مڪاني صحافت کي عالمي معيار ڏيندڙ صحافي شيخ عزيز

تحرير:ياسر قاضي

ڪالهه سنڌ جي گُڻائتي صحافيءَ شيخ عزيز کي اسان کان وڇڙي 6 ورهه گذريا، جنهن 7 آڪٽوبر 2018ع تي سنڌ کان طبعي طور موڪلايو. شيخ عزيز نه رڳو عملي صحافت ڪئي ۽ صحافت پڙهائِي، پر سنڌ کي عالمي صحافتي قدرن سان متعارف پڻ ڪرايو. شيخ عزيز رڳو پيشي جي لحاظ کان صحافي ڪونه هو، پر ”خبر“ سندس خمير ۾ هئي. هو اهڙو ڪل وقتي پيشاورانه پترڪار هو، جيڪو ڄڻ ته سوچيندو ئي خبر جي انداز ۾ هو، جنهن کي نيرن ڪرڻ وقت گرهه کڻڻ سان جيڪڏهن اخبار جي ’پيپر پرنٽ‘ جي هُٻڪار نه اچي، ته کيس نيرن ڪانه وڻندي هئي.

سنڌ جا گھٽ صحافي اهڙا هوندا، جيڪي صحافت جي عالمي اصولن جو مڪاني تناظر ۽ وسيلن جي آڌار اطلاق ڄاڻندا هجن. انهن ئي اصولن تحت هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي (جيڪو بعد ۾ ’ماس ڪميونيڪيشن‘ ڊپارٽمينٽ بڻيو)  ۾ ڪاميابيءَ سان صحافت پاڙهي به ته صحافت رستي نه رڳو سياسي خبر جي اشاعت تي زور ڏنو، بلڪه سنڌ جي موسيقيءَ، ثقافت، فن، اينٿراپالاجيءَ کي ان مهارت سان پڙهندڙ تائين پهچايو، جو ڄڻ ته انهن موضوعن کي نئين سُڃاڻ ملي. اردو صحافت کان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شيخ صاحب، سنڌي صحافت ۾ ”سنڌ نيوز“ جهڙا ادارا ٺاهي، جڏهن انگريزي صحافت ۾ قدم رکيو ته ڄڻ سنڌ جي اشُوز کي قومي انگريزي ميڊيا ۾ مالڪي ملي وئي. اهي ٽئي ٻوليون اسان مان ڪم و بيش هر پڙهيل لکيل ماڻهو لکي، پڙهي، سمجھي ۽ ڳالهائي سگھي ٿو، پر انهن ٽنهي ۾ لکڻ جو ڏانءٌ الڳ الڳ آهي ۽  انهن ٽنهي جي صحافت جا ٽيڪنيڪل ماڻَ ته بنهه ڌار ڌار آهن. انهن ٽنهي ٻولين ۾ نه رڳو مهارت سان لکڻ ۽ صحافت ڪرڻ، بلڪه ٽنهي ٻولين جي صحافت ۾ نوان ٽرينڊ متعارف ڪرائي، خبر جي ابلاغ جو مهانڊو مَٽائي ان کي جدت بخشڻ، فقط شيخ عزيز جو ئي خاصو هو. انڪري اهو ڪم آيو به فقط ان جي ئي حصي ۾!

صحافت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جا تقاضا ڇا ٿيندا آهن. ان جو پهريون سبق به شايد عزيز شيخ ئي اسان کي پڙهايو هو. سندن گهر جو ماحول محبت جي مٽيءَ سان ڳوهيل هو. ڀينرون ۽ ڀائر، ڌاڳي ۾ پوئيل مڻين وانگر هڪ ٻئي سان جڙهيل هوندا هئا. ادا اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ تحقيقي ڪم، لغت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي هر مرحلي ۾ هن جا ساٿي رهيا.“ ته سندس صحافتي شاگرد ۽ سنڌ جو ناميارو براڊڪاسٽر نصير مرزا، شيخ صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ”سنڌ نيوز“ اخبار جُون سارُوڻيون سليندي چوي ٿو: ”سنڌ نيورسٽي امشوري جي سٽيٽسٽِڪس ڊپارٽمينٽ جي فرسٽ فلور تي شيخ صاحب ڪلاس روم ۾ بليڪ بورڊ جي ڀر سان بيٺل آهي ۽ ان نئين شروع ٿيندڙ شعبي ۾ ٻڌايائون پئي خبرَ، اخبارَ، صحافت جي نفسيات… ”ماڻهو صبح جو اخبار ان لاءِ پڙھندو ۽ ريڊيو، ٽي وي ان لاء کوليندو آهي ته ڏسان آئون جي بچي ويو آهيان، ته باقي دنيا ڇا پئي ڪري!“ پوءِ انهيءَ شام ’سنڌ نيُوز‘ ۾ پريڪٽيڪل… اتي به شيخ صاحب جا شاگرد پروانا موجود… سهيل سانگي، امداد چانڊيو، اسرار شام ۽ فور مئن استادگلبابا.“

هي اهو ئي شيخ عزيز آهي، جنهن بابت سنڌ جو هڪ ٻيو ناميارو صحافي، تاريخدان ۽ مترجم نصير اعجاز لکي ٿو: ”شيخ عزيز مون کان گھڻو سينيئر، بلڪه منھنجي سينيئرس جو به اُستاد ھو، پر ھو کِلڻو، نماڻو ۽ ميٺ محبت وارو انسان ھو، جنھن ۾ سينيئر ھجڻ وارو ھٺ ڪڏھن محسوس ڪو نه ٿيو. صحافت جي رڻ ۾ ھن وڏو ڊگھو سفر ڪيو ۽ جيئن ته ھن 1938ع ۾ جنم ورتو ھو، تنھنڪري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھِن ملڪ اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل ٿي، تنھن جو ھُو اکين ڏٺو شاھد ھو. 1960ع واري ڏھاڪي کان حيدرآباد جي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دؤران کيس 1968ع ۾ لنڊن جي ’ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم‘ مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ جو به موقعو مليو ۽ انھيءَ حساب سان شيخ عزيز سنڌ جو پھريون صحافي ھو، جنھن پرڏيھي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي.

حيدرآباد ۾ ھن پنھنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينھن گھاريا. جڏھن ته 1963ع ۽ 1966ع ۾ ھُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رھيو ته 1974ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. صحافت ۾ لنڊن مان ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ شيخ عزيز صاحب صحافت بابت ھڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي صحافت واري شعبي ۾ شاگردن کي به پڙھايو ويندو ھو.“مٿي جنهن ڪتاب جو ذڪر نصير اعجاز صاحب ڪيو آهي، اهو سنڌيءَ ۾ صحافت جي عملي تربيت تي ٻڌل اهو منفرد ۽ واحد پيشاورانه ڪتاب آهي، جنهن ۾ اخباري توڙي اليڪٽرانڪ (ريڊيي ۽ ٽيليويزن) جي صحافت جا گُرَ، بين الاقوامي معيارن مُوجب سمجھايا ويا آهن. ان معيار جا ڪتاب مون انگريزيءَ ۾ ته ڏٺا آهن، پر سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪتاب منهنجي نظر مان ٻيو ڪونهي گذريو، جنهن ۾ نه رڳو صحافتي قدرن ۽ ڪاريگرين جو تفصيل سان بيان هجي، ان جي اصطلاحن ۽ تڪنيڪ بابت پيرائتي ڄاڻ هجي، خبر جي اشاعت جي ڌار ڌار مرحلن کي انجام ڏيڻ جي سربستي طريقي جو بيان هجي ته گڏوگڏ هر موضوع جي آخر ۾ ان سان سلهاڙيل لفظن جي لغت به ڏنل هجي، ته ان تڪنيڪ ۾ استعمال ٿيندڙ آلن، اوزارن توڙي عملي ڏاڪن کي فني ٻوليءَ جي لحاظ کان ڇا چيو ويندو آهي.شيخ عزيز سنڌ جي جديد صحافت، ثقافتي تاريخ، فن جي منفرد تفهيم ۽ خبر جي پيشڪش جي ان يڪتا باب جو نالو آهي، جنهن جي قلمي ڪارنامن جِي پرکَ گذرندڙ وقت سان وڌندِي ويندِي ۽ جنهن جي صحافتي ’پيٽرن‘ جِي تقليد ايندڙ زمانا پيا ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.