ملڪ جي موجوده صورتحال کي منهن ڪيئن ڏجي

تحرير: احمد خان جمالي

پاڪستان مسلسل نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، موجوده پاڪستان، اوائلي پاڪستان جي اڌ کان به گھٽ بچيو آهي، پر جيڪي به ان صورتحال جا ذميوار آهن، اهي پنهنجيون غلطيون، زيادتيون مڃڻ لاءِ پنهنجي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻ جي بدران اهي انهن حالتن جو ذميوار ٻين کي قرار ڏيئي رهيا آهن. جڏهن سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ موجود هو ته پنهنجي جائز قومي، انساني ۽ طبقاتي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي  روس ۽ ڀارت جو ايجنٽ سڏيو ويندو هو.

هاڻي اهي ساڳيا وري ڪنهن ٻئي جا ايجنٽ سڏجي رهيا آهن، ڪير ڪنهن جو ايجنٽ آهي يا ناهي، ان تي بحث ڪرڻ جي بدران  اصل ۽ بنيادي سوال ته هي آهي ته ” اهي حالتون ڪير پيدا ڪري رهيو آهي “ نه صرف بلوچستان جو مسئلو مني صدي کان هلندڙ آهي پر وفاق ۾ شامل سڀني قومي وحدتن سان هميشه ويساهه گهاتي، جبر ، ناانصافي ۽ حق تلفي ٿيندي رهي آهي.  هينئر  بلوچستان کي ڌڪي ديوار سان لڳايو ويو آهي.  حڪمرانن جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ پاڪستان هن وقت آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سينڊ وچ بڻيل آهي.

ممڪن آهي ته پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ مختلف عالمي ڌريون يا انهن جون ڳجهيون ايجنسيون به انهن حالتن کي پنهنجي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ سرگرم هجن پر ڪنهن به قومي وحدت جي طرفان ٿيندڙ  مسلح يا پرامن جدوجهد جي لاءِ اها راِءِ قائم ڪرڻ ته اها  ”باقاعده ڪنهن جي طرفان اسپانسر ٿيل آهي“مناسب نه ٿيندو. باقي انهن حالتن مان ممڪن آهي ته ڪا غير ملڪي طاقت پنهنجي طور تي فائدو حاصل ڪرڻ چاهيندي هجي ته مزاحمت ڪندڙ به ڪٿان مدد وٺڻ کي خراب نه سمجهندا هجن.

باقاعدہ اسپانسر ڪرڻ ۽ مجبورن هڪ ٻئي جي ضرورت بڻجڻ ۾  فرق آهي. بلوچستان جي هٿياربند جدوجهد سان اختلاف رکڻ جو هرڪنهن کي حق آهي،  پر جنهن طريقي سان بلوچستان جو اڪثريتي عوام هن وقت  بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي قيادت ۾ متحد ٿي پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آهي، ان تي شايد ئي ڪنهن کي اختلاف يا اعتراض هجي، پرامن احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا ان حقيقت جو ثبوت آهن. ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ جون صلاحيتون ته يقينن لاجواب آهن پر بلوچستان جون ٻيون نياڻيون به جهڙي طريقي سان تقريرون ڪن ٿيون يا سوالن جا جواب ڏين ٿيون ته سچ پچ سواءِ رشڪ ڪرڻ جي باقي چوڻ جي لاءِ ڪجھه به نٿو بچي.

غير نمائندہ ۽ هٿ ٺوڪيا حڪمران يا سندن سهولت ڪار  جيئن وڻين سو چوندا رهن،  اصل اهميت زميني حقيقتن جي آهي،  بلوچستان کان سواءِ جيڪو ڪجھه خيبر پختون خواہ ۾ ٿي رهيو آهي، ڇا ان کي ائين نظر انداز ڪرڻ سولو آهي.؟ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾  مقبول عوامي پرامن قيادتون موجود آهن جن کي نظرانداز ڪري پنهنجي طور تي هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ جو وقت تيزي سان گذري رهيو آهي.

انهن حالتن ۾ سنڌ ۾ پرامن،  مقبول ، سگهاري ۽ اھڙي نمائندہ سياسي قيادت جنهن کي ڪير به ڪڏهن به، ڪنهن مرحلي تي نظر انداز نه ڪري سگهي ان جي کوٽ آهي.

سنڌ ۾ ڪجهھ سياسي جماعتن جا گڏيل اتحاد به موجود آهن ته ڪجهھ جماعتون پنهنجي طور تي ڪجهھ نه ڪجهھ ڪردار ادا به ڪري رهيون آهن پر ان سلسلي ۾  سنڌ ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه کان پوئتي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي غير يقيني صورتحال کي نظر انداز ڪرڻ جي گنجائش ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهي آهي.

ان سلسلي ۾ جيڪڏهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي،  جيئي سنڌ محاذ، ڪميونسٽ پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، عوام تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ جسقم سميت سمورين پارٽين جي قيادت ڪجهھ گڏيل نُڪتا طئي ڪري” سنڌ يڪجهتي ڪميٽي“ جي نالي سان متحد ٿي پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي نمائندہ قيادت طور سامهون آڻي ته سچ پچ ان کوٽ کي ڪاميابي سان پورو ڪري سگهجي ٿو.

ڪشمور کان ڪراچي تائين سڄي سنڌ کي گڏائي هلائڻ جي لاءِ  پهريائين  گڏيل مسئلا طئي ڪري سگهجن ٿا . شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪرڻ، سڀني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ، سڀني بي روزگار شهرين کي بنا ڪنهن فرق ۽ امتياز جي روزگار يا کين بي روزگاري الائونس ڏيڻ، سڀني شاگردن کي تعليمي ادارن ۾ بنا ڪنهن فرق ۽ امتياز جي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڏيڻ ، سنڌ جي سڀني وسيلن مان حاصل ٿيندڙ روينيو، ٽيڪس ۽ آمدني جو اسي سيڪڙو سنڌ واسين تي خرچ ڪرڻ  ، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ، سنڌ مان گئس ۽ پيدا ٿيندڙ بجلي جي استعمال تي پهريون حق سنڌ واسين جو  تسليم ڪرڻ، لکين ايڪڙ زمين ادارن جي حوالي نه ڪرڻ، ادارن جي نجڪاري نه ڪرڻ، وغيره جهڙا نُڪتا شامل ڪري سگهجن ٿا.

سنڌ يڪجهتي ڪميٽي ۾ سنڌ دوست، ترقي پسند اردو ڳالهائيندڙ اديبن، شاعرن، صحافين، شاگردن، وڪيلن ۽ شهرين کي شامل ڪري سچ پچ  ته سنڌ ۾ سگهارو  ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.  ان سلسلي ۾ مٿي عرض ڪيل قيادت کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. اها وقت ۽ حالتن جي تقاضا آهي .

غير نمائندہ ۽ هٿ ٺوڪيا حڪمران يا سندن سهولت ڪار  جيئن وڻين سو چوندا رهن،  اصل اهميت زميني حقيقتن جي آهي،  بلوچستان کان سواءِ جيڪو ڪجھه خيبر پختون خواه ۾ ٿي رهيو آهي، ڇا ان کي ائين نظر انداز ڪرڻ سولو آهي.؟ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾  مقبول عوامي پرامن قيادتون موجود آهن جن کي نظرانداز ڪري پنهنجي طور تي هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ جو وقت تيزي سان گذري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.