اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ممڪن آ ته سڀاڻي اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ ڪنور دلشاد چيو ته سپريم ڪورٽ ملڪ جو وڏو ادارو آهي، فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي توهين عدالت لڳي سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن تي توهين عدالت لڳي وئي ته ان جي پويان ڪير نه بيهندو، صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نظرثاني اپيل نه ڪئي ته ممڪن آهي سڀاڻي فيصلو ڪري ڇڏي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي راءِ ڏئي ته پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ئي نه ٿيون.
Next Post
You might also like