ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون جي ٽئين رائونڊ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ايبٽ آباد ۾ جاري ميچ ۾ او جي ڊي سي ايل طرفان کيڏندڙ بابر اعظم 12 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو.
واضح رهي ته بابر اعظم 7 سالن کانپوءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
ايبٽ آباد ۾ او جي ڊي سي ايل ۽ ڪي آر ايل جي ٽيمن وچ ۾ ميچ جاري آهي.
You might also like