سالن جي فريم ۾ 49 سال پوئتي وڃبو تـ 10 آڪٽوبر 1975ع جي هڪ سنڌي اخبار ۾ پير الاھي بخش جي ٽيجھي جي مناسبت سان اسانکي ھي خبر ملندي:
"تحريڪ پاڪستان جي ممتاز اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاھي بخش کي سندس وصيت مطابق ڪالھه رات اٽڪل 10 بجي ڌاري جامع مسجد پير الاھي بخش ڪالوني جي احاطي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مرحوم پير الاھي بخش جي مائٽن مطابق کين دم جي شڪايت ھئي. ھن پير الاھي بخش ڪالوني ڪراچي ۾ عيد نماز پڙھي ۽ طبيعت جي ڪمزوري جي باوجود عباسي شھيد اسپتال وڃي مخدوم طالب المولي سان ملاقات ڪئي ۽ کين عيد مبارڪ ڏني. شام جو کين پيٽ ۾ تڪليف ٿي جنھن ڪري کين سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. مائٽن مطابق اسپتال جي ڊاڪٽرن جي غفلت, عدم توجھي ۽ غير ذميداري سبب پير صاحب جو موت واقع ٿيو.”
ھيءَ خبر پڙھڻ سان دل ۾ پيدا ٿيندڙ درد جي ڪيفيت اکين مان لڙڪن ذريعي اظھار ڪندي اڄ جڏھن پير مظھرالحق ۽ پير مجيب الحق طرفان دادو ۾ قائم ڪرايل ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال ۽ ھاڻي ميڊيڪل ڪاليج جي قيام لاءَ سندن ڪوششون ڏسون ٿا تـ پير الاھي بخش جي زندگي جو حقيقي تسلسل پسون ٿا ۽ ان ئي تسلسل ۾ پير الاھي بخش جي نالي سان قائم ڪيل لا ڪاليج سميت سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس, آءَ بي اي ڪيمپس ۽ ٻيا ادارا پڻ شامل آھن.
پير خاندان جي ڪوششن سان پير الاھي بخش جي زندگي ۽ فڪر بابت سندس وفات کان 37 سال بعد يعني 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل سيد زوار نقوي ۽ دين محمد ڪلھوڙي جي ترتيب ڏنل ڪتاب "ماڻھون مڻيادار” جي مطالعي سان سٺي ڄاڻ ملي ٿي. ھن ڪتاب مان پير صاحب جي زندگي ۽ فڪر متعلق ڪجھ اھم نقطا ھيٺ پيش ڪجن ٿا.
1895ع ۾ پيرڳوٺ دادو ۾ جنم وٺندڙ پير الاھي بخش پنھنجي سياسي زندگي جي شروعات 1919ع يعني 24 سالن جي عمر ۾ علي ڳڙھ يونيورسٽي ۾ قانون جي پڙھائي دوران مولانا محمد علي جوھر ۽ شوڪت علي جوھر جي خلافت تحريڪ سان ڪئي. جولاءَ 1921ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ پير الاھي بخش تمام گھڻو سرگرم رھيو ۽ سندس اھم ڪردار جيڪري سنڌ ۾ دادو خلافت تحريڪ جو مکيهه مرڪز بڻجي ويو جتي جيوڻ شاھ, ميان محمد ھاشم ميمڻ، حاجي محمد يعقوب ۽ ميان محمد رمضان درزي جھڙا مکيه ڪارڪن ساڻس گڏ ھئا.
خلافت تحريڪ بعد 1931ع ۾ پير الاھي بخش سنڌ يونائٽيڊ فرنٽ قائم ڪري سنڌ جي بمبئي کان علحيدگي جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ 1937ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرايو. سنڌ جي پھرين ڪابينا ۾ وزير تعليم ۽ ماليات مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي سميت ڪيترائي جديد تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏ ڪامورن کي عوام جو حقيقي خدمتگار بنائڻ جي پڻ ڪوشش ڪيائين. 1948ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي ساٿ سان سنڌ جو وزير اعلي مقرر ٿيو تـ ھڪ شاعر مرزا علي محمد بيگ "مظفر” کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو تـ:
بيشڪ وزير اعلي ٿيو سنڌ جو ھي خوب
سلطان الاھي بخش آھي سلطان الاھي بخش
پنھنجي وطن ۽ قوم جي خدمت لاءَ ھر گھڙي
ڪوشان الاھي بخش آھي ڪوشان الاھي بخش
ھر عرضدار جي تـ اگھائي ٿو عرض کي
شادان الاھي بخش آھي شادان الاھي بخش
1952ع ۾ جڏھن سنڌ جي شناخت ختم ڪري کيس ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جا منصوبا جڙي رھيا ھئا تـ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪندڙ پير الاھي بخش سنڌ جي انھن چند عوامي جھموري سپهھ سالارن مان ھڪ ھئا جن اھڙن ناپاڪ منصوبن جي سنڌ اسيمبلي جي ايوان تان سخت مخالفت ڪندي چيو تـ اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا تـ سنڌ جڏھن بمبئي سان شامل ھئي تـ انجي ڪھڙي حالت ھئي! اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ھو ۽ ھاڻي بـ اسان سان ساڳي حالت ٿيندي جو سنڌي پيا دربدر ٿيندا تنھڪري سنڌ جو عوام انھيءَ "ھڪ يونٽ” ٿيڻ تي خوش ناھي. مان ٻھراڙين ۾ ويو آھيان ۽ مونکي خبر آھي تـ سنڌ جو عوام ڪنھن به حالت ۾ "ھڪ يونٽ”۾ راضي ناھي ڇاڪاڻ تـ اھو سنڌ جو خاتمو آھي. سنڌ جي شناخت ۽ خودمختياري جو دفاع ڪندي پير الاھي بخش سنڌ اسيمبليءَ ۾ ھي تاريخي سفارشون پيش ڪيون:
1) پاڪستان جي مرڪزي قانون ساز ادارن ۾ سنڌ کي بـ اوترائي عيوضي ملڻ گھرجن جيترا سڀني مستقل قوميتن مان ھر ھڪ کي ملن.
2) صوبائي اختيارن جي حدن اندر پنھنجن سمورين ملازمتن تي پاڻ قابض ھجن.
3) ملڪ جي دفاعي ملازمتن سميت سڀني مرڪزي ملازمتن ۾ کين آدم شماريءَ جي لحاظ سان جڳھيون ملڻ گھرجن.
4) پنھنجي قدرتي ذرائع پيداوار ۽ پنھنجي تجارتي ۽ صنعتي وسائل جي ملڪيت ۽ استعمال سندس ئي مڪمل اختيار ۾ ھجن.
5) اعلي کان اعلي تعليم پنھنجي مادري زبان جي ذريعي ئي حاصل ٿئي.
6) سنڌ کي اھي سمورا سياسي اقتصادي ثقافتي ۽ ٻيا حق حاصل ھجن جن تي قوميتن جي خود ارادي واري تسليم شدھ اصول ھيٺ ڪنھن بـ مستقل قوميت جو حق جاري ٿي سگھي ٿو.
پير الاھي بخش سميت سنڌ جي سمورن عوامي جھموري سپـ سالارن جي ڪوششن سان سنڌ پنھجي شناخت قائم رکي آھي پر سندن خوابن واري سنڌ جي خودمختياريءَ لاءَ توھان اسان سڀني کي سندن فڪري تسلسل جو حصو ٿيڻو آھي تـ جيئن ھڪ خودمختيار ۽ خوشحال سنڌي معاشرو قائم ٿي سگھي.