اسلام آباد(عمران وسيم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ جي رپورٽرن سان ملاقات ڊگهي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سوال ڪيو ويو ته آئيني عدالت جي ايتري جلدي ڇو هئي، 25 آڪٽوبر کان پوءِ ڇو نه ؟ جنهن جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته اسين ته 1996 ۾ به آئيني عدالت جي ڳالهه ڪندا هئاسين جڏهن منهنجي والده ۽ والد خلاف ڪيس ڪيا ويندا هئا، اسين وڪيل ڪندا هئاسين ته ن ليگ اسان جي خلاف جج ڪري وٺندي هئي، مطلب جج کي اسان جي خلاف پئسا ڏياريندي هئي، بلاول اها به شڪايت ڪئي ته 2010ع ۾ آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي ها، پر 15 سال دير ٿي چڪي آهي، ميثاق جمهوريت 2006 ۾ ٿيو، 6 سالن اندر آئيني عدالتون ٺهي وڃڻ گهرجن ها، وفاق ۽ صوبن ۾ به، پر اسان 15 سال ضايع ڪري ڇڏيا، وڌيڪ 15 سال ضايع نه ڪرڻ گهرجن، آئيني عدالت ۾ مقرريون شفاف ٿيڻ گهرجن، بلاول ن ليگ کان اها به شڪايت ڪئي ته ن ليگ وارن ججن کي وڃي ٻڌايو ته اسين آئين ۾ ترميم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جڏهن آئيني عدالت پ پ جي منشور جو حصو هئي، ميثاق جمهوريت ۾ شامل آهي ته پوءِ هنن ججن کي ڇو ٻڌايو ته اسان ترميم ڪرڻ چاهيون ٿا؟ اسان کان پڇن ها ته اسان ججن کي چئون ها ته ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، پر هنن اسان کي ٻڌائڻ بنا ججن سان ملاقات ڪئي، رات جي اوندهه ۾ آئيني ترميم ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ججن کي ٻڌائڻ جو نتيجو ڪهڙو نڪتو ٽن ڏينهن بعد اسٽي آرڊر اچي ويو، پوءِ هي آئيني ترميم جي مسودي کي لڪائي نه رکن ها، ترميمن جي تڪڙ ڇو؟ جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته مخصوص سيٽن وارو جيڪو فيصلو آيو آهي ۽ 14 سيپٽمبر تي جيڪا وضاحت آئي آهي ان مان اسان کي پيغام ملي ويو آهي ته 25 آڪٽوبر کان اڳ ترميم ڪرري وٺو، بعد ۾ ڪندا ته ڏکيائيون ٿينديون، اسين ڪرڻ نه ڏينداسين، 25 آڪٽوبر کان پوءِ به ڪري سگهون ٿا پر اسين ۽ جج آمهون سامهون ٿي وينداسين، آئيني عدالت کي موجوده عدالتي نظام لاءِ هضم ڪرڻ ايترو آسان نه هوندا، بلاول چيو ته سياستدانن کي سسيلين مافيا چيو وڃي ٿو، گاڊ فادر جو لقب ڏنو ويو، آئون اسٽيبلشمينٽ خلاف ته ڳالهائي سگهان ٿو پر عدالت خلاف نه؟! عوام جو چونڊيل نمائندو آهيان پر جيڪڏهن عدالت خلاف ڳالهائيندس ته توهين عدالت جو نوٽيس اچي ويندو، عدليا خود مارشلا آهي، عدالت حڪومت مٿان حڪومت آهي، آئون هجان ها ته 19 هين ترميم ڪرڻ ئي نه ڏيان ها. اسٽيبلشمينٽ توهان ذريعي آئيني ترميم ڪرائي رهي آهي ۽ عدليا اسٽيبلشمينٽ جي ڳالهه نه ٿي مڃي؟ جي جواب ۾ بلاول چيو ته ميثاق جمهوريت اسان جو آهي، محترمه بينظير ڀٽو جو خيال هو، ان تحت جيڪڏهن آئيني ترميم ٿئي ٿي ته اسان ڇو مخالفت ڪريون؟ بلاول چيو ته آرٽيڪل 63 اي آئين ۾ اسان شامل ڪيو هو ، جيڪڏهن ڪو پارٽي پاليسي خلاف وڃي ٿو ته سوچي سمجهي وڃي، کيس نااهل به ٿيڻو آهي پر جيڪڏهن ان ماڻهو کي عوام ٻيهر چونڊي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته سندس پارٽي پاليسي خلاف ووٽ صحيح هو، 63 اي ۾ عدليا جي بدنيتي آهي ان کي ٻيهر لکيو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪڏهن به پارليامينٽ جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي آئين ۽ قانون تحت ڪم ڪيو، ثاقب نثار پنهنجا اختيار اورانگهيا، بلاول ڀٽو قاضي فائز عيسيٰ کي آئيني عدالت جو چيف جسٽس بڻائڻ چاهي ٿو، بلاول چيو ته مولانا فضل الرحمان جي پرچائڻ ڏکيو ناهي پر مولانا فضل الرحمان کي اهي اهم شيون ٻڌايون نه ويون، مولانا فضل الرحمان آئيني ترميم ۽ آئيني عدالت تي راضي آهي.
اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميمن جو معاملو مڪمل ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 25 آڪٽوبر کان اڳ ترميمون ڪيون وڃن ته مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿي ويندو، بعد ۾ ٿي سگهي ٿو ته صورتحال تي ڪنٽرول نه ٿئي، آمهون سامهون واري صورتحال پيدا ٿي وڃي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا عمران خان جي فوجي ٽرائل جي حق ۾ آهيو؟، جنهن تي هن چيو ته ڏسون ته شاهديون ڪهڙيون ٿيون اچن، هونئن به صدارتي معافي جو اختيار اسان وٽ آهي، پ پ موت جي سزا جي خلاف آهي، هن چيو ته اسين آئيني عدالت جي معاملي کي ائين نه ڇڏينداسين، اهو به اسان جي منشور جو حصو آهي، 2006ع جي مطالبي کي پورو ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته عدليه جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي ٽائمنگ تي ڇو نه ڳالهايو پيو وڃي، جنهن طريقي سان مخصوص سيٽن تي حڪم نامو جاري ڪيو ويو، ان جي ٽائمنگ تي ڇو نه ڳالهايو پيو وڃي جڏهن ته پارليامينٽ جو اجلاس 14 سيپٽمبر تي ٿيڻو هو ته ان وقت ججن جي 4 صفحن جي وضاحت جي ٽائيمنگ تي سوال ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته آئيني عدالت جي سربراهه جو مدو ٽي سال هوندو، جڏهن ته فوجي عدالتن جي قيام جي حق ۾ نه آهيان، وفاقي آئيني عدالت جي قيام جو جواز سپريم ڪورٽ جي پنهنجي ماضي جي تاريخ آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي بدامني ڪيس 2011ع کان هلي رهيو آهي، ڪڏهن ان مان واٽر ڪميشن بڻجي وڃي ٿي، واٽر ڪميشن انهن هنڌن تي به ويندي آهي جتي پاڻي ئي ناهي، هن چيو ته عدليه ڪراچي بدامني ڪيس کي بهانو بڻائي اسان جي مڪاني ادارن واري نظام کي ئي متاثر ڪري ڇڏيو، ڇا بدامني اڳو ڪراچي ۾ آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ناهي؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آرمي چيف ڪير ٿيندو ۽ ڪير نه بڻجندو، اها راند کيڏي وئي، 9 مئي جو واقعو بغاوت جي تمام ويجهو هو، هن چيو ته آئيني ترميم نه ٿيڻ جي صورت ۾ حالتون شايد ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه رهن، ارڙهين ترميم ذريعي مارشل لا جو رستو روڪيو ويو.