سکر(رپورٽ:آزاد مهر) ڪيمونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد قاضيءَ چيو آھي ته ڪامريڊ مولا بخش خاصخيليءَ جي جدوجھد سوشلزم لاءِ هئي ، ھو ھن ملڪ ۾ پورھيتن ۽ ھارين جي راڄ لاءِ جاکوڙ ڪري پيو، ھن مرڻ گھڙيءَ تائين سوشلزم جي لاءِ ملڪ جي پورھيتن کي گڏ ڪيو، ھو ڪيمونسٽ پارٽي آف پاڪستان ضلعي سکر طرفان سکر پريس ڪلب ۾ پورھيت اڳواڻ ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي جي ورسي جي موقعي تي مزدور ڪانفرنس ۾ صدارتي خطاب ڪري رھيو ھو، ھن چيو ته پوري دنيا جي ڪميونسٽ پارٽين مان ڪامريڊ مولا بخش واحد پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ھو، جنھن رواجي تعليم نه حاصل ڪئي، ھو ڪنھن به اسڪول ۾ داخل نه ٿيو بلڪي ڪامريڊ ساٿين کان تعليم حاصل ڪري عملي جدوجھد جي ميدان ۾ شريڪ رھيو، ھن چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏھن به فلاحي رياست قائم ناھي ٿي، ھت فوجي جنريلن فوجي شاھي ڪرپٽ سياست دانن ۽ بيوروڪريٽس جي حڪومت رھي آھي، ملڪ جا جنرلز 2 نمبري ڪن ٿا، اھي پاڻ کان سواءِ ڪنھن جا به سڄڻ ناھن، ان موقعي تي خاص مھمانن وطن دوست انقلابي پارٽي جي مرڪزي صدر گلشير شر سي پي جي ڪامريڊ اقبال پروفيسر مير منور ٽالپر سي پي بلوچستان جي اڳواڻ فرھاد رند ۽ پورھيت اڳواڻ زاھد حسين شاھ خطاب ڪندي چيو ته ھت ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي جي مشن جي پورھيتن ۽ ھارين کي اڳتي آڻڻ هو، هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون ڦڀايون پيون وڃن ، سنڌو دريا مان 6 واھه نوان ڪڍيا پيا وڃن، جنھن سان سنڌ ۾ پاڻي جو بحران اڃان وڌي ويندو ۽ زرعي فصلن لاءِ اڃان ڏکيو ٿي پوندو، ھنن وڌيڪ چيو ته مولا بخش خاصخيلي اڃ ھجي ھا ته پاڪستان ۾ سوشلسٽ جدوجھد ڪاميابي جي ويجھو ھجي ھا ـ ھت پورھيتن کي مذھبن جي بنياد تي ورھايو پيو وڃي، پورھيت طبقي کي عام ماڻھو سان ملي جدوجھد ڪرڻي پوندي ،