ڪنڌڪوٽ – ڪشمور ۾ امن جي بحالي لاءِ هلندڙ احتجاجي سلسلو ڪيئي ڏينهن کان هلندڙ آهي، شهري روز جي بنياد تي احتجاجي جلوس ڪڍي ڌاڙيل گردي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن پر هن وقت تائين سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي خلاف ڪو متحرڪ ڪردار ادا ڪري ناهي سگهي ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار پاران اڃا تائين ڪو غير روايتي بيان سامهون اچي سگهيو آهي، جنهن سان بدامني جي ستايل شهرين کي ڪا دلجاءِ ٿي سگهي ته سنڌ سرڪار کي اسان جو اونو آهي، ۽ هو اسان کي ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين کان بچائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي رهي آهي.
سنڌ ۾ امن جي بحالي ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ناهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڌندڙ ڏوهن جي شرح ۽ ڌاڙيلن جي ڏهڪاءُ کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو، ان لاءِ ڪنهن به ٻي فورس کي گهرائڻ جي نه پر سنڌ پوليس مٿان سياسي دٻاءُ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو پوليس عملدار سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي سفارش کي نه مڃيندي ڌاڙيلن جي خلاف امن جي بحالي لاءِ ڪا ڪارروائي ڪندو آهي ته ان کي يا ته شهيد ڪيو ويندو آهي يا وري کين ضلعي بدر ڪيو ويندو آهي.
اوهان ڏٺو هوندو ته ويجهڙ ۾ هڪ چونڊيل نمائندي جي پٽ کي غير قانوني هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندي پوليس پڪڙي ورتو هو. ان کانپوءِ ٻڌڻ ۾آيو هو ته ان ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهڪارن کي شاباس ڏيڻ ۽ سندن حوصلا افزائي جي بدران سندس خلاف انتقامي ڪارروائي ڪري ان کي بدلي ڪري مختلف ضلعن ۾ اماڻيو ويو هو. شڪارپور ۾ هڪ سنڌي ڳائڻي جگر جلال کي اغوا ڪيو ويو هو ته سندس بازيابي لاءِ ڊي ايس پي خانپور، ڌاڙيلن جي سرپرست ۽ پاٿاريدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس اٽالا ساڻ ڪري جڏهن اتي پهتو ته کيس بيدردي سان شهيد ڪيو ويو هو، جنهن جي ناحق خون سان اڃا تائين انصاف ٿي ناهي سگهيو. ڪشمور ۾ سال کن اڳ پوليس اهلڪار لکمير اوڏ جي مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته لکمير پوليس فورس سان گڏجي ڌاڙيلن جي گهرن جي چڙهائي ڪئي هئي، جيڪي هڪ شهري کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو، جنهن جي ايف آءِ آر هڪ مقامي بااثر وڏيري تي داخل ڪئي وئي هئي ، جنهن ۾ سياسي پٺڀرائي سبب هو گرفتار ته نه ٿي سگهيو پر اٽڪل ٻه مهينا کن اڳ ساڳي ئي برادري جي هٿياربندن ٻيهر ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ لکمير اوڏ تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب سندس نوجوان پٽ شهيد ٿي ويو هو.
سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ سنڌ پوليس جون ڪوششون ناڪام ان لاءِ ٿي رهيون آهن ته هڪ طرف پوليس مٿان سياسي دٻاءُ آهي ته ٻئي پاسي وري ڏوهارين جي سياسي پٺڀرائي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ قانون جا ڊگها هٿ به ڏوهارين کي ڳچي مان جهلڻ کان لاچار آهن.جنهن سبب عام ماڻهن سان گڏ پوليس کي پڻ جاني توڙي مالي ڀاري نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.
شهرين جي لڳاتار جهدوجهد، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ وارا آهن، پر ان کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته امن جي بحالي لاءِ جهدوجهد ڪندڙ ڪجهه ماڻهن پاران فوج کي گهرائڻ جو مطالبو سامهون آيو آهي، جيڪو بهرحال درست ناهي، امن جي بحالي لاءِ جهدوجهد ڪندڙ شهرين کي امن جي مڪمل بحالي کان سواءِ ڪو به غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل مطالبو نه ڪرڻ گهرجي. مثال طور شهرين جي مطالبي تي جيڪڏهن مختلف هنڌن تي ڪي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون به وڃن ٿيون، جيڪي گهڻي قدر اڳ ۾ ئي قائم ٿيل آهن، يا فوج جي اچڻ جي باوجود به امن و امان جي صورتحال بهتر نٿي ٿئي ته ان کان پوءِ وٽن ٻيو ڪهڙو آپشن هوندو؟ ماضي ۾ به سنڌ بلوچستان جي سرحدي علائقن تي فوج مقرر هجڻ جي باوجود به ڏوهاري جي وارداتن ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي هئي.
اها سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته اها ڪهڙي ريت امن بحال ڪرائي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿي. اها فوج گهرائي ٿي يا پوليس مان ڪارون رڍون نکيڙي ايماندار ۽ فرض شناس پوليس عملدار مقرر ڪري ٿي، جيڪي اهڙي ريت امن قائم ڪري ڏيکارين جيئن ڪجهه سال پهريان ڪشمور ۾ مڪمل طور امن قائم ڪيو ويو هو، جيڪو ڪيترائي سال برقرار رهيو هو.
شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ- ڪشمور ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ امن جي بحالي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، امن ۾ خلل وجهندڙ ماڻهن سان ڪنهن به طرح رعايت بلڪل به نه ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته موجوده بدامني سبب سنڌ جا ڪيئي شهر نه رڳو پاڪستان پر ايشيا جا خطرناڪ شهر بڻجي چڪا آهن جتي نه ته ماڻهو شهرن ۾ محفوظ آهن ۽ نه ئي وري گهرن ۾. جتي نه ته عورتون محفوظ آهن ۽ نه ئي معصوم ٻار، ٻڍا ۽ نوجوان محفوظ آهن. ايستائين جو پنهنجي بچاءِ لاءِ استاد اسڪولن ۾ به هٿيار کڻي وڃڻ لڳا آهن.جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سنڌ سرڪار سميت سڄي رياستي مشينري جي ڪارڪردگي تي بدنما ۽ سڀ کان وڏو سواليه نشان آهن. اهو داغ صرف ۽ صرف امن جي بحالي، ڌاڙيل راڄ جي مڪمل خاتمي ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ سان ئي ڌوپجي سگهجي ٿو.