اسرائيل سوشل ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان حزب الله جي اڏن تائين پهتو\برطانوي اخبار

لنڊن(م ڊ) برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسرائيل جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان حزب  الله جي اڳواڻن جو هنڌ ڳولي ورتو جن کي هو ڪيترن ئي سالن کان ڳولي نه سگهيو هو.  فنانشل ٽائمز رپورٽ ڪري ٿو ته ڪيترائي ئي اڳوڻا اسرائيلي وزيراعظم حسن نصرالله کي نشانو بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، پر گذريل ڪجهه سالن کان، اسرائيل حزب الله جي اڳواڻن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاء جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو آهي. فنانشل ٽائمز لکيو آهي ته سمارٽ ٽيليويزن پڻ ڳجهي طور تي لبناني شهرين جي نگراني ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا، ڊجيٽل گاڏين جا ميٽر پڻ اسرائيلي انٽيليجنس اهلڪارن کي حيران ڪندڙ ڊيٽا ڏئي رهيا هئا ته ڪهڙيون گاڏيون بيروت ۾ ڪٿي ۽ ڪيتري حد تائين سفر ڪن ٿيون .رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي ايجنسين گذريل 2 مهينن جي ڊيٽا جي تجزيي کان پوءِ حزب الله جي سموري قيادت کي نشانو بڻائيندي سمارٽ فونز سان به گفتگو رڪارڊ ڪئي.  برطانوي اخبار موجب شام جي صدر بشار الاسد جي حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪيل ڪاررواين کانپوءِ لبنان تي حزب الله جي گرفت ڪمزور ٿي وئي ۽ ان جو آپريشن ٽيڪنڪ سسٽم اسرائيلي اختيارين تائين پهچايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.