علي امين گنڊاپور جي ڊرامي جو پس منظر ڇا آهي؟

تحرير: سيد مجاھد علي

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس ان اسميبلي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي پراسرار گم ٿيڻ بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ طلب ڪيو ويو پر ان وچ ۾ علي امين گنڊاپور اتي پهچي ڪري پراڻي ڳٺل تقرير ڪري  ۽ دعويٰ ڪئي تھ  24 ڪلاڪن تائين اسلام آباد ۾ موجود هو  پر پوليس کي نه مليو. بهرحال، هن اهو نه ٻڌايو ته  هن ڀيري  ھو ڪنھن سان ملاقات  لاءِ ”روپوش“  ٿيو ھو.

ان کان اڳ گذريل مهيني اسلام آباد جي سنگجاني ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ علي امين گنڊاپور جي چڙ ڏياريندڙ  تقرير کانپوءِ جڏهن حڪومت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري رهي هئي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پراسرار طور گم ٿي ويو هو. ستن اٺن ڪلاڪن تائين ”غائب“ رهڻ کان پوءِ اوچتو پشاور ۾ ظاهر ٿيو ۽ ٻڌايو ته هو ڪنهن ”اهم ملاقات“ لاءِ ويو هو. ان وقت به نه علي امين گنڊاپور اھو نھ  ٻڌايو ته هو ڪنهن سان ۽ ڪهڙي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ويو ھو ۽ نه ئي تحريڪ انصاف ان ڳالهه تي معذرت  جي ضرورت محسوس ڪئي. ان  پنهنجي مرضيءَ سان غائب ٿيندڙ اڳواڻ کي گم ٿيل چوندي ايجنسين ۽  حڪومت تي کيس اغوا ڪرڻ جا الزام لڳايا. علي امين گنڊاپور کان وضاحت طلب نھ ڪئي تھ  هو سمورا رابطا ختم ڪري اھڙي وقت ۾ ڪهڙي مشن تي روانو ٿي ويو ھو.جڏهن سڄي پارٽي قيادت گرفتارين ۽ پوليس جي جبر کي منهن ڏئي رهي هئي ؟

ان پسمنظر ۾ علي امين گنڊاپور جي ڪردار ۽ نيڪ نيتي بابت سوال اڀرن ٿا. هڪ ڀيرو وري ھو بظاهر  اسلام آباد جي ڊي گرائونڊ ۾ احتجاج ۽ ڌرڻي لاءَ پئي آيو،پشاور کان نڪتو پر اسلام آباد پھچي ڪري اتان کان اوچتو خيبرپختونخواهه هائوس پھچي ويو.

ان وچ ۾ پوليس ۽ رينجرز مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي هئي.جنھن ۾، ڪي پي ڪي پوليس جا ڪيترائي اهلڪار به شامل هئا. جن مان 11 اهلڪارن کي وفاقي پوليس گرفتاربھ  ڪيو آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي هائوس تي رينجرز جي ڇاپي جي اعلان سان اھو الزام هڻندي ميدان ۾ نڪري آئي ته علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ان واقعي کي وڏي وزير جي اغوا جو واقعو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي 24 ڪلاڪن اندر آزاد ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.ساڳئي وقت صوبائي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان اجلاس گهرائڻ لاءِ خط ۾  چيو ويو  ته اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اغوا واري معاملي تي غور ڪيو ويندو. اھو ئي اجلاس علي امين گنڊاپور جي واپسي ۽ سندس پاڻ لڪائڻ واري  اعتراف ٻڌڻ کانپوءِ تاڙيون وڄائيندو رھيو. ڪنهن ميمبر اهو سوال نه ڪيو ته پوءِ تحريڪ انصاف پاران گرفتارين ۽ اغوا جو ڊرامو رچائڻ ۽ ڪوڙ پکيڙڻ جو ڪهڙو جواز هو؟

ان حوالي سان ڪي پي ڪي ،جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ھڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي  چيو ته علي امين ”وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کيڏي رهيو آهي.“  وري وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، جيو نيوز سان ڳالهائيندي  الزام هنيو ته هو چاهين ٿا ته پاڪستان معاشي بحران مان نه نڪري. دنيا پاڪستان سان تعاون نه ڪري ۽ ايندڙ ڪانفرنس کي سبوتاز ڪيو وڃي.

واضح رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهه ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ واري  آهي.جنھن ۾ ھندوستان  جو پرڏيهي وزير جي شنڪر  هندستاني وفد جي اڳواڻي ڪندو. اهو ئي سبب آهي ته تحريڪ انصاف جو اوچتو احتجاج ۽ آرٽيڪل 144 جي باوجود اسلام آباد ۾ ڊي گرائونڊ پهچڻ جو اعلان ڪيترن ئي حلقن لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو هو.

علي امين گنڊاپور جي گمشدگي بابت پروپيگنڊا ۽ احتجاج بي بنياد نظر اچي ٿو. بهرحال ان سان  سياسي سنجيدگيءَ تي سنگين سوال اٿن ٿا. ڇا پارٽيءَ کي خبر هئي ته علي امين گنڊاپور پنهنجي مرضيءَ سان لڪي رهيو آهي پر سياسي مقصدن لاءِ ان جا اڳواڻن ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ، ڇا اهڙي غير ذميواراڻي حڪمت عملي کي عملي طور احتجاج  ۾ ناڪامي  سبب بدحواسي طور تي ڏٺو وڃي يا پارٽي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجن مايوس ڪارڪنن ۽ همدردن کي گهرن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي؟ هڪ وڏي سياسي پارٽي، جيڪا چونڊن ذريعي ملڪ تي حڪمراني جا خواب ڏسي ٿي تنهن مان اها اميد نٿي رکي سگهجي ته هو ڪوڙ تي ٻڌل سياسي بيانئو ٺاهيندي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف ان معاملي تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪندي واضح لفظن ۾ معافي نھ ٿي وٺي ته پارٽي جي نيڪ نيتي ۽ سياسي ساک تي سوال اٿارڻ جو جواز پيدا ٿيندو.

ان افسوسناڪ واقعي جي هڪ ٻئي رخ ڏانهن  ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اشارو ڪيو آهي. جنھن موجب علي امين وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کيڏي رهيو آهي. يعني ھو عمران خان جي سياسي جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪري ٿو  پر حقيقت ۾  اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺل آهي.بهرحال ان قصي جو دلچسپي پاسو ھي ھوندو تھ خود عمران خان جو ان معاملي تي  ڪهڙو ڪردار آهي.

هاڻي اسلام آباد پوليس پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ چيو آهي ته انهن مان گهڻا پروفيشنل ماڻهو آهن جن کي اسلام آباد ۾ فساد  برپا ڪرڻ  لاءِ آندو ويو  ھو. ان مقصد لاءِ نه رڳو خيبرپختونخواهه جا مالي وسيلا خرچ ڪيا ويا آهن پر سرڪاري عملدار به ان ۾ ملوث  ٿيا آهن. هاڻي وفاقي حڪومت ان حوالي سان خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪردار جي جاچ ڪري رهي آهي. پر جيڪڏهن علي امين گنڊاپور واقعي دلير اڳواڻ آهي ته پوءِ هو موقعي تي غائب يا دير سان ڇو ٿو اچي. ڇا عمران خان کي سندس ٻٽي ڪردار جي خبر آهي يا هو پڻ علي امين گنڊاپور جي ان ڊرامي ۾ به شامل آهي؟ جيڪڏهن علي امين گنڊاپور جي وري  غائب ٿيڻ کانپوءِ به خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير رهي ٿو ۽ عمران خان به ساڻس جيل ۾ ملاقات لاءِ راضي آهي ته پوءِ علي امين گنڊاپور جي نھ پر عمران خان جي نيت تي سوال اڀرن ٿا.

عمران خان ملڪ ۾ وڳوڙن ۽ تشدد جي سياست ذريعي سياسي ٽارگيٽ يعني اسٽيبلشمينٽ کي مجبور ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي. تحريڪ انصاف هر ڀيري سوشل ميڊيا تي اها مهم شروع ڪندي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جا اعليٰ عهديدار عمران خان کي جيل ۾ ويهي التجا ڪندا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طرح معافي وٺي ۽ صلح لاءِ تيار ٿي وڃي.جڏھن تھ  ظاهري صورتحال جي تصوير ان جي ابتڙ آهي.ھيتري گوڙ ۽ احتجاج بعد ھاڻي عمران خان کي  قبول ڪرڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي مقبوليت جي بنياد تي ان صورت ۾ ئي  هڪ متحرڪ سياسي قوت بڻائي سگهندو جڏهن ان جماعت کي مثبت پارلياماني رستي سان جدوجھد طرف آڻيندو.

لاقانونيت، تشدد، ماڻھن کي ڀڙڪائڻ ۽ الزام تراشي جي سياست سان تحريڪ انصاف لاءِ مسئلا پئدا ٿيندا ۽  اقتدار حاصل ڪرڻ ويتر ڏکيو بڻجي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.