آڳاٽي شاعره مرکا شيخڻ تي تحقيق ڪرڻ جي گهُرج

تحرير: خالده منير

دنيا جيئن جيئن ارتقائي مرحلن مان گذرندي آئي، تيئن تيئن ماڻهن ۾ سوچڻ سمجهڻ محسوس ڪرڻ جا زاويا بدلجندا رهيا، هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي پنهنجي زاويي مطابق پنهنجي پسند جا شعبا چوندي کنيا انهن ۾ تمام گهڻي مهارت حاصل ڪئي هنن پنهنجي علم ۽ عقل سان دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو، ڪيترائي ذهين دنيا ۾ اهڙا پيدا ٿيا آهن، جن فطرت کي نه صرف اکين سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو پر انهن ۾ فطرت کي محسوس ڪرڻ جو جيڪو ڏانءُ هو تنھن کي استعمال ڪندي ان کي اظهارڻ صلاحيت جي بنياد تي هن ڪيترائي قصيدا قلم بند ڪيا، جيڪو عام ماڻهو پڙهي حيران ٿي ويندو آهي، خوشبو صرف محسوس ڪري سگهجي ٿي، پر ان کي لکڻ ڏاڍو ڏک هوندو آهي، محبت جيڪو نظر نه ايندڙ احساس آهي، پر لکندڙ اهڙي ته ڪاريگري سان لکي ويندو آهي جو پڙهندي ماڻهو عجيب ڪيفيت جي دنيا ۾ هليو ٿو وڃي، جيئن ته آڳاٽي دور ۾ شاعر قصيدا لکندا هئا، يا مداح يا ڳيچ. انهن قصيدن ۽ ڳيچن ۾ اهڙو ته تاثير هوندو هو جو ٻڌندڙ جهومي پوندو هو، انهن احساسن ۽ جذبن کي نه صرف مرد دلڪش انداز ۾ بيان ڪيو آهي پر عورت پڻ ساڳئي شاندار انداز ۾ اظهاريو آهي.

عورت شاعرائن جي جيڪڏهن اسان تاريخ ڏسون ته اسان کي سومرن جي دور ۾ ڪجهھ ڪردار ملن جن ڄڻ ته مقامي ڳائي ويندڙ شاعري جي بنياد جا نقشا چٽيا، ممڪن آهي ته ان کان اڳ به عورت شاعرائون هجن جيڪي تاريخ جي ورقن م نه لکجي سگهيون ھجن، پر سومرن جو دور حڪومت 1050ع کان 1351ع دوران سنڌ ۾ رومانوي داستان شروع ٿيا، شاھ عبداللطيف جي ستن سورمين مان ڇهين سورمين جو تعلق سومرن جي دور سان آهي، سسي پنهون، عمر مارئي، سورٺ رائي ڏياچ، مومل راڻو، ليلا چنيسر توڙي سهڻي مهيار. اڳتي هلي هنن قصن کي تمثيل طور استعمال ڪيو ويو، جيڪو اڄ به جاري آهي. انهن قصن کي ڀَٽَن، ڀانن ڳائي وڄائي تمام گهڻو مشهور ڪيو، برھمڻ، سومرن توڙي سمن جي دور جا درٻاري شاعر گھڻو ڪري شجرا لکندا هئا انهن ۾ اڪثريت ڀَٽَن ۽ ڀانن جي هوندي هئي، ڀاڳو ڀان دودو سومرو جو درباري مشھور سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي، باقاعده سنڌي ادبي دور جي شروعاتي شاعري جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ڄاڻايو ويو آهي.

ان وقت جي مشهور شاعرن ۾ مرکان شيخڻ، سمنگ چارڻ، پير صدردين مشهور شاعر ٿي گذريا آهن، جن جي شاعري گهڻو ڪري تبليغي يا تعريفي رھي جنهن کي گنان چيو وڃي ٿو، جڏهن ته مرکان شيخڻ ان وقت جي بزرگ شيخ ڪرهيو ڀانڊاري جي مريد ھجڻ سبب، پنهنجي مرشد جي عقيدت ۾ شاعري ذريعي ساڻس محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو، مرکان شيخڻ پنهنجي مرشد جي شان ۾ مداحون ۽ ڳاھ چيا، پر ساڳئي وقت هن شادين ۾ ڳايا ويندڙ ڳيچ به چيا. سندس لکيل مداحن، ڳاهن ۽ ڳيچن جو ڪو وڏو ذخيرو ته ڪون ٿو ملي، پر محقق شيخ سومار جو لکيل هڪ ننڍڙو ڪتابچو مرکان جي شاعري تي مشتمل، "مرکان جا لاڏا” نالي ھيو، جيڪو به هن وقت ناياب ٿي ويو آهي، مارڪيٽ ۾ ڪٿي نظر نٿو اچي، مرکان شيخڻ جو جنم ڪرهيو ڀانڊاري ۾ ٿيو ڪرهيو ڀانڊاري بدين ضلعي کان 42 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ساحلي زيرو پوائنٽ تي روپا ماڙي کان اولھ طرف تپي چورهڏي جو ڳوٺ آهي، جيڪو هن وقت به ڳوٺ شيخ ڪرهيو جي نالي سان منسوب آهي، سنڌي ادب ۾ جيڪڏهن اسان عورت شاعرائن جي تاريخ ڏسنداسين ته ان ۾ سرفهرست مرکان شيخڻ جو نالو ايندو نموني طور سندس  شاعري هيٺ رکجي ٿي

هي ڪانڊيرو ڙي لس

هي واسڙي وس

آءُ کلندي ڪڏندي اچان

ڪرهل ڏنم سک يار ۾

آئون کلندي ڪڏندي اچان

ڀانڊاري ڏنم سک يار ۾  آئون کلندي ڪڏندي اچان

هي واسڙي وس

هي ڪانڊيرڙي لس

يا هن طرح

دهل گهرايم سهڻا مور چندور

مرشد جي ملي ته رھاڻ

ڪڙهيل جي جهلي تي رھاڻ

جئين پير لوڏو ڪندين سنڌ ۾

شرنايون گهرايم سهڻيون مورچندور

مرشد ملي ته رھاڻ

ڪرهيل جي جملي تي رھاڻ

جئين پير لوڏو ڪندين

سنڌ ۾ شاعري ھر دور جي  حساب سان هوندي آهي مرکان جي شاعري سندس دور مطابق هئي پاڻ اڪثر ڪري پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ سماع ۾ هوندي هئي مداحون ڳاھ چوندي هئي.ٿي سگھي ٿو ته سنڌ جي ڪنھن ڪنڊ پاسي اھڙا ٻيا ڪردار به ھجن جيڪي وقت جي دز جو شڪار ٿي ويا ھجن پر ڪو سرڪاري يا غير سرڪاري ادارو يا فرد اگر ھمت ڪري ته ڪافي مواد سھيڙي سگھجي ٿو. منھنجي صلاح آھي ته مرکان شيخڻ تي وڌيڪ تحقيق ۽ لکڻ جي ضرورت موجود آھي ان ڪري سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي ان طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن آھستي آھستي ميسارجندڙ ھي اثاثو محفوظ ڪري سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.