گلشن حديد ته “مني اسلام آباد هو“ ان جي تباهي جا ذميوار ڪير آهن؟

تحرير: شهر بانو

مان اڄوڪي ليک ۾ گلشن حديد جي پ پ اڳواڻن سان مخاطب آهيان يعني ننڍي شهر جي حدتائين  هڪ ڳالهه رکندس ته ڇا پ پ اڳواڻ ” گلشن حديد“ کي ”مِني اسلام آباد“ بڻائي نٿا سگهن، پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي سان ان کي ”ماڊل سٽي نٿا بڻائي سگهن جڏهن ته ماضيءَ ۾ ان کي اهڙو اعزاز حاصل هو  ۽ ان شهر جي سونهن ڪراچي شهر اندر رهندڙ وڏن اديبن، آفيسرن، ٽي وي پروڊيوسرن، ڪامورن، راڳين کي به حديد منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو جهڙوڪ انور  پيرزادو، رئوف نظاماڻي، فيض ٻگهيو، سميح بلوچ، اياز جاني، غفور ميمڻ، حنيف لاشاري، شاهه محمد پيرزادو وغيره شامل آهن تڏهن گلشن حديد ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن کان وڌيڪ حسين هو، ايم ڪيو ايم جي بدترين دور دهشت گردي واري دور ۾ گلشن حديد ڪراچيءَ جو سڀ کان وڏو امن وارو  شهر هو .

هتي تڏهن آئڊيل امن هو. هيءَ اها وسندي هئي جتي بجلي جي لوڊشيدنگ جو تصور ئي نه هوندو هو. سڄي پاڪستان جي اهڙن چند وسندين مان گلشن حديد ئي هئي جتي بجلي جي لوڊ شيڊنگ نه ٿيندي هئي. مٿي ڄاڻايل سڀ شخصيتون گلشن حديد جون عاشق ٿيو ويون هيون ۽ ان وسندي کي انهن پنهنجن مختلف لکڻين ۽ شعرن ۾ساراهيو به هو پر جيئن جيئن اسٽيل مل تباهه ٿيندي  وئي تيئن تيئن گلشن حديد به تباهه ٿيڻ شروع ٿي وئي. اڳتي هلي گلشن حديد ۾ مسئلا وڌڻ لڳا ته هيءَ وسندي به عام شهرن جهڙي ٿيندي وئي گلشن ئي اجڙڻ شروع ٿي ويو نه پوءِ بجلي رهي نه پاڻي روڊ رستا به ٽٽڻ لڳا، شهر کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو، روڊن تي گٽرن جو گندو پاڻي بيهڻ لڳو ، ڪچرن جا ڍير وڌي ويا جنهن نتيجي ۾ ماڻهن وري گلشن حديد مان لڏڻ  شروع ڪيو ۽ واپس ڪراچي جي شهر هليا ويا.

جڏهن ته پ پ حڪومت کي صرف ان شهر جي سونهن کي برقرار رکڻو هو، انفراسٽڪچر  ٺهيل هو پر افسوس ته پ پ گلشن حديد کي اسلام آباد جهڙو رکڻ بجاءِ لاڙڪاڻي جهڙو شهر بڻائي  ڇڏيو. هاڻي گلشن حديد مڪمل طور تي اجڙي ڀڙڀانگ ٿي چُڪو آهي. گلشن حديد هاڻي 25 سال اڳ وارو گلشن حديد ناهي رهيو. نه حديد جو مثالي امن نه رهيو آهي بدامني چوٽ چڙهيل آهي اسٽريٽ ڪرائيم به عام ٿي ويو آهي. تفريح جون پارڪون اجڙي ويون آهن، جتي صفائي جو انتظام به ناهي رهيو. جڏهن ته  هن شهر جي بيو ٽيفڪيشن ۽ انتظامي ڍانچي لاءِ مخصوص بجيٽ به رکيل هوندي آهي پر  اها بجيٽ ڪنهن منصوبي يا ڪم تي نظر نه ٿي اچي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي. ڇو نه ٿي اها استعمال ٿيندي نظر اچي. ڇو حديد جو جو گلشن اجڙي ويو آهي ڇو اهو گلشن گند جو ڍير، ڀڳل  ٽٽل رودن جو عنوان بڻجي ويو آهي.

هاڻي جڏهن سنڌ حڪومت وفاق کان اسٽيل مل وٺي صوبي سنڌ جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان کي اهو ڪم پهرين فرصت ۾ ڪرائڻ گهرجي ڀلي سنڌ جي زمين تي نئين اسٽيل مل ٺهي پر ٺهڻ ضرور گهرجي ان سان گلشن حديد جي مني اسلام آباد واري سڃاڻپ به برقرار رهڻ ۾ مدد ملندي.  سو خدارا گلشن حديد ڏانهن ڌيان ڏيو، ان کي ساڳيو مني سلام آباد بڻايو ۽ هن گلشن کي  وري اسلام آباد ڪريو. عوام توهان کي گلشن حديد کي سنوارڻ لاءِ  ووٽ ڏنا آهن نڪي هن گلشن کي اجاڙڻ جا ووٽ ڏنا آهن، مهرباني ڪري ان تي سنجيدگي سان سوچيو.

هاڻي جڏهن سنڌ حڪومت وفاق کان اسٽيل مل وٺي صوبي سنڌ جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان کي اهو ڪم پهرين فرصت ۾ ڪرائڻ گهرجي ڀلي سنڌ جي زمين تي نئين اسٽيل مل ٺهي پر ٺهڻ ضرور گهرجي ان سان گلشن حديد جي مني اسلام آباد واري سڃاڻپ به برقرار رهڻ ۾ مدد ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.