هونئن ته سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ لاڳو ٿيل آهي، جتي ڌڙا ڦرون، اغواڪاري ۽ قبيلائي جهيڙن جا واقعا ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن پر سنڌ جي اترين پاسي جيڪا بدامني جي باهه ٻري پئي آهي، ان ماحول ۾ پرامن، شريف شهرين جو رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي پيو آهي.ڇاڪاڻ ته ڌاڙيل هاڻ ڪنهن به قسم جي واردات ڪرڻ لاءِ رات جي بدران ڏينهن کي اهميت ڏيڻ لڳا آهن، ۽ اهي ڏينهن ڏٺي جو بنا ڪنهن خوف جي ديده دليري سان شهرين کي اغوا ڪري وڃن ٿا. يقينن اها قانون جي ڪمزوري آهي، ڪنهن به ملڪ ۾ جڏهن قانون ڪمزور ٿي ويندو آهي ته اتي لاقانونيت وڌي نه رڳو شهرين لاءِ مسئلا ۽ بيچيني پيدا ڪندي آهي پر اها ملڪ جي سالميت ۽ معيشت لاءِ به خطرناڪ بڻجي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اتان جا شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويندا آهن، ۽ اهو سماج غير يقيني واري صورتحال جي ور چڙهي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندو آهي. بلڪل ايئن ئي جيئن موجوده وقت ۾ اسان کي شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
ڌاڙيلن کي ايترو طاقتور بڻائڻ ۾، جو هو سري عام رياست جي رٽ کي چينلج ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي للڪاريندا رهن ٿا، ڪنهن غير معمولي قوت جو هٿ ئي ٿي سگهي ٿو. ڪچي جا ڌاڙيل جيڪي ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خطرناڪ هٿيارن جي نمائش ڪندي ڏٺا وڃن ٿا، وٽن اهي هٿيار ڪٿان کان اچن ٿا، ڪچو ته ٺهيو، پر شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، سکر سميت سڄي سنڌ ۾ اهڙيون ڪي به فيڪٽريون ناهن جتي ان قسم جا خطرناڪ هٿيار ٺاهيا ويندا هجن. ظاهر ڳالهه آهي ته اهي خطرناڪ هٿيار جيڪي پوليس وٽ به ناهن ڪن ڏورانهين هنڌن کان ايندا هوندا. جيڪڏهن ان سڄي عمل ۽ چرپر جي ٻڙڪ ڳجهن ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نٿي پوي اها سندن ڪارڪردگي وڏو سواليه نشان آهي. ڇاڪاڻ ته ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين سبب نه رڳو ملڪ جا عام شهري ڀوڳي رهيا آهن پر ان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پڻ شهيد ٿي رهيا آهن، جنهن سان رياست جو وقار مجروع ۽ رٽ ڪمزور ٿي رهي آهي.
ان سڄي عمل ۾ هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته سنڌ ۾ جتي جتي بدامني وڌيڪ آهي، اتي ڀوتارڪو راڄ قائم ٿيل آهي، اتان جا پوليس ٿاڻا ۽ ڪامورا جهڙوڪ ڀوتارن جي ماتحت هجن. اها گهڻي پراڻي ڳالهه ناهي اٽڪل سال کن اڳ پهريان ڪشمور شهر مان ڏينهن ڏٺي جو ساگر ڪمار کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ شهرين ڊيرا موڙ ڪشمور ۾احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختوخواهه ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا هئا.اهو احتجاج ڪيترائي ئي ڏينهن جاري رهيو هو، جنهن جي ويجهڙائي وارن شهرن سميت سڄي سنڌ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا هئا. شهرين جو شعور ۽ ڀوتارڪي راڄ خلاف برپا ٿيل نفرت ۽ ڌڪار جي لهر ڏسي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙن پاران هٿياربند ريلي ڪڍي وئي هئي، جنهن ۾ سوين ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ ماڻهو غيرقانوني هٿيار کڻي سڄي شهر جو گشت ڪري سڄو ڏينهن شهرين کي هراسان ڪندا رهيا پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته ان دوران ڪٿي به پوليس جو ڪو ڪردار نظر نه آيو. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوهن جا پيرا ڪٿي ڪٿي ويندا آهن.
جڏهن ظلم انتها تي پهچي ويندو آهي ته مظلوم اٿي کڙو ٿيندو آهي. ڪشمور جي شهرين کان پوءِ تنگواني واسي پڻ روز روز جي وارداتن کان بيزار ٿي روڊن تي نڪري آيا آهن، جيڪي گذريل ٻن هفتن کان سراپا احتجاج آهن، ۽ ان احتجاجي تحريڪ جو دائرو آهستي آهستي وڌي رهيو آهي جيڪو ڪنڌڪوٽ شڪارپور ۽ ڪراچي تائين پهچي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ڌاڙيلن جو ڏاڍ هاڻ برداشت جوڳو ناهي رهيو. گڊو مان مهينو کن اڳ هڪ معصوم ٻار کي گهر جي اڳيان راند کيڏندي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو ۽ نه ئي ان معاملي ۾ پوليس ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو آهي. حالتون ان قدر ڳنڀير بڻجي چڪيون آهن جو والدين پنهنجي ٻارڙن کي اغوا جي خوف کان اسڪول موڪلڻ کان به لنوائڻ لڳا آهن ۽ سندن ساهه سدائين مٺ ۾ هجي ٿو.
سنڌ جي جن ضلعن ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، انهن سمورن ضلعن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميد وار چونڊن ۾ ڪامياب ٿي اسيمبلي ۾ پهتا آهن. جنهن سبب پاڪستان پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي سگهه ملي آهي. پر تعجب جي ڳالهه آهي ته شهرين جي لاڳاتار احتجاج ۽ ڌاڙ گهوڙا ڪرڻ جي باوجود سنڌ سرڪار امن جي بحالي لاءِ ڪو به ٺوس قدم ناهي کنيو. جڏهن ته سنڌ سرڪار جي اولين ترجيح امن ئي هجڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته امن زندگي جي هر شعبي ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو، امن سان زندگي جا ڪيئي پهلو مشروط آهي. سنڌ جا ماڻهو پي پي پي کي ميڊئيٽ ڏئي اسيمبلين تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا، سنڌ حڪومت جو به اهو فرض بڻجي ٿو انهن کي ڌاڙيلن جي رحم وڪرم نه ڇڏڻ گهرجي.
سنڌ سرڪار ڪيتري به ترقياتي رٿائن جي دعويٰ ڇونه ڪري پر جيڪڏهن هن امن جي بحالي لاءِ ڪو ٺوس قدم نه کنيو ته ان جو ايندڙ چونڊن ۾ کيس سياسي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. بدامني جي اثر کان هر عام و خاص شهري بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي. جيڪو پنهنجو پهريون ردعمل احتجاج وسيلي ظاهر ڪرڻ شروع ڪري چڪو آهي ۽ هو پنهنجو ٻيو ردعمل، جيڪو يقيني طور تي پهرين کان ڪافي سخت هوندو چونڊن دوران پولنگ اسٽيشن ۾ ظاهر ڪندو.