اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر ٻڌائي ته پوليس پارليامينٽ اندر ڪيئن وئي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 10 سيپٽمبر تي پارليامينٽ اندر قومي اسيمبلي جي ميمبر زين قريشي جي گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم باوجود قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ، پوليس ۽ انتظاميه رپورٽ پيش نه ڪري سگهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ ڪائونسل کان هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته پارليامينٽ اندر گرفتاري ڪيئن ٿي؟ رپورٽ قومي اسيمبلي جي قاعدن موجب پيش ڪئي وڃي. چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته سڀني کي نوٽيس موڪلڻ جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي اسٽيٽ ڪائونسل جواب ڏنو ته رپورٽ پيش نه ٿي سگهي، ڪجهه وقت ڏيو. چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته سڀني کي نوٽيس موڪلڻ جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي اسٽيٽ ڪائونسل جواب ڏنو ته رپورٽ پيش نه ٿي سگهي، ڪجهه وقت ڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيترا ڏينهن گذري ويا، ڇا ٿيو. وڪيل تيمور ملڪ دليل ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي حدن اندر ڪنهن کي به گرفتار نٿو ڪري سگهجي، اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ پارليامينٽ اندر ڪنهن کي به گرفتار نٿو ڪري سگهجي. عدالت اسٽيٽ ڪائونسل کي هدايت ڪئي ته قومي اسيمبلي جي ضابطن جو جائزو وٺي هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.