ماضي جي ڀيٽ ۾ هن وقت بلوچستان جي عوامي ۽ سياسي سوچ ۾ مثبت تبديلي اچي رهي آهي۔هاڻ اتان جو سردار به پنهنجا رويا تبديل ڪري عوامي سياست طرف لاڙو اختيار ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن جو مثال بي اين پي جو سربراه سردار اختر مينگل آهي جنهن تازو ئي قومي اسيمبلي جي نشست تان مستعفي ٿي پارلياماني سياست کان ڪناره ڪش ڪري چڪو آهي جڏهن ته نيشنل پارٽي بلوچستان جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ به پنهنجي سياسي سوچ ۾ وڏي تبديلي آڻي چڪو آهي ۽ سندس سياست جو محور به عوامي طرز حڪومت آهي جنهن بلوچستان جي قومي وسيلن جي حفاظت جو نعرو پنهنجي منشور ۾ شامل ڪندي عوام کي بنيادي سياسي ۽ سماجي حق ڏيڻ مطالبو ڪيو اٿس.
ان ڏس ۾ ڊاڪٽر عبدالمالڪ 26 آڪٽوبر تي پارٽي ڪنوينشن ڪوٺايو آهي جنهن ۾ چئني صوبن مان پارٽي وفد شرڪت ڪندا۔ڪنوينشن کان اڳ نيشنل پارٽي جا وفد چئني صوبن جا دورا ڪري رهيا آهن جيئن گڏيل حڪمت عملي جوڙي چئني صوبن جي ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي مسئلن جو جوڳو حل ڳولهي سگهجي.نيشنل پارٽي بلوچستان جي هڪ وفد اڳوڻي ايم پي اي ميڊم ياسمين بلوچ ۽ مختيار بلوچ اربع ڏهاڙي حيدرآباد جو مختصر دورو ڪيو ۽ سياسي ڊائلاگ تي ٻڌل بيٺڪ جو انعقاد ڪيو جنهن ۾ نيشنل پارٽي حيدرآباد جي اڳواڻن هر هڪ تاج مري ڪامريڊ ڊاڪٽر سلطان، نواب مگسي، غلام حُسين لغاري،ايڊوڪيٽ افضل بالادي مختيار ڏاهاڻي ادي فضا مري ڪامريڊ خادم ناريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نيشنل پارٽي بلوچستان جي عورت اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي ميڊم ياسمين بلوچ ٻڌايو ته نيشنل پارٽي بلوچستان جو مرڪزي ڪنوينشن 26 آڪٽوبر کان ڪوئيٽا ۾ ٿي رهيو آهي جنهن کان اڳ هو سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جو دورو ڪري ڪارڪنن سان سياسي ڊائلاگ ڪري سندن سياسي ۽ سماجي مسئلا معلوم ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي ڪنوينشن ۾ بحث هيٺ آڻي گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي۔نيشنل پارٽي سياسي سماجي ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ پارٽي آهي جنهن جو مک مقصد سياسي معاشي استحڪام آڻڻ ۽ وسيلن جو تحفظ ڪرڻ آهي۔هن واضح ڪيو ته سنڌ ۽ بلوچستان واحد صوبا آهن جن کي پنهنجا سمنڊ ۽ معدني وسيلا آهن پر انهن جي مالڪي جو حق صوبن بدران وفاق وٽ آهي جنهنڪري ٻنهي صوبن جو عوام بي حسي جو شڪار آهي۔هن واضح ڪيو ته نيشنل پارٽي متوقع آئيني ترميم تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندي ۽ کيس تحفظات آهن جيڪڏهن ترميم عوامي ۽ ملڪي مفاد وٽان آهي ته اها پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان اڳ انجو مسودو پڌرو ڪيو وڃي ۽ عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔نيشنل پارٽي آئين ترميمن وسيلي فوجي ڪورٽن کي ڪنهن به صورت ۾ تحفظ ڏيڻ جي حق ۾ ناهي نه وري انهن تبديلين جي حق ۾ آهن جنهن سان عام ماڻهو جا حق متاثر ٿين بلوچستان جي تبديل ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺبو ته اتان جو عوام سرداري ۽ نوابي نظام کان هاڻ الڳ ٿلڳ ٿيڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن متبادل سياسي قيادت طرف لاڙو رکڻ پسند ڪري ٿو. بلوچ عورت جيڪا سياست کان سدائين پري رهي آهي ووٽ ڏيڻ به ڪونه ويندي هئي اها ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي سياست ۾ نمودار ٿيڻ بعد هاڻ ذهني طور تبديلي آندي آهي ۽ پنهنجي حقن خاطر روڊن تي نڪتيون آهن جيڪا پڻ وڏي تبديلي آهي۔ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ نڪتل لکن جي انگ ۾ عورتن جي ريلي ۽ لانگ مارچ کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي۔اهڙي طرح گوادر احتجاج به سگهارن قوتن کي جاڳائي ڇڏيو آهي ته بلوچستان جو ماڻهو هاڻ سردارن کي به گاهه نٿو وجهي انهن جي اثر مان ٻاهر نڪري چڪو آهي ۽ جنهن نموني اتي عوامي سطح تي سياسي سجاڳي ڪر کنيو آهي ڪٿي ته دنگ ڪندو جيڪو پڻ سوال آهي.
نيشنل پارٽي بلوچستان جي وفد جي سياسي ڊائلاگ بيٺڪ ۾ اهو طئي ٿيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا سياسي سماجي ۽ معاشي مسئلا هڪجهڙا آهن فرق اهو آهي ته سنڌ جا ماڻهو روڊن واري سياست ڪن ٿا پنهنجا مسئلا اتي آڻين ٿا جڏهن ته بلوچستان جو ماڻهو جبلن تي چڙهي سياست ڪري ٿو ۽ اهڙي سياست ستر سالن ۾ بلوچ ماڻهن کي ڪجهه به ناهي ڏنو نه وري حڪمران ئي ڪو فائدو وٺي مسئلن کان آجي حڪمراني ڪري رهيا آهن جنهن جو ڪو مثبت حل ڳولڻو پوندو۔ اهو حل اتان جي ماڻهن کي پنهنجا سياسي سماجي ۽ معاشي حق ڏيڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.
بلوچستان جي سياسي جوڙڪ جڪ ۽ حڪمراني جو جائزو وٺبو ته اتي مقامي سياسي ڌرين جي ڪڏهن به ڪا پنهنجي مضبوط ۽ آزاد حڪومت ناهي رهي۔پ پ پ ن ليگ ق ليگ جي يو آء جون وفاق پرست حڪومتون رهيون آهن يا وري سگهارن ادارن جون سهڪاري حڪومتون رهيون آهن جن جا پنهنجا ذاتي ۽ وسيع مفاد هيا جنهن ڪري به بلوچستان جي ماڻهن ۾ مايوسي پئدا ٿي ۽ رهي جنهنڪري به عوام باغي ٿيا ۽ باغين کي جڏهن دهشتگرد ۽ شرپسند سڏي مٿن ظلم ۽ زيادتيون ڪيون ويون ته اهي جبلن تي هليا ويا۔ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي ۽ جمهوري دور حڪومت ۾ بلوچستان ۾ پهريون ڀيرو نعپ تي بندش مڙهي اتان جي سردارن ۽ سياسي اڳواڻن کي باغي قرار ڏئي جيلن ۾ بند ڪيو ويو تڏهن کان اتي بي آرامي پئدا ٿي ماڻهو جبلن تي چڙهي ويا بعد ۾ ضياء الحق ۽ پرويز مشرف جي دور حڪومتن ۾ به اھڙي قسم جا آپريشن ٿيا جن سردارن کي به جبلن ڏانهن ڀڄڻو پيو ۽ نواب اڪبر بگٽي حملي ۾ مارجي ويو جنهن به عوام ۾ بي آرامي ۽ مايوسي پئدا ڪئي بلوچ ماڻهو ڪافي ڊنل آهي.
هن وقت بلوچستان جي جيڪا اندروني صورتحال آهي باغي ذهن رکندڙ ماڻهو جبلن تي هٿيار بند ٿي ويٺل آهي جنهن سان لاقانونيت ۾ اضافو ٿي چڪو آهي ۽ جبلن تي ويٺل خوف وچان لهڻ لاءِ تيار ناهن.بلوچستان کي افغانستان ۽ ايران جون سرحدون ملن ٿيون جتان به دراندازي ٿيندي رهي آهي۔ڀارت جي مداخلت به نظرانداز ڪري نٿي سگهجي جنهن جا ايجنٽ به ماضي ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن۔بلوچستان لبرل آرگنائيزيشن به سرگرم عمل آهي جنهنڪري به حالتون قابو ۾ ناهن۔زوب ۽ ڪراچي وارا تازا واقعا به نظرانداز ڪري نٿا سگهجن۔هنن حالتن ۽ روين کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي جنهن لاءِ قومي سطح تي سياسي ڊائلاگ ٿين سگهارن ادارن کي به روين ۾ ڪجهه نرمي آڻڻي پوندي جبلن تي ويٺلن لاءِ عام معافي جي اعلان سان گڏ کين سياسي سماجي معاشي سرگرمين ۾ پوري ريت حصو ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته سياسي ڊائلاگ ئي بلوچستان مسئلي جو حل آهي۔سامونڊي ۽ معدني وسيلن ۾ بلوچ ماڻهو کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي اتي مقامي صنعتن تي بلوچ نوجوانن کي نوڪريون ڏئي راضي ڪرڻو پوندو۔صحت ۽ تعليم جا وسيلا پئدا ڪرڻا پوندا۔تقرير تحرير جي آزادي به وقت جي ضرورت آهي۔حقيقت ۾ ملڪ جي ترقي صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي تي منحصر آهي جنهن جو اعتراف ڪرڻو پوندو.
هن وقت بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جون حڪومتون آهي وفاق ۾ به پ پ پ جو اثر آهي جتي پ پ پ جو صدر ايوان صدر ۾ ٻيو ڀيرو پهتل آهي پوء به سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا حل نه ٿين بي حسي چئجي. بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ جيڪڏهن مثبت قومي سوچ جي تحت ڪنوينشن ڪوٺائي رهيو آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي جو انهي ڪنوينشن ۾ چئني صوبن مان قومي سوچ رکندڙ وفد شريڪ ٿيندا ۽ پنهنجي پنهنجي صوبن جا سياسي سماجي ۽ معاشي مسئلا سامهون رکندا جن تي بحث ٿيندو ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي۔ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ان ڪنوينشن ۾ بلوچستان جي ڳنڀير صورتحال تي به بحث ٿيڻ گهرجي جو اتي آئي ڏينهن مزدور ماڻهو ماريا وڃن ٿا جيڪي مارجڻ نه گهرجن ڀلي ڪنهن به صوبي جا ڇو نه هجن۔مقامي ماڻهن کي معاشي سماجي حق ملڻ گهرجن ۽ تعليم وسيع ڪري کين غربت ۽ بيروزگاري کان تحفظ ڏنو وڃي۔.
ڊاڪٽر عبدالمالڪ 26 آڪٽوبر تي پارٽي ڪنوينشن ڪوٺايو آهي جنهن ۾ چئني صوبن مان پارٽي وفد شرڪت ڪندا۔ڪنوينشن کان اڳ نيشنل پارٽي جا وفد چئني صوبن جا دورا ڪري رهيا آهن جيئن گڏيل حڪمت عملي جوڙي چئني صوبن جي ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي مسئلن جو جوڳو حل ڳولهي سگهجي.