جنگين جا معيشت تي پوندڙ خوفناڪ اثر

تحرير: رياض ابڙو 

اها ڳالهه مڃون ٿا ايران جي پٺڀرائي ۾ روس ۽ چين بيٺل آهن، جيڪي مدد ڪرڻ لاءِ هر دم تيار بيٺا آهن، اها ڳالهه آمريڪا به سمجهي ٿو، پر ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ملڪن جو ساھ سُڪائي ڇڏيو آهي، اهي انگريز ۽ پهرين درجي جا ملڪ سوچين ٿا، جيڪي به ڌن دولتون، مال ملڪيت، ايٽمي پاور، صنعتون، ترقيون، جديد زراعتون ۽ جديد تعليمي نظام آهن جيڪي به ٻولين جون فراوانيون آهن اهيا انهن انگريز ملڪن وٽ هجن، اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي جنگيون وڙهڻ آسان ٿي پيو آهي، بنسبت اڳين دورن جي جڏهن گهوڙا، هاٿيون ۽ ٻيا سواري وارا جانور ڪڍي، هٿيار، جهڙوڪ تير ۽ تلوران، گرز ۽ ڀالا سنڀالي نڪرڻو پوندو هيو، پر ان جي ڀيٽ ۾ هاڻي شيون آسان ٿي پيون آهن، ڊجيٽل دور ۾ گوگل تان نقشي ۾ نشانو ڏسي ڊرون بم، بيلسٽڪ ميزائيل ۽ گولا تيار ڪري اڇلائي ٿا ڏين جو اهي بم 8000 ڪلوميٽرن جا سفر ڪري هڪڙي جاءِ تان ٻي جا تي ڪاميابيءَ سان پڄي ٿا وڃن، ۽ جيڪي نقصان ۽ فائدا پهرين طئي ڪري ٿا ويهن سي ٿا ٿا پون. هاڻي ته شيون آسان آهن پر مشڪل اها به آهي ته هر بم گولي جو توڙ به آهي، توڻي جو جنگي جنونن ۾ اها ڳالهه منجهائي ٿي ته هاڻي هر ملڪ ٻئي ملڪ جي معصوم ۽ بي گناھ آبادي تي بم وسائي ٿو ڏئي جيڪا ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ ايران نه ٿو ڪري، ايران رڳو جهلڪيون ٿو ڏيکاري، حلانڪي جي چاهي ته نقصان به ڪري سگهي ٿو، چاهي ته انهن آبادين تي بم وسائي سگهي ٿو ان ڪري ايران جي وار ۾ هن جا پراڪسي ملڪ جن ملڪن ۾ ايراني گروهن جا جنگجو وسن ٿا انهن ۾ بحرين، يمن، لبيا ۽ اردن به شامل آهن هن ڀيري جيڪي 400 بيلٽڪ ميزائيل فاير ڪيا ويا، جيڪي ڊرون بم گولا ڪيرايا ويا انهن ۾ اهي ملڪ به شامل هيا جن پنهنجي نشاني تي اسرائيل تي بم ڪيرايا جنهن ۾ اسرائيل جا حوصلا خطا ٿي ويا ته اهي جيڪي به بم اچ ٿا انهن جي لاءِ ري ايلٽر ڪيترا ۽ ڪهڙي پاسي کان هلائي ته جيئن انهن جو نقصان گهٽ ۾ گهٽ ٿئي.

جنگين سان معيشت متاثر ٿي ٿئي، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته جنگين سان آمريڪي معيشت اسٽرنگ ٿي ٿئي ان ڪري ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو هٿيارن جو ايڪسپورٽر آمريڪا آهي، جيڪو هزارين ڊالرن جا هٿيار رڳو اسرائيل کي کپائي ٿو ڏئي، جيڪڏهن اسرائيل ۽ وچ اوڀر ۾ امن ٿي ويو ته آمريڪا جي ايڪسپورٽ بند ٿي ويندي ۽ اها ڳالهه آمريڪا ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو، هيڏانهن وري دشمن جو دشمن جو دوست هوندو آهي ان ڪري روس جا بدلا ۽ چين جي باھ اڃان جهڪي ناهي ٿي جو ڪووڊ جي دور کان آمريڪا جي چين جي 48 سافٽ ويئر ڪمپنين تي پابندي هنئي هئي ۽ هاڻي سي پيڪ جي ڪمن ۾ رڪاوٽ به وجهي ويٺو آهي، ۽ روس سان 1945 واري مارچ جي منهٽن واري گڏجاڻي ۾ آمريڪا ۽ برطانيا روس سان وڏي ڪري ويا هيا جنهن جو ذڪر جوزف اسٽالن جي ڪتاب “بگ ٿري“ ۾ ٿيل آهي ۽ ”ونسٽن چرچل جي ڇهن ڪتابن ۾ به جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائي تي لکيل آهن سي انهن ڳالهين سان ڀريا پيا آهن ته آمريڪا انهن جي اتحاد ۾ رهي انهن سان وڏي ڪري ويو جو ايٽمي هٿيار ته روس به ٺاهي جوڙي ويٺو هيو جو اهي جرمني حملن مان تنگ هيا، آمريڪا جاپان مان ۽ فراسن وارا اٽلي جي ارڏائي مان ڦاٿل هيا پر آمريڪا اڳرائي جاپان تي بم ڪيرائي، ليگ آف نيشن کي ٽوڙي يونائيٽيڊ نيشنز آرگنائيزيشن ٺاهي ويهي رهيو، ۽ روس جي سپرپاوري پوئتي رهجي وئي جو ان کانپوءِ آمريڪا آءِ اي ئي اي (انٽرنيشنل ايٽامڪ اينرجي ايجنسي) ٺاهي ويٺو ۽ روس تي به سختي ڪري ويٺو ته دنيا ۾ ڪير به ايٽمي هٿيار جي ٺاهيندو ته پهرين آمريڪا کان پڇا ڪندو ۽ جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ايٽمي طاقت بڻجي ويٺو ته دنيا جي سنگت مان ڪٽجي ويندو جيئن هاڻي هي ايران جي مٿان ڪرڻ وارا آهن ته يورينيم جي پورليفريشن (واڌ) هڪ حد تائين ڪندو ۽ جيڪي به هٿيار ٺاهنيدو ان کان پهرين آمريڪا جي آءِ اي ئي اي کان پڇا ڪندو، ان نتظيم جا ميمبر ايران ۾ اچي اهي هٿيار چيڪ ڪندا ته اهي هٿيار واقعي دنيا جي لاءِ خطرناڪ آهن يا ناهن ۽ جي آهن ته انهن جو مارُ ڪيترو هوندو ۽ جيڪي به هٿيار هوندا انهن جي انسپيڪشن صرف آمريڪا ڪندو، جيڪا ڳالهه ايران ۽ روس سميت چين کي به چيڙائي ٿي ته آمريڪا ساڳي ڳالهه پاڻ تي به لاڳو ڪري ۽ هو ڪنهن کان پڇي اسرائيل کي جديد هٿيار، بم گولا، ري ايڪٽر ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي ڏين ٿا ائين ته اسرائيل به ايٽمي طاقت جي برابر ٿي ٿو وڃي جو هو به ايران سان سينو ساهي ٿو هلي معني جيترا هٿيار آمريڪا وٽ آهن انهن کي خريد ڪري هو به پاڻ آمريڪا جيترو طاقتور ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان ملڪ ۾ جنهن وٽ ايٽمي هٿيار هجن ٿا ۽ اهو ملڪ جنهن وٽ هٿيار نه ٿا هجن ته ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو ٿيو؟

هيل تائين اسرائيلي پروڊڪٽس جي ناموس تي ڇيهو ٿو رسي، ماڻهن ۾ آهستي آهستي نيٺ هڪ ڏينهن اها ڳالهه ويهي ويندي ته يهودي شين کان بائيڪاٽ ڪجي ۽ جيڪي به انهن جون شيون آهن انهن جو نعم البدل آڻجي ان ڪري ته ماڻهن جي هٿن ۾ جي پيسي جي جاءِ تي اهڙي ٽيسٽ واري ڪا ٻي بوتل ڏني وڃي، ماڻهن کي جيڪڏهن ايڪوفينا جي جاءِ تي ڪو ٻيو پاڻي پياريو وڃي ته اسرائيلي پروڊڪٽس جي خاتمي جي شروعات ٿي ويندي ۽ اهي رجحان آهستي آهستي وڌن ٿا، ماڻهن ۾ نفرت جو جز پيدا ٿيندو ٿو رهي ان ڪري فلسطين تي مسلسل بمباري يهودين جي معاشي برائي آڻي سگهي جيڪا ڳالهه عيسائي سيڙپار کي به مدعو ڪري سگهي ٿي اهي ان ڳالهه ۾ اڳتي اچن ان ڪري ايشيائي ماڻهو مغرب زده آهن انهن جي آڏو سلام ۽ گڊمارننگ ٻه الڳ الڳ مائينڊسيٽ ۽ معنائون ٿا رکن اهي ماڻهو ايترا ته مغرب زده آهن جو تعليمي نظامن ۽ نصابن ۾ به مغربي شين کي ترجيح ڏين ٿا پر مغرب وٽ مشرقي ملڪن جي لاءِ نفرت تمام گهڻي آهي، ان ڪري جو جيڪي پهرين، ٻي ۽ تين دنيا جڙيل آهي انهن ۾ پهرين درجي جا شهري رڳو عيسائي انگزيز آهن، ۽ جيڪي غيرانگريز عيسائي آهن اهي پاڻ ٻئي درجي جا شهري آهن، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته پهرين درجي جي ملڪ وٽ لائيف انڊيڪس بهترين آهي جن جو رجحان ٽئين درجي جي ملڪن وٽ اڃان تائين ناهي جنهن جو سبب رڳو صنعتي ترقي آهي جيڪا اچڻ مشڪل آهي يا کڻي ممڪن به هجي ان ڪري ٽئين درجي جا ملڪ اڃان تائين پاڻ ڀرا به ناهن. لبنان جي حزب الله تحريڪ جي خلاف ان جي ڌمڪي سان دوستن ۽ دشمنن کي هڪجهڙو ڪري ڇڏيو آهي، سڀ ڳالهيون هڪ نئين، وچ اوڀر واري جنگ جي طرف هڪ ناقابل برداشت آهن. اسرائيلي فوج لبنان جي چوڌاري حزب الله جي مضبوط قلعن تي حملن جي هڪ لهر شروع ڪئي آهي، هڪ سال جي دوران 2,000 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن. حملن سوين هزارين ماڻهن کي مجبور ڪيو آهي ته هو پنهنجن گهرن مان ڀڄڻ تي مجبور ٿين، ڇو ته جنگين ۾ هڪ ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي معاشي بحران ۾ مبتلا آهن.

1990 جي جنگين ۾ عرب ملڪن کي هو خطرو هوندو هيو ته حملا آور انهن جي تيل جي کوهن تي بم باري ڪندا جنهن جي صورت انهن کوهن کي باھ لڳي سگهي، مثال عراق ڪويت جي 500 کوهن کي باھ ڏئي ڇڏي هئي، اهڙو خطرو ايران، عراق ۽ سعودي عرب کي به لاحق هيو پر هاڻي ائين ناهي، پر هاڻي اها ڳالهه ضرور آهي ته جيڪي لاجيڪل ۽ منطقي بلاڪ هيا اهي پهرين، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ سرد جنگين تائين آيا، جيڪي هلي اسٽريٽجڪ جنگين ۽ بايولاجيڪل وارز تائين آيا ۽ هاڻي ساڳا ئي اسٽريٽجڪ جنگين ڏي واپس آيا آهن جن ۾ ڊورن حملا، بيلسٽڪ ميزائيل، هوائي حملا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ويهي ٻين ملڪن تي هلان ڪرڻ ۽ ان جي بدلي وري ايٽمي ري ايڪٽر ۽ ٻيو ڪجھ. پر مسلمان ملڪ پوءِ به غنيمت سمجهن جو انگريزن جي سيهوني ۽ زيونسٽ حڪومتن جي خلاف گهٽ ۾ روس ۽ چائينا جو ٻنجو آهي ۽ اهي ملڪ ايران جي صورت انهن کي ڌمڪائي سگهن ٿا، جو آمريڪا يوڪرين ۾ گهري سگهي ٿو ته روس وري ايران جي پويان يا انهن جي ڪلهن تي بندوق رکي آمريڪا جي سامهون ٿو ٿئي ۽ مسلمان جي دل خوش ڪرڻ جي لاءِ يا ائين چئون ته دل جيتڻ لاءِ ولادمير پيوٽن آمريڪا کي سڌو ۽ سامهون چئي ٿو ڏئي ته هو ايران سان گڏ آهي ۽ ايران انهن تي جيڪ حملا ڪري ٿو سو روس جي پاران سمجهيا وڃن پر آمريڪا جي مجال ناهي جو اهي هوائي ۽ ڊجيٽل بندوقون جن جا نالَ دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تي پڄي ٿا وڃن سان سڌا ڪري سگهي ان ڪري ته روس ۽ چين پاڻ ڀَرا ملڪ آهن اهي ايشياسئي ملڪن وانگي انهن جي آءِ ايم ايف، ايف اي ٽي اي، ورلڊ بينڪ ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جا محتاج ناهن انهن وٽ پاڻ ويٽو پاور آهي جيڪو ٻه انگريز ملڪن وٽ آهي ته ٽي غيرانگريز ملڪ آهن ان ڪري روس جي اک ڪَرَڙِي آهي ۽ اڃان تائين آمريڪا سان اکيون ملائي ڳالهائي ٿو ان ڪري ايران پاڻ کي مضبوط سمجهي ان ڪري روس مضبوط ترين آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.