سنڌو درياهه جي پاڻي تي پنجاب جي هر وقت نظر هوندي آهي ۽ ان جي اها ڪوشش هوندي آهي ته سنڌوءَ جو سمورو پاڻي اسان جي زمينن کي سيراب ڪري، پهرين به سنڌو درياهه تي تربيلا ۽ منگلا ڊيم موجود آهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جون به وقت به وقت بيان بازيون هلنديون رهيون آهن. هاڻ اها ڳالهه جڏهن پراڻي ٿي وئي ته مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪينال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر غيرقانوني عمل آهي، عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي جون ڪوششون ڪرڻ، ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي پنجاپ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ خلاف سموري سنڌ کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
انهي ئي سلسلي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان چمبڙ شهر ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي صوبائي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي سوشل سيڪريٽري ارباب رستماڻي ۽ ڊي ايس ايف اڳواڻ ذوالفقار کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جو مقصد ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ان جي نالي تي سنڌوءِ درياهه تي قبضو ڪرڻ جي خلاف احتجاج ريڪارڊ ڪرڻ هو، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ هڪ بينر هو جنهن ۾ لکيل هو ته ” ارسا ايڪٽ ۾ ترميم نامنظور، پنجاب ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ الاٽ ڪيل زمين لاءِ سنڌو درياهه مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ بند ڪيو” اڳواڻن اقبال خان، ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل ، صديق سولنگي ۽ ٻين تقريرون ڪندي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف تقريرون ڪيون، ڪامريڊ اقبال چيو ته سنڌو درياهه مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ 91 جي معاهدي جي خلاف ورزي آهي،رياست تي قابض اشرافيا ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نام نهاد نعري کي استعمال ڪندي نگران حڪومت ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين وٺي سنڌو جي پاڻي تي ناجائز قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ جا هاري آبادگار سنڌ جون ترقي پسند جماعتون متحد ٿي ڪالاباغ ڊيم جهڙي تحريڪ هلائي انهي سازش کي ناڪام بڻائن۔ آئون ڪميونسٽ پارٽي طرفان سموري ملڪ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌوءِ درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ جي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪرڻ تي کين سلام پيش ڪيان ٿي،
وهان سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ اهي خبرون پڙهندا هوندا ته اڄ ڦلاڻي شهر ۾ آبادگارن طرفان پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، ڦلاڻي علائقي ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري زمينون بنجر بڻجي ويون، سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏينهون ڏينهن ڳڙڪائي رهيو آهي، انهن سڀني مسئلن جو حل ڇا آهي؟ حل صرف هڪ ئي آهي ته سنڌو درياهه تي پهريون حق سنڌين جو آهي، هينئر اها پوزيشن آهي جو پوڇڙي جي آبادگارن وٽ پاڻي ناهي، درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نه پهچڻ ڪري سمنڊ زمينن کي تباهه ڪري رهيو آهي، موجوده سنڌ گورنمنٽ سنڌين جي انهن مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڪوشش ڪرڻ ۽ ڪوشش ڪر قدم کڻڻ بجاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم تحت درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي، هڪ ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي قبضا ته ٻيءَ طرف وري اشرافيا ۽ سندس پوئلڳ سنڌ گورنمنٽ طرفان سنڌو سڪائڻ جو تحفو، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ گورنمنٽ سنڌي قوم جي سڄڻ ئي ناهي، انهي کي صرف اشرافيا جي هٿن جو آشيرواد گهرجي، قوم سان ڇا به ٿئي انهيءَ سان انهن جو و به تعلق ناهي.
آئون سنڌ جي تمام سياسي پارٽين ، قومپرست ڌرين کاٻي ڌر جي سڀني تنظيمن کي اها اپيل ڪنديس ته خدارا هي وقت اٿئو سنڌ جي جياپي سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ هينئر نه اٿياسين اشرافيا کان ڊڄي جدوجهد نه ڪئي ته اوهان تاريخ پڙهي ڏسو ، جنهن جنهن قوم جي فردن پنهنجي دريائن، معدني وسيلن ، زبان، ڪلچر کي بچائڻ لاءِ جدوجهد نه ڪئي اها قوم تباهه ۽ برباد ٿي وئي، انهن جو نالو نشان ئي مٽجي ويو، صرف سياسي پارٽين جو نه پر سنڌ ۾ رهندڙ هر فرد جو اهو فرض آهي ته هو انهن ڇهه ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف آواز اٿارين، ڪافي پڙهيا لکيا دوست اهو چوندي نظر ايندا آهن ته اسان جو ڇا وڃي، پنهنجو ڪمايون ٿا پنهنجو کائون ٿا، انهن دوستن کي ٻڌائيندا هلون ته جيڪا لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي ان مان ملندڙ پئسن ۾ اوهان جي ڪوشش ڪو به حصو ناهي، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اشرافيا اوهان کي اکين تي ويهاريندا؟ نه قطئي نه، قوم جا لکين ماڻهو پنهنجي زمينن تان هٿيارن جي زور تي بي دخل ٿيندا، اوهان کي ته انهيءَ گرين پاڪستان طرف ڏسڻ به ڪونه ڏيندا، ۽ مثال طور جيڪڏهن ڪنهن هڪ علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي هڪ سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي ته پنج سئو ايڪڙ ٻي زمين تي به قبضو ڪيو ويندو يا وري انهن زمين جي مالڪن کي هيسائي ڀڳڙن مٺ اها زمين خريد ڪئي ويندي، ۽ هينئر جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اسان جي زمينن ۾ اچي ٿو ۽ اسين ٻه ايڪڙ پوکي پنهنجي اولاد کي ماني گرهه ڏيون ٿا اهو پاڻي به اسان جو بند ٿيندو، اوهان ائين نه سوچيو ته پوءِ اسين قانوني در کڙڪائينداسين ، آئون اوهان کان اهو سوال ڪرڻ چاهيان ٿي ته هڪ اشرافيا کي اوهان جو ڪمشنر ، ڊي سي اوهان جي ڪيل درخواست تي گهرائيندو؟ نه قطعي نه، ان لاءِ خدارا اٿو سجاڳ ٿيو، پنهنجي ڌرتيءِ پنهنجي درياهه جي بچاءُ لاءِ جدوجهد ڪيو