اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پنجن آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان بجلي واهپيدارن کي 60 ارب رپيا هر سال فائدو ٿيندو ۽ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ گهڻي گهٽتائي ٿيندي، ان سان گڏو گڏ ملڪي ناڻي کي 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي ۽ آءِ پي پيز کي بقايا رقم تي وياج نه ڏنو ويندو، وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽاسڪ فورس جي سفارش تي پنجن آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، پنجن آءِ پي پيز جي مالڪ هن قدم کي قبول ڪيو آهي، ٻين آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني ڪري بجلي ٽيرف ۾ گهٽتائي آڻينداسين، هي برسات جو پهريون ڦڙو آهي، اڃا برسات پوندي جنهن سان سڄو خطو زرخير ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي سبب ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي، تيزي سان ترقي جو سفر طئه ڪرڻو پوندو، غريب ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو حڪومت ڪندي، هن چيو ته مهانگائي کي گهٽائڻ لاءِ جيڪي به قدم کڻي سگهياسين اهي کڻي رهيا آهيون ۽ گذريل سال مهانگائي 32 سيڪڙو هئي ۽ هن سال اها گهٽجي 6.7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.وزيراعظم چيو ته ماضيءَ ۾ آءِ پي پيز سان ٿيل معاهدن، بجلي چوري، ٽرانسميشن لائينن جي خرابي ۽ ٻين مسئلن جي ڪري اسان عوام کي رليف نه ڏئي سگهيا آهيون ۽ جيڪڏهن ان مان جان ڇڏائي ته عوام کي بجلي تي سبسڊي ڏيڻ جي قابل ٿي وينداسين.ذريعن موجب حبڪو، رائو سچ، لال پير، صبا ۽ اٽلس پاور پلانٽس سان معاهدا ختم ڪيا ويا آهن.