ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ڊي آئي جي سکر جو ڪچي ۾ آپريشن لاءِ تيار، ايس ايس پي جون گهوٽڪي ڏوهارين سان ڳالهيون هلندڙ، ڏوهارين 2 پوليس آفيسر هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڊي آئي جي سکر پير محمد شاه گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي تي زور ڀري رهيو آهي ته ٻي پاسي ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽي هڪ بااثر شخصيت جي معرفت ڪچي جي ڏوهارين سان ڳالهيون ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ڏوهارين کي پيغام ڏنو ويو آهي ته سندس ايس ايس پي جي مدي دوران ڏوهي ڪارروايون نه ڪيون وڃن، موٽ ۾ پوليس سندن خلاف ڪارروائي نه ڪندي، ڏوهارين وري ٻن پوليس عملدارن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان حوالي سان روزاني عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو ته ايس ايس پي ظاهري طور ڪچي ۾ آپريشن ڪندو پر ڏوهارين خلاف ڪنهن قسم جي ڪارروائي نه ٿيندي، موٽ ۾ ڏوهاري به پوليس يا شهرين خلاف ڪارروائي نه ڪندا، ان وچ ۾ هڪ بااثر شخصيت ضمانت طور ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ وارو ڪردار ادا ڪري پئي. ذريعن موجب ڏوهارين پاران ايس ايس پي آڏو ايس ايڇ او رونتي عبدالشڪور لاکو ۽ هڪ ٻئي پوليس عملدار کي هٽائڻ جو شرط رکيو ويو آهي، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جو صورت ۾ ايس ايس پي آپريشن جي آڙ ۾ ڪمائيندو ۽ ڏوهاري به ڪارروايون نه ڪندا، ياد رهي ته ضلعي گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن پر هڪ به ناليوارو ڌاڙيل گرفتار يا مارجي نه سگهيو. ضلعي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ گذريل 3 سالن آپريشن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا آهن پر هن مهل تائين پوليس کي ڪا وڏي ڪاميابي ناهي ملي سگهي. ڪچي ۾ راهب شر گينگ، خادو ڀيو گينگ، سنو شر گينگ، جهنگل تيغاڻي گينگ، منير مصراڻي گينگ، سندراڻي گينگ ۽ پرويز جاگيراڻي گينگ جا ڏوهاري سرگرم آهن جن جو نيٽ ورڪ شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪمشور، سکر ۽ رحيم يار خان جي ڪچي تائين پکڙيل آهي، سڀني گينگ ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ڌاڙيل آهن جن مان 100 انعامي يافته آهن، عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب گذريل 3 سالن دوران ڏوهارين پاران پوليس مٿان 40 حملا ڪري 23 پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ 20 کي زخمي ڪيو، شر گينگ پاران 16، جاگيراڻي گينگ پاران 4، سندراڻي گينگ پاران 2 ۽ ڀيو گينگ پاران هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪيو ويو.
ٺاهه سٺي ڳالهه آهي، پر جلد سخت آپريشن ٿيندو: ڊي آءِ جي
ميرپورماٿيلو : عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڊي آئي جي سکر پير محمد شاھ چيو ته پوليس جي جوانن جي شهادت ۾ ملوث 48 شر ڌاڙيل پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن، ٺاھ سٺي ڳالهھ آھي پوليس جي جوانن جي شهادت ۾ ملوث ڏوهارين کي معاف نه ڪيو ويندو، پير محمد شاھ وڌيڪ چيو آهي ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس جي جوانن جي شهادت ۾ ملوث شرگينگ جا 48 ڌاڙيل هٿيارن سميت پاڻ کي قانون حوالي ڪن ۽ ڪيسن کي قانوني طريقي منهن ڏين ۽ پوليس جلد ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو، ڌاڙيلن کي گھرجي ته هو پاڻ کي قانون حوالي ڪن ۽ آئنده عورتاڻي آواز تي هرکائي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ توڙي ڦرون ڌارا نه هڻڻ انهن شرطن تي ساڻن قانون موجب ورتاء ڪيو ويندو ٻئي صورت ۾ سندن خلاف ڀرپور آپريشن ڪنداسين
ڌاڙيلن سان ڳالهين وارن افواهن ۾ صداقت ناهي: حفيظ الرحمان بگٽي
ميرپورماٿيلو : ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف جلد آپريشن ڪيو ويندو، قانون جي رٽ چئلينج ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين هن چيو ته ماڻهن کي اغوا، قتل ڪندڙن ڏوهارين کي معاف نه ڪيو ويندو ايس ايس پي چيو ته جيڪڏهن ڏوهاري پاڻمرادو پاڻ پوليس وٽ پيش ٿين ۽ ڪيسن کي قانوني طريقي منهن ڏين ته قانون موجب سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي باقي افواهن ۾ڪوبه صداقت ناهي.