اسلام آباد ۾ ڪي پي هائوس سيل، رهائشين کي 24 ڪلاڪن جي مهلت

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ قائم خيبرپختونخوا هائوس سيل ڪري رهواسين کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏني آهي. ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) وفاقي راڄڌاني ۾ خيبرپختونخواهه هائوس کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتي رهندڙ سرڪاري ملازمن کي ڪوارٽر خالي ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو آهي. سي ڊي اي ذريعن موجب خيبرپختونخواهه هائوس جا ڪيترائي بلاڪ سيل ڪيا ويا آهن، ڪي پي هائوس کي بلڊنگ رولز جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيو پيو وڃي. اسپيشل مئجسٽريٽ سردار محمد آصف ڪي پي هائوس کي سيل ڪري ڇڏيو، اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالله به سي ڊي اي ٽيم سان گڏ هو. سي ڊي اي جي بلڊنگ ڪنٽرول ونگ ڪي پي ڪي هائوس جي داخلا، ٽي گيسٽ بلاڪ ۽ هڪ انتظامي بلاڪ سيل ڪري ڇڏيو. فيملي بلاڪ ۾ رهندڙ سرڪاري ملازمن جي خاندانن کي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو آهي، خيبرپختونخوا هائوس ۾ لڳ ڀڳ 40 فيملي ڪوارٽرز آهن، جڏهن ته سي ايم آفيس کي به سيل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.