گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي سازش پئي ٿئي: زين شاهه

ڄامشورو( ڊ ر )  سنڌو درياھ بچايو  تحريڪ جو اھم سربراھي اجلاس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو،  اجلاس ۾ ايس يو پي صدر  سيد زين شاھ، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سردار عبدالرحيم، اين پي پي اڳواڻ مسرور جتوئي، جسم اڳواڻ رياض چانڊيو، اي جي پي صدر مير خادم ٽالپر، پي ٽي آءِ اڳواڻ پير مرتضي’ شاھ جيلاني، جماعت اسلامي اڳواڻ عبدالوحيد، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ مظھر راهوجو، جي يو آئي اڳواڻ تاج محمد ناهيون، ايس يو پي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ارسا قانون ۾ امڪاني ترميم، سنڌو درياھ مان ڇھن نون ڪئنالن جي تعمير، ٿرڪول، ڪارونجهر جي ليز، سنڌ جون زمينن،ساحلي پٽي، پاڻي، ٻيٽن ۽ وسيلن جي وڪري خلاف ايندڙ لائحه عمل جوڙڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 19 سيپٽمبر تي سموري سنڌ ۾ ڪڍيل احتجاجي ريلين ۽ مظاهرن جو جائزو پڻ ورتو ويو. اجلاس دوران جيئي سنڌ محاذ 20 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ عام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پاران هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن کي بنجر ۽ تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي ته ڪئنال ڇو پيا ٺاهيا وڃن. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي سياست منافق تي ٻڌل آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڪنھن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، هنن چيو ته عمر ڪوٽ واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي،صدارتي محل ۾ سنڌ جي تباهي جا فيصلا ٿي رهيا آهن، جيڪو عمل برداشت نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.