نيو يارڪ (رضا رومي) صحافي ۽ تجزئي ڪار خرم حسين چيو آهي ته پاڪستان جي دوستن جو اهو پيغام آهي ته پهريان پاڪستان پنهنجا بندوبست سنڀالڻ سکي وٺي ۽ پوءِ اسان کان مدد وٺي. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي گهٽ ناهي ٿي پر مهانگائي وڌڻ جي رفتار گهٽجي رهي آهي ۽ عوام جي زندگي جي معيار تي جيڪو اثر پيو آهي ان جو ازالو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. عوام ضرور دانهيندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو بجلي بلن تي رليف به عوام جي دٻاءَ جي ڪري ڏنو ويو هو. حڪومت ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ جيڪي ٽول استعمال ڪري رهي آهي اهي سڀ ماضي ۾ به استعمال ٿي چڪا آهن جنهن سان ڪو فرق نٿو پوي. ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب هن وقت تائين پنهنجي فيصلن ۾ خودمختيار نظر نٿو اچي ۽ نه ئي انتظام نظر اچي ٿو، ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ڪو فرق پوي پر هن وقت رڳو ايڊهاڪ ازم نظر اچي ٿو، ڪو رستو نظر نٿو اچي. خبر ناهي ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي ڇو ته حڪومت جا ماڻهو، نواز شريف، مريم نواز، ناڻي وارو وزير معيشت جون ڳالهيون ڪن ٿا، اسحاق ڊار ناڻي سيڪريٽري سان رابطا ڪري ٿو ٻئي پاسي فوج به بيان ڏئي ٿي، آرمي چيف واپارين سان ملاقات ڪري ٿو. خبر ناهي آئيڊيا ڪٿان اچن ٿا پر جيڪي به آئيڊيا اچن ٿا اهي پراڻا آهن. پاڪستان کي دوست ملڪن کان سيڙپڪاري سميت ٻيو سهڪار گهرندي سال کان وڌيڪ ٿي ويو آهي پر ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. اهي ڳالهيون هيون ته 25 ارب ڊالر پيا آهن ۽ ايس آءِ ايف سي تحت ڪم ڪنداسين، پيسا اچڻ شروع ٿي ويندا پر ڪجهه ناهي ٿيو. چين سان جولاءِ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون ته پاور پلانٽس جي رهتن کي ري اسٽرڪچر ڪنداسين،
اها رقم هڪ ارب ڊالر کان ٿوري وڌيڪ ٿئي ٿي پر ڏسڻو پوندو ته چين پاڪستان جي ڪيتري سپورٽ ڪري ٿو ڇو ته حڪومت ڪي ماڻهو مقرر ناهن ڪيا، پاور پلانٽ جي اسپانرسن سان رابطا ناهن ڪيا ويا .
۽ هن وقت تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. ان کان اڳ سعودي عرب مان به افواهه هئا ته ريفائنري، ريڪوڊڪ ۽ ايگريڪلچر سميت ٻي سيڙپ اچي رهي آهي پر هن وقت تائين ڪجهه ناهي ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو انتظار ڪيو پيو وڃي ته پهريان پاڪستان آءِ ايم ايف جي سپر ويزن ۾ اچي وڃي ان کانپوءِ اڳتي وڌجي ۽ خبر ناهي ائين ٿيندو يا نه ٿيندو. پاڪستان جي دوستن جو اهو پيغام چٽو آهي ته پهريان پنهنجو بندوبست سنڀالڻ سکي وٺو پوءِ اسان کان مدد وٺو.