حيدرآباد جي خاص عدالت ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگرد کي 14 سال قيد جي سزا

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ قائم دھشتگردي جي انت لاءِ قائم ڪيل خاص عدالت، ٽي ٽي پي جي دھشتگرد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، دھشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت تحريڪ طالبان پاڪستان جي دھشتگرد عمر فاروق کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي، سزا ٻڌايل دھشتگرد کي سي ٽي ڊي ھلندڙ سال جي مئي مھيني ۾ گرفتار ڪيو ھو، ھن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملن ۽ دھشتگردي جي ڪارروائيون ڪرڻ جو الزام ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.