چيف جسٽس جي ڪردار ڪشي لاءِ مصطفين ڪاظمي کي لاٿو ويو؟

اسلام آباد(معظم فخر / عمران شفقت) پي ٽي آءِ وڪيل جي چيف جسٽس کي ڌمڪي ۽ بدتميزي پي ٽي آءِ جي احتجاج جو حصو آهي، مصطفين ڪاظمي کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪورٽ ۾ لاٿو ويو هو ته جيئن هو چيف جسٽس جي ڪردار ڪشي ڪري سگهي، علي ظفر بئنچ آڏو اعتراف ڪيو ته اڄ سندس لهجو سخت ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ جارحاڻو رويو پي ٽي آءِ جي ٻيو نمبر پاليسي هئي،مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلو مذاق آهي، عدالت کي درستگي ڪرڻ گهرجي. عمران خان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان جي کيس سزا ملڻي آهي، پي ٽي آءِ وارا عمران خان کي بچائڻ لاءِ هنبوڇيون هڻي رهيا آهن، پي ٽي وارن اڄ عدالت ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهي سڀاڻي اي ڊي چوڪ تي ڪرڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ جو خمير سازش سان ڀريل آهي مصطفين ڪاظمي بيوروڪريٽ آهي، ان وڪالت جو ڪوٽ پائي هڪ قسم جو ڏڦيڙ پکيريو، منيب اختر هڪ قسم جو ڊرامو ڪري ڏٺو، آئين ۽ قانون جي پردي ۾ سياست ڪري رهيوآهي، کيس سياست جو سياست ۾ جواب ڏيڻ گهرجي، جسٽس منصور علي شاهه به بائيڪاٽ ڪري ڏٺو، ڏسڻو اهو آهي ته ججن ذريعي اسان کي اڃا ڪيترو بليڪ ميل ٿيڻو آهي؟ جسٽس منيب، جسٽس منصور علي شاهه ڊرامو ڏسي وٺن ۽ ٻڌائين ته ڇا آئيني عدالت ٺهڻ نه گهرجي؟

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 03 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.