود آهن جيڪي ڏوھارين ۽ سھولتڪارن سان رابطي ۾ آهن پوليس جي رٽ اھا آهي جو صدر پريس ڪلب پيربخش بنگوار جي شھر جي مصروف علائقي اعواڻ پاڙي ۾گھر تي ھٿياربندن حملو ڪري سڌا فائر ڪري ويا آهن، پر پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي اسان جو امن خاطر احتجاج جو سلسلو جاري رھندو، اڄ ڇنڇر تي روزاني رات جو گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاج ڪيو ويندو انھي عمل بعد به وڌيڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو، جيستائين امن بحال نه ٿيندو احتجاجي تحريڪ جاري رھندي،
-
غوثپور ۾ بگٽي برادري پاران اغوا ٿي ويل نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو
غوثپور ( ن ع آ ) غوثپور 2 هفتا اڳ تنگواڻي لنڪ روڊ تان مبينا طور اغوا ٿي ويل ڊيرا بگٽي واسي منظور، اسدﷲ، بگٽي بازيابي لاءِ وارثن جو گذريل 26 ڪلاڪن کان نوروز بگٽي / صدرالدين بگٽي/ سعيد بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي ڀرسان انڊس هاءِ وي لڳل ڌرڻو جاري آهي، مظاهرين پاران ڪشمور ضلعي پوليس جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪشمور ضلعي جي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو هو جيڪو انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو گذريل 26 ڪلاڪن کان جاري آهي جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي آهي روڊ بلاڪ هجڻ ۽ بدامني سبب مسافر سخت پريشان آهن ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته پوليس اسان کي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي ڪشمور ضلعي جي پوليس اغوا ڪار ٽولي سان مهاڏو اٽڪائي مغوي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس ڏوھارين کي منٿون ڪري رهي آهي پر اغوا ڪار ٽولي پاران مغوين جي بازيابي لاءِ مغوين کي زنجيرن ۾ جڪڙي مٿس وحشياڻو تشدد ڪندي سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر وڊيو وائرل ڪندي 10 ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي پر ڪشمور ضلعي جي پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس بڻيل آهي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ڪمانڊر نوروز بگٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان اوستائين انڊس هاءِ وي تان ڌرڻو ختم نه ڪندا سين واضع رهي 2 هفتا اڳ جمال ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل ھٿياربند منظور ۽ اسد الله بگٽي کي هٿيارن جي زور تي مبينا طور اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ ڀنگ خاطر باندي بڻائي رکيو آهي جڏهن ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور ضلعي جي پوليس جو ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن هلندڙ آهي 2 هفتا گذرڻ باوجود به پوليس کي ڪا به ڪامياب حاصل ناهي ٿي سگهي. غوثپور اغوا ٿيل بگٽي برادري جي ٻن نوجوانن اسد الله ۽ منظور بگٽي جي بازيابي لاءِ وارثن پاران 26 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ کان پوءِ غوثپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او اعجاز احمد کوسو جي اڳوڻي ۾ پوليس نفري سان ڪري بگٽي برادري سان ڳالهيون ڪري ڪجه ڏينهن جي مهلت وٺڻ کان پوءِ روڊ کولائي ڇڏيو .
-
خانپور پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن دوران 6 ڌاڙيلن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ
خانپور (ن ع آ ) شڪارپور پوليس جوانن ۽ رينجرز جي اهلڪارن سميت ڪمانڊوز پاران بڪتر بند گاڏين ، اي پي سي چين ، ۽ پوليس موبائيلن ۾ سوار سوين اھلڪارن سان گڏ ڳڙھي تيغو جي علائقي ۾ ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جي اڳواڻي ۾ اغوا ٿيل پوليس اھلڪار ۽ معصوم ٻاروليد ميمڻ عباس بکھراڻي سميت سڀني مغوين جي بازيابي لاء ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪيون ويون آهن شڪارپور پوليس پاران دعوي ڪئي وئي آهي ته مغوين جي بازيابي ۽ روپوش ڏوھارين جي گرفتاري جي لاءِ ۽ ڌاڙيل نثار سبزوئي گينگ جي ڏوھارين جي خلاف ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ نثار سبزوئي ۽ ان جي ساٿين جي ساٿين جي گرفتاريءَ ۽ امن جي بحالي جي لاءِ ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروايون ڪيون ويو اھن پوليس ڏوھارين جي خلاف پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪاروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾6 ڏوھاري زخمي ٿي پيا آھن ،آخري اطلاعن تائين پوليس کي ڪو به زخمي ڏوھاري ھٿ نه اچي سگھيو ۽ نه پوليس ڪنھن زخمي ڏوھاري جي شناخت ظاھر ڪئي آھي.
-
پنوعاقل واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، انگ 6 ٿي ويو
پنوعاقل (ن ع آ ) پنوعاقل جي ڪچي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦلو مھر جو رھواسي اسلم مھر عورتاڻي آواز تي هر کجي اغوا ٿي ويو آھي ، مغوي جي وارثن پاران نوجوان جي اغوا ٿيڻ جي رضا ڳوٺ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي ، جڏهن ته مغوي نوجوان جي ڀاءُ ممتاز مھر ٻڌايو آھي ته اسلم مھر چئن ڏينھن کان لاپتا ٿي ويو آھي وڏي ڳولا باوجود به ڏس پتو نه مليو آھي ۽ اسان کي شق آھي ته اسان جو ھمراھ اغوا ٿي ويو آهي ۽ جنھن جي رپورٽ حد جي رضا ڳوٺ ٿاڻي تي درج ڪرائي آھي ، ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي نوجوان سان جيڪي آخري ڪال دوران رابطي ۾ هيا انهن جي لوڪيشن شڪارپور جو ڪچو ظاهر ٿي آهي جنهن سبب شق آھي ته ھو عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڌاڙيلن وٽ پھچي اغوا ٿي ويو آھي، جڏهن ته پھريائين ئي پنوعاقل تعلقي مان جسڪاڻي برادري جا اغوا ٿيل اعبدالقدوس ۽ افتخار جسڪاڻي ، مھتم برادري جا زبردست ۽ سخاوت مھتم ، جڏهن ته نادر علي عالماڻي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل آھن ،ھينئر اسلم مھر سميت پنوعاقل مان اغوا ٿيل مغوين جو انگ 6 ٿي ويو آهي ، ھوڏانھن اغوا ٿيل مغوين جي گھرن ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي ، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته جسڪاڻي برادري جي اغوا ٿيل ٻن ھمراھن کان سواءِ ٻيا سب مغوي عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڌاڙيلن وٽ پاڻ پھتا آھن پر اسان جي ڪوشش آھي ته اغوا ٿيل سڀني مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي،
-
سرهاڙي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل
سرھاڙي (ن ع آ ) سرھاڙي ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد اسدآباد اسٽاپ وٽ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مشهور ڊاڪٽر احسان الله بروهي جو ڀاءُ سرھاڙي واسي نوجوان مبينا طور مارجي ويو. واقعي واري ھنڌ نوجوان جا وارث پھچي نوجوان کي نوابشاھه اسپتال کڻائي ويا. جتي نوجوان رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. کڏھر ٿاڻي جي حد ٽپالي روڊ تي اسد آباد اسٽاپ وٽ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾سرھاڙي واسي ليبارٽري تي ڪم ڪندڙ نوجوان عبدالحفيظ بروھي مبينا طور مارجي ويو. واقعي واري ھنڌ کڏھر پوليس ۽ نوجوان جا وارث پھچي ويا. وارثن ۽ پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال سڪرنڊ کڻائي ويا. پوليس موجب نوجوان نوابشاهه مان سرھاڙي طرف واپس پئي آيو ته نامعلوم ھٿياربند ماڻھن سندس پيڇو ڪري اسد آباد اسٽاپ ويجھو فائرنگ ڪري کيس مرڻينگ ڪيو. جتي کيس وارث پھچي زخمي حالت ۾ نوابشاھه اسپتال کڻائي وڃي رھيا ھئا ته نوجوان رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي.
-
گهوٽڪي ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويل 3 ڄڻن جا لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو
گھوٽڪي( رپورٽ: محمد يوسف منگي ) گھوٽڪي ۾ گذريل ڏينهن ڪولاچي ۽ شيخ برداري معمولي ڳالھ تان ٿيل فائرنگ قتل ٿي ويل ڪولاچي برادري جي ٽن ڄڻن فدا حسين ڪولاچي معصوم ٻار فرمان ڪولاچي عمران ڪولاچي جي جنازه نماز گهوٽڪي بلال مسجد ٻاهران روڊ تي ادا ڪئي وئي جنازه نماز ۾ شهرين سميت ڪولاچي برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن کان بعد قتل ڪيس م گهربل مک جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڪولاچي برداري جي سوين ماڻهن قومي شاھراھه تي پھچي لٻاڻا هوٽل ڀرسان لاش رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو، مقتولن جي وارثن جانب علي، ڪولاچي حاجي آفتاب ڪولاچي، محمد عثمان ڪولاچي، محمد عالم ڪولاچي عبدالعزيز ڪولاچي ۽ قمردالدين ڪولاچي احتجاج ڪندي چيو ته جيستائين مک جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار نه ڪيو ويندو تيستائين اسان روڊ نه کولينداسين ۽ اسان جو احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. ھڪ ڪلاڪ جي احتجاج بعد اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او گنهور مهر ڌرڻي واري هنڌ پهچي خاطري ڪرائي ته اوهان جي چوڻ مطابق ايف آئي آر داخل ڪري سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو جنهن بعد روڊ کي کوليو ويو، ھوڏانھن ڪولاچي برادري موجب شيخ برادري سان حملي وقت منگي برادري جا ڪجهھ ماڻھو گڏ ھئا، گھوٽڪي جي شھباز ڪالوني ۾ نامعلوم ماڻھن غلام مصطفي منگي جي گھر ۾ داخل ٿي گھر ۾ پيل سمورو سامان فٽي واري رڪشي تي رکي کڻائي ويا ۽ ٻيھر وري گھر ڊاھين لاءِ پھتا ت گھر جي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي گھر نه ڊاھڻ جو چونديون رھيون، ھوڏانھن قتل ٿي ويل ڪولاچي برادري جي ٽنھي ڄڻن جا لاش آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويا .