ڪنڊياري لڳ 4 فوٽ بيٺل پاڻي مان جنازو گذارڻ واري وڊيو وائرل

ڀريا (رپورٽ: مير محمد سهتو) ڪنڊياري ويجهو ٻن مهينن کان بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب ڳوٺاڻن کي جنازو بيٺل برساتي پاڻي مان گذارڻو پيو. اهڙي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي. ڳوٺ شير خان کوسو ۾ 70 ورهين جو دودو خان کوسو فوت ٿي ويو. فوتي جي ڀرواري ڳوٺ ۾ تدفين لاءِ جنازو ڳوٺ ٻاهران 3 کان 4 فوٽ بيٺل پاڻي مان گذاريو ويو. ڳوٺاڻو ظفر علي کوسو ان موقعي تي چوندو رهيو ته هنن چونڊيل نمائندن ۽ انتظامي عملدارن کي چيو پر ڪنهن به پاڻي نه ڪڍرايو. ظفر، فرحان ۽ توقير کوسي گهر ڪئي ته علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.