حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ واقع پبلڪ اسڪول ۾ معمولي ڳالھه تان ھلندڙ ڇڪتاڻ بعد ڪالھه ٻن شاگرد گروپن ۾ جھيڙو ٿي پيو، شاگردن جي ٻنھي گروپن جي جٿن ڪلاسن توڙي اسڪول جي مختلف حصن ۾ ھڪٻئي کي ڳولھي ڳولھي لتون، مڪون، ٺونشا، سروٽا، لٺيون ھڻي ڪٽڪو ڏنو، جھيڙي ۾ 15 کان وڌيڪ شاگرد رتورت ٿي پيا. جھيڙي ۾ شاگردن کي ڇڏرائڻ جي ڪوششن دوران اسڪول جي ھاسٽل جو انچارج استاد صهيب سيال، استاد مقصود راڄپر ۽ ماسترياڻي اسماء سميت عملي جا 4 ماڻھو زخمي ٿي پيا. شاگردن جي جھيڙي دوران اسڪول جو سڪيورٽي عملو تماشو ڏسندو رھيو ۽ انتظامي عملدار غائب رھيا. جھيڙي جي اطلاع تي پوليس پڻ پھتي جنھن شاگردن کي ڀڄائي صورتحال تي ضابطو آندو. اسڪول کي مقرر وقت کان اڳ بند ڪري شاگردن کي موڪل ڏني وئي. ٻڌايو پئي ويو ته اسڪول جي ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردن ۽ روزاني پڙھڻ لاءِ ايندڙ شاگردن وچ ۾ اھو جھيڙو معمولي ڳالھ تان شروع ٿيو ھو. جھيڙي دوران روزاني ايندڙ شاگردن ٻاھران ٻيا به دوست گھرايا هئا. ھوڏانھن ايس ايڇ او حسين آباد محمد ھاشم بروھي ٻڌايو ته اسڪول انتظاميا ڌرين ۾ ڳالھيون ڪري ٺاھ ڪرائي ڇڏيو ھو، اسڪول انتظاميا پاران وڌيڪ ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪرائي وئي آھي.