ڌاڙيلن ۽ بدامني خلاف هلندڙ احتجاج ۽ پوليس جو رويو

تحرير: ممتاز سنڌي

ڪنڌڪوٽ جي شهرين کي لڳاتار هڪ مهيني کان ڌاڙيلن پاران روزاني ڀتي جون چٺيون اچڻ لڳيون پر پوليس هن وقت تائين خاموش بڻل آهي. آپريشن جي مد ۾ آيل 72ڪروڙ ڪرپشن جي ور چڙهي ويا ڏوهارين خلاف خاص آپريشن نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت ضلعي مان ست ماڻهو اغوا ٿيل آهن ۽ سوين ماڻهو ڌاڙيلن وٽ باندي آهن. شهرين کان هٿيارن جي زور ته ڦرون ٿي رهيون آهن پر سنڌ  حڪومت ۽ سنڌ پوليس ڏوهارين جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.

ٻئي پاسي تنگواڻي شهر جي عوام جو ڌاڙيلن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي فونن تي ڀتو جي وصولي   معمول بڻجي وئي آهي. ڀتو نه ڏيئڻ وارن کي ڌاڙيل  پريشان به ڪن ٿا، ڌمڪائين به ٿا۽ کين هراسان به ڪن ٿا.ڪيترن واقعن ۾ مٿن  فائرنگ ڪن ٿا.ان سان گڏ شهر مان هٿيارن جي زور ته روزاني  موٽرسائيڪلون به ڦرجڻ لڳيون آهن. عوام چورن جي ڊپ کان پاڻ  مرادو سڄي رات جاڳي پهرو ڏيئڻ تي مجبور آهي جڏهن ته پوليس غائب هوندي آهي.

ساڳي صورت حال غوث پور واسين سان آهي ۽ اتان جي واپارين کي به ڌاڙيلن پاران ڀتي جون چٺيون ملي رهيون آهن ۽ اتي به ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي. ڪنڌڪوٽ شهرين سان پڻ ساڳي حالت آهي  ۽ شهرين کان ڦرون عام آهن.  گهرن اندر گهڙي ڏوهاري روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪلون ڪاهي وڃن پيا. ڌاڙيلن جي خوف وچان معصوم ٻارن کي اسڪول به نه پيو موڪليو وڃي. ساڳي صورت حال ٻهراڙين  جي  استادن جي به آهي ته اهي اغوا جي  خوف کان اسڪولن ڏانهن نه پيا وڃن. جنهن سبب معصوم ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ۽ شهرواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

ٻ ئي طرف شهرين جو چوڻ آهي تي پوليس اسان کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي آخرڪار پوليس کان هٿيار وٺي ٿاڻن تي  اسين پاڻ ويهنداسين ڇو تي پوليس ڌاڙيلن اڳيان بي وس آهي ڪنڌڪوٽ شهر جا روڊ رستا گهٽيون هاڻ محفوظ نه رهيون آهن. بدامني سبب ڪرمپور، غوثپور ۽ ڪنڌڪوٽ مان ڪافي واپاري ۽ عام شهري پنهنجا شهرڇڏي هليا ويا آهن. جيڪڏهن بدامني نه گهٽي تي  ڪو ڏينهن ايندو جو شهر مڪمل طور تي خالي ٿي ويندو ۽ صرف ڌاڙيل وڃي بچندا. شهرين چيو ته امن جي خاطر ٽي ڏينهن شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. ڪنڌڪوٽ ۾آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃِي، ڏوھارين کان تنگ متاثر ڪاروباري طبقي مڪمل طور   ڪاروبار بند ڪري ڏيکاريو آهي. شھر جون اھم بازارون چوڪ، چوراھا ويران ٿي ويا آهن. اعلانيل ٻه ڪلاڪ احتجاج لاءِ گھنٽاگھر چوڪ تي ڪيمپ قائم ڪئي وئي جتي ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو پھچي آيل ورڪرن ۽ اڳواڻن کي داٻا، دڙڪا ڏيڻ لڳو. انھيءَ وچ ۾ پوليس ۽ ورڪرن ۾ ڏنڊ چڪ ٿي. عوام جي رش وڌڻ تي پوليس پويان پير ڪري پاسي تي بيهي رهي انھي دوران سياسي  اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس نه ٿي چاھي ته ڏوھارين جو خاتمو ٿئي. آپريشن جي نالي تي وڏو فنڊ ھڙپ ڪيو پيو وڃي.هنن چيو ته  ڏوھارين کي پوليس پاڻ طاقتور ڪيو آهي جنهن ڪري ڏوھاري بي خوف ٿي شھرن ۾ اچي وارداتون ڪري معززين، واپارين کان ڀتو وٺي رھيا آهن. اسين امن چاھيون ٿا. امن ڏيڻ رياست، حڪمرانن جي ذميواري آهي. ڪنڌڪوٽ، غوث پور، تنگواڻي ڪرمپور خالي ٿيندا پياوڃن  جنهن تي ڪنهن کي به ڳڻتي نه آهي اھڙي صورتحال رھي ته ڪنڌڪوٽ شھر مڪمل تباھ  ٿي ويندو انھيءَ تباھي کان بچڻ ۽ پنهنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ نڪتا آهيون. اسين واڳ ڌڻين اعلٰيٰ اختيارين کان فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيون ٿا جيئن ضلعي ۾ ڏوھارين جو مڪمل صفايو ٿي سگهي ۽ ڏوھارين کان ھي ضلعو پاڪ ٿي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.