¨ جيتوڻيڪ انور پيرزادو اڪيڊميءَ گهر ۾ ڪيتريون ئي ادبي گڏ جاڻيون ڪيون آهن پر گذريل 6 آڪٽوبر تي نامياري شاعر، ڪمپيئر ۽ڪالم نگار امر پيرزادي جي سالگرهه جي مناسبت سان جيڪا ادبي رهاڻ ٿي تنهن جو سهرو سينئر اديبن ادل سومرو ۽ڪيلاش ڏانهن وڃي ٿو جن امر جي سالگرهه جي ڏينهن سندس گهر ڪيڪ کڻي اچڻ جو پروگرام ٺاهيو. سندن اچڻ جو ڀرپور فائدو وٺندي انور پيرزادو اڪيڊميءَ ان کي امر کي ادبي ڀيٽا ڏيڻ واري گڏجاڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
¨ ان ادبي گڏجاڻي ۾ مخصوص اديبن کي دعوت ڏني وئي جن ۾ محمد علي پٺاڻ، عطيه دائود، خدابخش ابڙو، بخشڻ مهراڻوي، ڊاڪٽر شيرمهراڻي، ضيا ابڙو ۽ شاهه محمد پيرزادو شامل هيا. ادل سومري ۽ ڪيلاش سان گڏ سندن دوست محمد کوسي به شرڪت ڪئي.
¨ ان گڏجاڻي ۾ جيئن ته سنڌ جا ناميارا اديب ۽ دانشور شريڪ هيا تنهن ڪري امر کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ ڪيتريون ئي نيون تجويزون ۽ نوان بحث غور هيٺ آيا. اڄ جي سماجي، سياسي ۽ ادبي صورتحال تي به ڳالهايو ويو ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت به محسوس ڪرائي وئي.
¨ گڏجاڻي جي ڪارروائي زرار پيرزاي هلائيندي پهريون محمد علي پٺاڻ کي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني جنهن امر کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته امر جي جينز ۾ جيڪي صلاحيتون موجود آهن سي تيزي سان ظاهر ٿي رهيون آهن. هو نئين ٽهي جو ناليوار شاعر ، سٺو ذهن، بهترين ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار طور مڃائي چُڪوآهي . انور جي ڊڪشن کان متاثر هئڻ باوجود امر جو پنهنجو ڊڪشن آهي. هو هڪ ئي وقت غزل ۽ نثر جو سٺو ليکاري آهي. سندن ادبي سفر بيحد منفرد، سنجيده ۽ پروقار رهيو آهي هو ڦوڪي ڦوڪي قدم کڻي رهيو آهي. سندس ڪالم به بيحد منفرد آهن ۽ سندس ايپروچ به غير معمولي آهي. اهن چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته انور پيرزادي جا ٽئي پٽ زرار ، زيد ۽ امر برجستا ليکڪ بڻيل آهن.
¨ نامياري ليکڪا شاعره ۽ نقاد عطيه دائود چيو ته نفسا نفسي واري دور ۾ هن نوعيت جي گڏجاڻين ذريعي هڪ ٻئي سان ملڻ جي هاڻي تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته امر اڄ جنهن مقام تي آهي تنهن کي مان پهريون قدم سمجهان ٿي ۽ مهنجي خواهش آهي ته اهو ادبي سفر ڊگهي کان ڊگهو ٿيندو رهي. پنهنجو معيار برقرار رکڻ ئي اصل چئلينج آهي سو امر کي موجوده مڃتا تي بيهڻ نه گهرجي. ٻيو ته دوستن کي بلڪل به ايئن مانُ ملڻ گهرجي جيئن امر کي ملي رهيو آهي.
¨ زيد پيرزادي چيو ته هاڻي سالگراهن جي موقعي تي جيڪي واٽس اپ تي ڪمينٽ ڏجن ٿا تن کي سهيڙجي ته انهن شخصيتن تي مقالو ٺهي ملندو جيڪو اڳتي هلي ڪنهن به شخصيت تي ڪتاب به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته امر جي وڏي خوبي اها آهي ته هو هر سال پنهنجا ٽارگيٽ مقرر ڪندو آهي ته هن سال مون کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي ۽ پوءِ انهن تي پورو به لهي ڏيکاريندو آهي. هن چيو ته امر ڏينهون ڏينهن اڳتي ئي وڌي رهيو آهي ۽ هڪ ئي وقت ڪيترن پليٽ فارم تي جهڙوڪ پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا ۽ اسٽيجن تي سرگرم ۽ ڇانيل آهي، امر اڄ پختي شاعر سان گڏ دانشوراڻي سوچ ۾ به اڳتي وڌنڌي نظر اچي رهيو آهي.
¨ ضيا ابڙي چيو ته جيئن هو پاڻ خوبصورت آهي تيئن سندس سندس شاعري،سوچ، سندس رومانوي ۽ مزاحمتي شاعري سهڻي آهي جيئن سندس مزاج ڌيمو آهي تنهن ڪري سندس مزاحمت ۾ به روايتي چڙ ۽ ڪاوڙ بدران دل کي ڇهندڙ ۽ متاثر ڪندڙ ردعمل سان گڏ جماليات به ملي ٿي. سندس درد ۾ پيڙا جو لاجواب احساساتي اظهار ملندو آهي. هن چيو ته اسان کي خوف آهي ته ميديا ۾ ڪمپيئر طور امر جون سرگرميون کانئس نج تخليقي جوهر نه کسي وڃن سو ايڏانهن به کيس سوچڻو پوندو.
¨ اهڙو اظهار ضيا ابڙي کان اڳ بخشڻ مهراڻويءَ به ڪيو ته مان اعتراف ڪريان ٿو ته ميڊيا تي گهڻو سرگرم ٿيڻ ڪري مونکي پنهنجي اندر موجود تخليقڪار سان ملڻ جو گهٽ موقعو ملندو آهي جنهن جو مونکي افسوس به ٿيندو آهي سو امر کي به ميڊيا کائي نه وڃي ان جو خوف رهندو آهي. باقي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته امر بهترين شاعر ليکڪ ۽ ڪالم نگار آهي. هو موضوع کي ڀرپور ڪيفيت سان محسوس ڪري ان جي ايٽار ڪندو آهي.
¨ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ چيو ته انور پيرزادو اڪيڊمي جا پروگرام هميشه ڦلدائڪ رهيا آهن. هيءَ گڏجاڻي به انهن مان هڪ آهي، هن چيو ته امر جي شاعري فطرت مان ڦٽي نڪتي آهي، فطرت ئي سندس شاعري جو محور ۽ مرڪز آهي جيڪا شاعري فطرت جي هنج ۾ هوندي آهي ان جي اهميت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي. هن چيو ته امر هڪ مڪمل ليکڪ آهي. هن پنهنجي والد تي ”بابا“ ڪتاب لکيو ته تحقيق جون سڀ گهرجون پوريون ڪري ڏيکاريون جڏهن ته هو تحقيق جو ماڻهو ناهي. هن چيو ته امر سنڌي شاعري کي تمام گهڻا خوبصورت استعار ڏنا آهن. سندس شاعري ۾ اوتيل درد جو هڪ عجيب ئي ورتاءُ هوندو آهي. هيءُ شاعر جيڪو زندگي جي سڀني حسناڪين سان پيار ڪندڙ آهي سو درد ۽ وڇوڙن تي جڏهن لکندو آهي ته اهو درد جهوري ويندو آهي. فيمينزم جي حوالي سان سندس شاعري کي ته پاورفل حيثيت ملي چُڪي آهي. مطلب ته امر جي شاعري ۽ پيشڪش مختلف آهي.
¨ شاهه محمد پيرزادي هميشه وانگر ڪيترائي فڪري نُڪتا اٿاريا جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو شاهه محمد چيو ته اسان جڏهن ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ شاعري شروع ڪئي ته اهو دور غزلن جي واري رواجي شاعري کان نڪري نظمن جو فڪري ۽ نظرياتي مواد ڏنو ويو. هڪ ٿاٽ پراسيس هو جنهن کي حيرت انگيز طور تي نوي جي ڏهاڪي ۾ ٻنجو اچڻ شروع ٿيو ۽ وري سنڌي شاعريءَ روايتي غزل ڏانهن مون کاڌي.امر اصل ۾ ان دور ۾ اسريو ۽ هن به غزلن کان شاعري شروع ڪئي معنيٰ ته نوي جي ڏهاڪي ۾ نظمن وارو ٿاٽ پراسيس رڪجي ويو. سو هڪ وقت آيو جو مون امر کي محسوس ڪرايو ته غزل ۾ فڪري طور وڏو ميسيج نه ٿو ڏئي سگهجي تنهن ڪري تون نظمن کي اسٽڊي ڪري ان پاسي اچ ته تنهنجي دانشمندي نظر اچي. توکي دانشوراڻي سڃاڻپ غزل نه پر نظم ڏيندو. شاهه محمد جو هڪ اهو نقطو نئون ۽ بحث جوڳو هو ته ٻيو نُڪتو اهو اٿاريائين ته مونکي ائين لڳندو آهي ته هاڻي مون وٽ ڪولسنر ئي ناهي. جيڪو مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو سو ٻڌڻ وارو ئي ناهي. پر جيڪو لسنر آهي تنهن کي مان پنهنجو نظم ٻڌائڻ نٿو چاهيان جيڪڏهن منهنجو لسنر موجوده سياستدان آهي ته مان ان کي پنهنجو نظم کيس سياسي مقصد لاءِ استعال ڪرڻ نه ڏيندس ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿو ته اڄ جو سياستدان سماج سان سلهاڙيل ناهي يا ايئن چئجي ته مان هن سماج ۾ پاڻ کي فٽ نٿو سمجهان پر جيڪڏهن امر وٽ لسنر آهي ته پوءِ ان کي Thouht provoking ٿيڻو پوندو .کيس نئون ماحول ٺاهڻ ڏانهن وڃڻو پوندو . کيس نون موضوعن ۽ گهاڙٽين تي ڪم ڪرڻو پوندو. گهڻن دوستن جو خيال هو ته شاهه محمد کي ڪهڙن لسنرن جي ضرورت آهي تنهن تي ساڻس الڳ فڪري ڪچهري رکڻي پوندي.
¨ نامياري ۽ سينئر اديب ڪيلاش چيو ته امر جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول هجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.معنيٰ ته هو پنهنجي سوچ ۾ سخت ۽ خطرناڪ ناهي. کيس هر ڪو ٻڌي سگهي ٿو جيڪا وڏي ڳالهه آهي جنهن جو فائدو اهو آهي ته هو پنهنجي ڳالهه گهڻن ماڻهن تائين پهچائي سگهي ٿو . بس رڳو ڊڄ اهو آهي ته شهرت جي ترڪڻ ۾ نه ترڪي پوي، ان کان کيس پاسو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن هو پاپولرٽي جي ترڪڻ کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اڃان طاقتور ليکڪ طور اڀري ايندو.
¨ آخر ۾ سينئر اديب، شاعر ۽ نقاد ادل سومري چيو ته هيءَ هئي ته امر جي سالگرهه جي تقريب پر ان کي ادبي ۽ فڪري ويهڪ جي شڪل ڏيڻ ڏاڍو سٺو لڳو. هتي ڏاڍا فڪري نُڪتا نروار ٿيا. هن چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿيندي آهي ته انور جا پٽ سندس فڪري رستي تي مستقل مزاجي سان هلي رهيا آهن ۽ انهن پنهنجي پنهنجي انفرادي سڃاڻپ به قائم ڪئي آهي. هنن انور کي علامت بڻائي وطن، ٻولي ۽ ادب لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. عام طور اديبن جا ٻار اديب گهٽ ٿيندا آهن پر انور جي گهر ۾ ايترا تخليقڪار هئڻ وڏي ڳالهه آهي هن چيو ته امر بي شڪ پاڻ کي مڃرايو آهي .امر تمام سٺو تخليقڪار آهي سندس شخصيت به ڌيرج ۽ معتبر آهي. شخصي حوالي سان شاندار ماڻهو آهي. امر پنهنجي تخليق ۾ فني ۽ فڪري طور مضبوط ۽ منفرد آهي. هن چيو ته امر جي شخصيت جي خاص ڳالهه توازن جي آهي جيڪا کيس گهڻو اڳتي وٺي ويندي. ان موقعي تي محمد کوسي ۽ مشهور هوسٽن باک پيرزاديءَ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
¨ زرار پيرزادي چيو ته ترقي پسند اديبن جي پاسيري ٿيڻ ڪري سماج اندر انتهاپسند ڌرين کي اڳتي وڌي اچڻ جو موقعو مليو آهي تنهن ڪري ترقي پسند سوچ کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ رهنمائي ڪرڻي پوندي ترقي پسند اديبن پاڻ کي پوئتي رکي سماج جو نقصان ڪيو آهي. سماج جي تقاضا آهي ته ترقي پسند اديب اڳتي اچن ۽ خالي پيل هر مورچو سنڀالين. هن چيو ته مان ان راءِ سان متفق ناهيان ته امر کي ميڊيا تي گهڻو وقت ڏيڻ بدران پنهنجي تخليق تائين محدود رهڻ گهرجي . هن چيو ته امر جهڙن سوچيندڙ ۽ فڪر انگيز ماڻهن کي ئي ميڊيا تي هئن گهرجي ۽ صاحب راءِ بڻجڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ميڊيا اندر ڪنٽينٽ نه رهندو. هن ان موقعي تي عطيه دائود تي زور ڀريو ته هوءَ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سيڪريٽري جنرل جي چونڊ وڙهي، اهڙين شخصيتن کي ليڊ فرام دي فرنٽ ٿيڻ گهرجي. عطيه جي اڳتي اچڻ سان مردن جي بالادست سماج جي ڪائونسلنگ ٿي سگهندي. هن امر جي تخليقي ۽ فڪري صلاحيتن کي زبردست خراج پيش ڪندي کيس ۽ زيد کي انور پيرزادي جو فڪري تسلسل قرار ڏنو.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته دانشمند ۽ سوچيندڙ حلقي جي گڏ ويهڻ سان اها گڏجاڻي فڪري ۽ سماج لاءِ ڪجهه نئون ڪرڻ جو ضرور ڪو نه ڪو نئون نُڪتو اٿاريندي آهي جيڪا ڪنهن تحرڪ جي اتساهه جو ڪارڻ بڻبي آهي، هن گڏجاڻي مان به اهڙو ئي مثبت نتيجو نڪتو آهي.