باهه لڳائيندڙ نه پر باهه وسائيندڙ بڻجو

ان ۾ ڪو  شڪ ناهي ته انتهاپسندي، اڻ سهپ ۽ لاقونيت هر دور ۾ ننڍي يا وڏي سطح تي انساني سماج کي ساڙي رک ڪرڻ جا وڏا سبب بڻجندا رهيا آهن ۽ گڏوگڏ ان ئي انساني سماج ۾ هر دور ۾ هڪڙين امن پسند ۽ مهذب ڌرين سماج کي ساڙيندڙ باهه تي پاڻي هاري ان کي وسائڻ جو پئي ڪم ڪيو آهي.

اسان جو پيغام به هميشه کان اهڙن معاملن تي اهو رهيو آهي ته لڳل باهه تي پاڻي هاري ان کي وسائڻ جو ڪم ڪرڻ گهرجي، باهه لڳائڻ واري شر پسندي، دهشتگردي ۽ تحزيبن ڪاري واري عمل کي رد ڪرڻ گهرجي ۽  رد ڪندڙن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته اصل ۾ قانون اندر ئي اها طاقت هوندي آهي جيڪا هر قسم جي انتهاپسندي ۽ لاقانونيت کي ختم ڪري سگهندي آهي. تعليم ۽ شعور به برابر  سٺي ۽ خراب ۾ فرق ڪري سگهندا آهن پر اسان جي سماج جو اهو پاسو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي ته هتي هتي مثبت ڌرين بدران بدي جون طاقتون حاوي رهيون آهن ٻيو الميو اهو آهي ته  هاڪاري ڌرين بدران منفي طاقتن ۾ وڌيڪ ٻڌي ڏٺي وئي آهي جڏهن ته مشبت ڌريون عام طور تي ڇڙو ڇڙ ئي هونديون آهن. منفي ڌرين کي شايد ان ڪري متحد ٿيڻ جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي جو کين چڱيءَ  ريت ان ڳالهه جو احساس هوندو آهي ته اهي تحاد کانسواءِ ظلم، ڏاڍ ۽ ڏوهه جو ماحول برپا نه ٿيون ڪري سگهن، جڏهن ته مشبت ڌريون جئين ته درست هونديون آهن ته شايد ان ڪري کين ڪنهن ٽيڪ، سهاري يا اخلاقي مدد جي ضرورت محسوس ناهي ٿيندي پر وقت ۽ حالتن ثابت ڪيو آهي ۽ عام طور تي اهو سبق طور پڙهايو به ويندو آهي ته ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي. سو مشبت ڌرين کي هاڻي ان ٻڌيءَ  جي ضرورت ۽ اهميت کي محسوس ڪرڻو پوندو  تڏهن ئي اهي بدي جي طاقتن سان مقابلو ڪري سگهن ٿيون، ڇڙوڇڙ  رهڻ سان اهي ڀلي ڪيترو به درست هجن پر طاقتن ۾ تبديل نه ٿي سگهنديون. اهي بدي جي طاقتن جي سماج کي ڏنل باهه کي ٻڌي سان ئي پاڻي هاري وسائي سگهن ٿيون.

اها به حقيقت آهي ته اسان وٽ حڪومتي ادارن کي بدي جي ڌرين کي پنهنجن هڪڙن سامراجي، اقتداري ۽ سياسي مفادن لاءِ مضبوط ڪيو آهي  ۽ مشبت ڌرين کي وري ڪمزور ڪرڻ جون سازشون پئي ڪيون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتي لاقانونيت کي عام ڪيو ويو آهي ۽ قانون کي طاقت ور هوندي به هيڻو بڻايو ويو آهي. جيڪڏهن قانون، بالادستي جو رستو اختيار ڪري ته يقينن ان آڏو  ڪير به نه اچي سگهندو پر الميو اهو آهي ته بدي جي طاقتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ئي لاقانونيت کي بي لغام ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو  ته مشبت ڌرين کي اها لاقانونيت ختم ڪرائڻ جي به جدوجهد ڪڻ پوندي ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي ڏيارڻي پوندي. مثال حڪومت ۽ قانون جيڪڏهن ڪو سٺو ڪم يا مثال قائم ڪيو هجي ته ان سان گڏ  بيهڻو پوندو ۽ هر قسم جي لاقانونيت خلاف متحد ٿيڻو پوندو . لاقانونيت کي قانون ئي ٻنجو ڏئي سگهي ٿو.

اسان کي عدالتن کان مٿانهين هر قتل کي پوءِ اهو مذهبي يا سياسي يا قوم پرستي جي آڙ ۾ ڪيو ويو هجي تنهن کي متحد ٿي رد ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته مذهبي يا سياسي انتهاپسندي جي آڙ ۾ هڪڙا ٻيا ڪرمنل مفاد به ماڻيا ويندا آهن جيئن ڪارو ڪاري جي قتلن جو  پيش منظر هڪ ڄاڻايو ويندو آهي جڏهن ته پيش منظر ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪارو ڄاڻائي قتل ڪري ان جي زمين، ملڪيت تي قبضو ڪرڻ وغيره جو ناجائز مفاد ماڻڻو هوندو آهي. تيئن ئي مذهبي انهاپسندي جي آڙ ۾ به هڪڙيون  خاص دشمنيون ملهايون وينديون آهن  تنهن ڪري اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته ڪنهن به قتل کي هڪ ڏوهه سمجهڻ گهرجي ۽ ان کي آئيني قانوني طريقي سان منهن ڏيڻ گهرجي. توهين مذهب ۽ توهين رسالت جو به قانون ملڪ ۾ موجود آهي ته پوءِ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي. لاقانونيت سان گڏ اسان جي سماج  اندر برابر اڻ سهپ تمام گهڻي آهي جنهن جا پڻ سماج تي خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن. برادشت نه ڪري سگهڻ وارو لاڙو يقينن غير جمهوري آهي ان اڻ سهپ به سماج کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي ان سهپ واري باهه تي به پاڻي هارڻ جي ڪم ڪرڻو پوندو.

برداشت جي حوالي سان هڪ دانشور تمام اهم ڳالهه ڪئي هئي چيو هيائين ته عام طور تي اسان ماڻهن کان اهو ٻڌندا آهيون ته ” اسان غلط ڳالهه کي برداشت ناهيون ڪندا“ جڏهن ته حقيقت ۾ برداشت ئي غلط ڳالهه ڪبي آهي ڀلا سٺي ڳالهه لاءِ ڪير چوندو ته مان سٺي ڳالهه کي برداشت ناهيان ڪندو سو برداشت هميشه غلط ڳالهه کي ئي ڪبو آهي. حضرت محمدﷺ جا ته غلط ڳالهين، غلط عملن، غلط لاڙن کي برداشت ڪرڻ جا عظيم مثال موجود آهن سو اسان کي حضرت محمد ﷺجي انهن عظيم مثالن کي پنهنجي زندگي جو نصب العين بڻائڻ گهرجي ۽ اخلاقيات سان دشمنن ۽ مخالفن جون دليون کٽڻ جو ماحول ٺاهڻ گهرجي. اسان کي سماج اندر ماڻهن کي اهو شعور  به ڏيڻ گهرجي ته سڀني مذهبن ۽ مذهبي شخصيتن، عقيدن ۽ نظرين جو  احترام ڪرڻ گهرجي ڪنهن جي دل آزاري نه ڪرڻ گهرجي پر هتي هاڻي ايئن به ٿئي ٿو ته ڪنهن جي نالي لکي ماڻهن کي بي گناهه  ڦاسايو وڃي ٿو. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان معاملي کي ڪيئن روڪجي ان کي عقلي بنياد تي ۽ قانون جي بالادستي سان ئي روڪي سگهجي ٿو . ڪنهن ماڻهوءَ  جو جيڪو به ڏوهه هجي تنهن کي گرفتار ڪرائي مقدمو  ٺاهي کيس عدالتن ۾ پيش ڪرڻ گهرجي. انفرادي طور ڪنهن به ماڻهو يا هجوم کي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن به سبب مارڻ جو حق ناهي. عدالت کان مٿانهون قتل ڏوهه ئي آهي.

سو اسان ملڪ اندر وڌندڙ اڻ سهپ، انتهاپسندي ۽ لاقانونيت کي هڪ اهڙي باهه سمجهون ٿا جيڪا انساني سماجي کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي ان باهه تي پاڻي هاري  ان کي وسائڻ جي جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو ۽ انهن ماڻهن کي رول ماڊل بڻائڻو پوندو جيڪي ان انتهاپسندي جي باهه تي پاڻي هارڻ جو ڪم ڪن ٿا يا ڪندا رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.