آءِ پي پيز خلاف آرمي چيف جي چوڻ تي ڏنڊو کنيو ويو؟

لاهور (عمران شفقت) آءِ پي پيز مان جان ڇڏائڻ وارو خيال آرمي چيف جو هو، نگران حڪومت جي دور ۾ به ان تي ڪابينا اجلاس ۾ ويچاريو ويندو هو. ان دوران اعجاز گوهر کي سرگرم ڪيو ويو هو، اعجاز گوهر ڪنهن جي چوڻ تي اهو ڪري رهيو هو. ان کانپوءِ حافظ نعيم الرحمان به ان معاملي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو. جنرل عاصم منير جي ويچار کانپوءِ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي هئي ڇو ته ان معاملي کي سمجهڻو هيو ته اصل معاملو ڇا آهي. هنن اهو معاملو سمجهيو ۽ پوءِ ڏنڊو کنيو. جنرل فيصل نصير ۽ سندس ٽيم اهو ڪارنامو انجام ڏنو. آءِ پي پيز مان هڪ ڪراچي ۽ 4 لاهور جون هيون. سيٺ ڪڏهن ناهي چاهيندو ته سندن ڪم بند ٿئي پر اهو ڪم ڏنڊي جي زور تي ٿيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 11 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.