مراد علي شاهه سميت سمورا جوابدار نوري آباد پروجيڪٽ ريفرنس مان بري

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نوري آباد پاور پروجيڪٽ ريفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ٻين جي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.جوابدارن جو وڪيل بيرسٽر قاسم نواز عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت چيئرمين نيب جي ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست کي منظور ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.