رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي (م ڊ) انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه گهٽجي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب جمعي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ 16 پئسا  گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 277 رپيا 63 پئسا ٿي وئي آهي. واضح رهي ته خميس تي ڊالر جي قيمت 277 رپيا 79 پئسا هئي.

  1. ڪراچي مان گم ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ جي بازيابي لاءِ درخواست داخل

ڪراچي(  رپورٽر) حيدرآباد مان گم ٿيل پي ٽي آءِ  جي ڪارڪن ارسلان انور جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل،  درخواست ارسلان انور جي گهرواري اران داخل ڪرائي،  درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ويو آهي ته  گهروارو تحريڪ انصاف جو ڪارڪن آهي ۽ هو هڪ ڪاروباري ماڻهو آهي،  ارسلان انور 29  سيپٽمبر تي صبح جو گهر کان سوڌو سامان وٺڻ لاءِ  نڪتو ته ان کان پوءِ  گم ٿي ويو آهي،  پوليس ۽ ادارن کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي پر هن مهل تائين ارسلان انور جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو،  درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪندي چيو آهي ته هن جي مڙس ارسلان انور کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي،  درخواست ۾ سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ  جي سنڌ،  ايس ايس پي ايسٽ، ايس ايڇ او جمشيد ڪورٽر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.