اسلام آباد (م ڊ) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطح جي وفد صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جن ۾ اقتصادي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ سميت گهڻ رخن ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي عرب جو وفد ٽن ڏينهن جي دوري تي پهتل آهي جنهن دوران 27 معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سعودي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب معاهدن کان مٿانهان آهن ۽ اسان دوست نه پر هڪ ڪٽنب آهيون. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي معيشت، زراعت، کاڻين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو ويو. ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان موجب سعودي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي انفرا اسٽرڪچر ۽ کاڻين جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو منصوبو ٺاهيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڊگهي مدي وارا ۽ آزمايل آهن. سعودي وزير راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته وڏي واپاري وفد جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن ۾ جٽادار ۽ ڀائرڻن لاڳاپن جو مظهر آهي، آرمي چيف سعودي وفد کي پاڪستان جي حمايت ۽ عزم جي خاطري ڪرائي.