سنڌ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي پئي گذاري: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ جي چيئرمين نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ 50 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي ان ڪري غربت کي گهٽائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائي سنڌ ۾ وڌيڪ غريبن گهراڻن کي شامل ڪيو وڃي. اهڙن جو اظهار هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊي جي ذوالفقار شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت کيس بريفنگ ڏيڻ کان پوءِ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر جنرل کيس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل سنڌ جي گهراڻن ۽ انهن کي ملندڙ وظيفي بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. نثار کهڙو چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام  تحت سنڌ جي 95 لک گهراڻن جو سروي ڪيو ويو آهي جن مان 24 لک گهراڻن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ هر ٽن مهينن ۾ رجسٽرڊ ٿيل هر گهراڻي کي 11 هزار روپيه وظيفو ڏنو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نوڪرين تي ڪڏهن عدالتن پاران اسٽي ته ڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي پابندين سبب لکين نوجوان بيروزگار آهن ان لاءِ غربت کي گهٽائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مدد جو واحد ذريعو آهي جنهن پروگرام جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جن غريب گهراڻن جي مهيني واري آمدني 29 هزار رپين کان گھٽ آهي ته اُهي گهراڻا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته وظيفي جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ سينٽرن تي رش کي گهٽائڻ لاء سينٽرن جو تعداد وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي سهڪار سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ 36 سيڪڙو عورتن ۽ 6 هزار کان مٿي شاگردن کي فني سکيا ڏيڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ اسٽيوٽا وچ ۾ هڪ معاهدو پڻ ڪيو ويو آهي جنهن تحت انهن کي فني تربيت ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ بينظير تعليمي وظيفي تحت 21 لک 61 هزار 465 ٻار انرول ڪيا ويا آهن ۽ تعليم حاصل ڪندڙ في ٻار کي پرائمري کان هائير سيڪنڊري تائين اڍائي هزار روپين کان وٺي ساڍا چار هزار روپين تائين وظيفو ڏنو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بينظير نشونما پروگرام تحت حامله عورتن ۽ پيدا ٿيندڙ ٻارن سميت 7 لک 48 هزار عورتن ۽ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي جن ۾ 4 لک 54 هزار عورتون، هڪ لک 99 هزار فيميل ٻار ۽ هڪ لک 81 هزار ميل ٻار شامل آهن ۽ بينظير نشونما جي رجسٽريشن لاءِ سڄي سنڌ ۾ 140 سهولت مرڪز قائم ٿيل آهن ۽ 39 موبائيل ٽيمز پڻ بينظير نشونما پروگرام تحت رجسٽريشن ڪري رهيون نثار کهڙو وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 2.8 ملين ٻوڏ متاثرن کي 25 هزار روپيه في گهراڻي جي حساب سان رليف جي مد ۾ 70 ارب روپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته 2 لک 16 هزار هارين ۽ آبادگارن کي 5 هزار روپيه في ايڪڙ جي حساب سان 8 ارب 30 ڪروڙ روپيه ڪڻڪ جي ٻڄ جي سبسڊي جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.