اسلام آباد(منيب فاروق) مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، نه وري ان جا اڃان تائين ڪي اشارا نه مليا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت چيو وڃي ٿو ته جج صاحبان سياست ڪري رهيا آهن، اها ڳالهه اسٽيبلشمينٽ به ڪري ٿي ته حڪومت به ڪري ٿي، جيڪڏهن سڀاڻي اسٽيبلشمينٽ پنهنجو موقف تبديل ڪري ڇڏي ته پوءِ ممڪن آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿي وڃي، پر ايئن ٿيندي نظر نه ٿو اچي، اهي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ڪجهه شخصيتون استعيفائون ڏينديون، ان ۾ ڪجهه ججن جو به ذڪر ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته هڪ آئيني بحران جنم وٺندو، جيڪڏهن ججن کي ڪجهه هٿ نه ايندو ته ضرور استعيفا ڏيندا، پر حڪومت هر حربا استعمال ڪندي ڪوشش ڪندي ته آئيني ترميمون پاس ٿين، نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ٿي ويو پر پاليسي اڃان ساڳي آهي، جيڪا نومبر 2022ع ۾ هئي اها سيپٽمبر 2024ع ۾ به ساڳي آهي، پاليسي اها هوندي آهي جيڪا آرمي چيف جي هوندي آهي، عمران خان جي دور ۾ فيض حميد ۽ عمران خان جا لاڳاپا ڪجهه ٻيا هئا، جنرل عاصم ملڪ وزيراعظم کي رپورٽ ته ڪندو پر هر ڳالهه آرمي چيف جي مڃيندو، ذريعا چون ٿا ته برگيڊيئر ڊار صاحب فيض حميد جي مدد ڪري رهيو آهي، برگيڊيئر ڊار فيض حميد جو سيڻ آهي، فيض حميد جي هڪ ئي نياڻي آهي، جيڪا برگيڊيئر ڊار جي پٽ کي پرڻايل آهي، برگيڊيئر ڊار صاحب فيض حميد جي مدد لاءِ ڪجهه شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن، اهي ڪيتريون فائديمند ٿينديون، ان بابت في الحال ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پر هو ڪوشش ڪري رهيو آهي، نواز شريف ملڪ کان ٻاهر تڏهن ويندو جڏهن آئيني ترميم جي حوالي سان ڪا ٽائيم لائن سيٽ ٿيندي، 25 آڪٽوبر کان اڳ حڪومت ترميمن جي منظوري لاءِ پنهنجي پوري طاقت لڳائيندي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 26 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو