سنڌ کي بنجر بڻائڻ لاءِ ڪئنال ڪڍڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ –ر  )  قومي عوامي جي سربراھه اياز لطيف پليجي حيدرآباد ۾ لا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو  ته اصل شئي قوم ۽ وطن آھي. ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو وطن آھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھه تي ڌاڙن جا منصوبا جوڙي رھيو آھي. اقتدار عيوض ڪارونجھر، ڪوھستان، تيل، گئس، لکين ايڪڙ زمين ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي رھيو  آھي. گرين پاڪستان منصوبو سنڌ کي بنجر بنائي ڇڏيندو. سند دشمن منصوبو رد ڪيو وڃي. سنڌ ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي علم، ادب، سائنس جي ضرورت آھي. جھالت جون ڳالھيون ڪندڙ سنڌ کي اونداھي ۽ بربادي ۾ ڏسڻ چاھين ٿا.سنڌ جي لکين عورتن کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ پنايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ روزگار جا وسيلا ناھن. سارين ۽ ٻين فصلن جا ھٿرادو اگهھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. صنعتون ۽ فيڪٽريون لڳائي نوجوانن کي روزگار ڏئي سگھجي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت کي تڪراري بنائڻ وارين ڳالھين کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته غزا ۾ اسرائيلي ظلم جاري آهي، سعودي عرب سميت سڀ مسلم ملڪ خاموش آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.