گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو+يوسف منگي)گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ماٿيلي چوڪ ڀرسان ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ڪولاچي ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي ويو، جنهن دوران علائقو ميداني جنگ بڻيل رهيو، فائرنگ، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ فدا حسين ڪولاچي، فرمان علي ۽ عمران علي مارجي ويا، جڏهن ته ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نينگر انيس، عامر علي، مسمات سميرا، مسمات حوران زال منظور احمد بوزدار شامل آهن. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقيٰ اسپتال منتقل ڪرايو. ان سلسلي ۾ ڪولاچي برادري جي ماڻھن جو چوڻ هو ته الھوسايو شيخ پنهنجي ھٿياربندن ساٿين سان ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان اسان جي مٿان ناحق حملو ڪري اسان جا ماڻھو قتل ڪيا آھن، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.پوليس موجب ته مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته واقعو ٻارن جي ڳالهه تان ٻڌايو پيو وڃي، ٻئي پاسي مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.هوڏانهن رابطو ڪرڻ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي جو چوڻ هو ته جھيڙي واري واقعي بعد 3 ڄڻن الله وسايو شيخ، ڪامران منگي ۽ آفتاب منگي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.