ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ وارو معاملي جي خلاف شاگردن درخواست داخل ڪري ڇڏي . شاگردن جي حق ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جو اڳواڻ ڊاڪٽر محبوب نوناري به عدالت پهچي ويو .داخل درخواست ۾ موقف آهي ته گذريل سال وانگر هن ڀيري به ايم ڊي ڪيٽ پيپر وقت کان اڳ ليڪ ڪيو ويو ، ڊاڪٽر محبوب نوناري چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ کان پوءِ لکين رپين ۾ وڪرو ٿيو ، درخواستگذارن داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي باصلاحيت شاگردن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ناانصافي ٿي رهي آهي،عدالت درخواستگذار جي ايم ڊي ڪيٽ فارم وٺڻ تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.