ترڪي فلسطين جو حامي ۽ اسرائيل جو مخالف رھيو آھي.جڏھن تھ ايران سان ڪا گھڻي ويجھڙائپ نھ آھي.ماھرن موجب علائقائي تڪرار ۾ ترڪي فوج جي شموليت جو امڪان گھٽ ئي آھي.گذريل ڪيترن ئي مهينن دوران، ڪيترا ئي ملڪ وچ اوڀر ۾ جنگ ۾ واڌ ٿيڻ بابت خبردار ڪري چڪا آھن. اسرائيل تي ايران جي تازي حملي کانپوءِ اهي خدشا اڃان بھ وڌي ويا آهن.
ايران وچ اوڀر جي علائقائي طاقتن ۾ اھم آهي. ٻيو ترڪي آهي ۽ ترڪي 7 آڪٽوبر 2023 تي غزه جي پٽي تي اسرائيل جي حمليبعد اتي فلسطيني عوام جو ساٿ ڏئي رهيو آهي.ترڪ صدر رجب طيب اردگان ڪافي ڀيرا اسرائيل تي ”نسل ڪشي“ جو الزام مڙهيو آهي. هن اھو پڻ بار بار چيو آهي ته هو حماس کي ھڪ دهشتگرد تنظيم طور نه ٿو ڏسي ۽ اڪثر پنهنجي ”فلسطيني ڀائرن“ جي ڳالھھ ڪري ٿو.اردگان تازو پنهنجي ئي ملڪ ۾ خوف پئدا ڪري ڇڏيو، جڏھن پهرين آڪٽوبر تي ترڪ پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ھن اسرائيل تي الزام لڳايو ته هو ترڪي تي پڻ حملو ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ”اسرائيلي حڪومت پاڳل ٿي چڪي آهي. ترڪ صدر وڌيڪ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو اناطوليا تي قبضي جا خواب ڏسي رهيو آهي ۽ ھو خواب جي پٺيان ڊوڙي رهيو آھي.
ماھر موجب اردگان پنهنجي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۽ فلسطينين سان يڪجهتي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ترڪي وٽ نيٽو ۾ ٻيو نمبر سڀ کان وڏي فوج آهي، جيڪا ان کي نه رڳو فوجي طور مضبوط بڻائي ٿي ، بلڪھ اسرائيل وانگر ترڪي آمريڪا جو ويجهو اتحادي پڻ آهي.
عالمي لاڳاپن جي پروفيسر ايمريٽس ۽ استنبول بلجي يونيورسٽي جي اڳوڻي ريڪٽر التر توران جو چوڻ آهي تھ ترڪ صدر جي بيانن جو ڪجهھ ٻيو مطلب آھي.صدر اردگان پرڏيهي پاليسي کي پنهنجي ملڪي سياسي مقصدن لاءِ ھڪ ھٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. اسرائيل جو اهڙو ڪو به ارادو ناهي.
ماھر جو چوڻ ھو تھ انقره ملڪي سياسي ناڪامين کي نظر ۾ رکندي ٻين مسئلن ڏانهن ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ترڪي معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ اردگان گذريل مڪاني چونڊن کان وٺي سياسي حمايت وڃائي رهيو آهي.
عالمي سياست تي نظر رکندڙ ان خيال جا آھن تھ ترڪي جي جنگ ۾ ڌر بڻجڻ جا امڪان ٻڙي آھن.ترڪي هن تڪرار ۾ فعال حصو نه وٺندو.ترڪي اسرائيل طرفان ايران خلاف ڪارروائي کي منظور نھ ڪندو،ڇو تھ ترڪي ايران سان دوستي برقرار رکڻ چاهي ٿو.حڪومت ممڪن طور تي تهران کي اخلاقي مدد جي آڇ ڪري سگهي ٿي، پر ان کان اڳتي نه وڌندي.