حيدرآباد سينٽرل جيل جي قيدين جي ڪسٽيڊي واري وڏي موبائيل ڪيترائي باندي کڻي سيشن ڪورٽ حيدرآباد جي احاطي تي پهتي، پوليس اهلڪار گاڏي مان ٻڪرين جيان ننڍي عمر وارن ۽ وڏي عمر وارن باندين کي لاهيندي جوڊيشل لاڪپ ۾ واڙيندا پئي ويا، ان دوران اهلڪار نوجوان قيدين کي چماٽون به هڻندي پئي ويا. انهن باندين مان ڪجهه نوجوان قيدين جو اهلڪارن سان جهيڙو ۽ ضد به هلي رهيو هيو ته کين عدالتي پيشي تي آيل وارثن سان ملاقات ڪرائي وڃي. اهو سڄو لقاءُ ڏسي رهيا هئاسين ته مون کي منهنجي باندي دوست رڙ ڪري سڏيو، مون جوڊيشل لاڪپ وٽ وڃي ان دوست سان ملاقات ڪئي، ساڻس ڪيس، جيل اندر سهولت هئڻ يا نه هئڻ ۽ ضمانت ڪرائي کيس جيل مان آزادي ڏيارڻ بابت حال احوال ڪريون پيا ته ان دوست سان گڏ بيٺل هڪ نوجوان دانهن ڪندي چيو ته ادا هڪ عرض آهي ته هي منهنجي گهر وارن جو موبائيل نمبر آهي، اهو پنهنجي موبائيل تي ڊائل ڪري مون کي منهنجي گهرن وارن سان ڳالهرايو، جنهن تي ڀر ۾ بيٺل پوليس اهلڪار جلدي ۾ منع ڪندي چيو ته ادا توهان ائين نه ڪجو، هتي جوڊيشل لاڪپ وٽ موبائيل فون تي ڳالهائڻ واري عمل تي سختي سان منع آهي ۽ مٿان کان حڪم آهي، انڪري اوهان ائين نه ڪريو، مون ان نوجوان قيدي کي چيو ته ڀاءُ توهان هتي موبائيل فون تي نه ٿا ڳالهائي سگهو، باقي جيڪو ڪم ڪار هجي ته ٻڌايو، تنهن تي ان نوجوان وراڻيو ته ادا سائين هڪڙو ڪم ڪريو، توهان انهيءَ نمبر تي ڪال ڪري منهنجي والد صاحب کي نياپو ڏيو ته اوهان جي پٽ فرهاد علي نياپو ڏنو آهي، سندس طبعيت جيل اندر صحيح نه ٿي رهي، منهنجي ضمانت ڪرائي مون کي جيل مان آزادي ڏياريو. مون ان نوجوان فرهاد علي چيو ته ٺيڪ آهي توهان جو نياپو هن نمبر تي توهان جي والد کي ڏيان ٿو.
مون فرهاد پاران ڏنل موبائيل- نمبر تي ڪال ڪئي ته سندس والد امداد علي ڪال اٽينڊ ڪئي، مون فرهاد جو کيس نياپو ڏنو، تنهن تي فرهاد علي جي والد امداد مون کي چيو ته ادا آئون اڌ ڪلاڪ ۾ سيشن ڪورٽ حيدرآباد اچان ٿو ۽ جيل ڪسٽيڊي واري جوڊيشل لاڪپ وٽ پهچان ٿو، اڌ ڪلاڪ بعد امداد علي ڪورٽ پهتو ۽ مون کي ڪال ڪيائين، مون سندس ڪال اٽينڊ ڪئي ۽ ملاقات ٿي. مون سندس پٽ فرهاد علي جو حال احوال ڏنو، ان دوران ڪچهري ڪندي امداد علي ٻڌايو ته ادا سائين توهان جي مهرباني مون کي نياپو ڏنو، پر حقيقت هي آهي ته هي ڪيس اسان پنهنجي پٽ تي پاڻ ڪرايو آهي، اسان گهر ڀاتين کي تمام گهڻو تنگ ڪري ٿو، وڙهي ٿو، گهر ۾ روزاني جهيڙو سندس معمول بڻجي چڪو آهي، اسان شريف ماڻهو آهيون، آئون پرائيويٽ گارڊ جي ڪراچي ۾ نوڪري ڪندو آهيان، فرهاد علي منهنجو 25 سالن جو شادي شده نوجوان ۽ اڪيلو پٽ آهي ۽ ٻئي ڪابه اولاد مون کي ناهي، پنهنجي انهيءَ هڪ ٻچي جي شهر ۾ اعليٰ تعليم، ڪنهن وڏي منزل تي کيس پهچائڻ ۽ سندس سڌاري لاءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ اباڻي زمين جا 2 ايڪڙ وڪرو ڪري اچي حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ رهيس، پلاٽ وٺي گهر ٺهرايو، فرهاد کي ڪي.جي ڪلاس کان وٺي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني، منهنجو پٽ پڙهائي ۾ ننڍپڻ کان ئي هوشيار رهيو، ٻارهين جماعت پاس ڪرڻ بعد فرهاد کي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ داخلا انٽري ٽيسٽ به ڏني، منهنجي دل ۽ روح ته تمام گهڻو خوش ٿيو،
جڏهن فرهاد يونيورسٽيءَ تائين پڙهڻ واري منزل تي پهتو، پر انهيءَ عرصي دوران 2 سال ٿيندا آهن ته فرهاد جا رويا اسان والدين سان بلڪل مختلف ۽ ڏکوئيندڙ رهيا آهن، هو آواره ۽ موالي قسم جي دوستن جي صحبت ۾ رهڻ لڳو ۽ انهن سان اٿڻ ويهڻ شروع ڪيائين، والدين جي حيثيت ۾ اسان کي محسوس ٿيو ته فرهاد ڪٿي غلط صحبت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، شايد ڪنهن نشي جي دنيا ۾ ته نه هليو ويو آهي، فرهاد اسان کان روزاني ڪيترائي پئسا وٺي دوستن سان هليو ويندو هيو، جڏهن کيس پئسا نه ملندا هئا ته سخت ڪاوڙ ۾اچي وڙهندو هيو، ظاهر ڳالهه آهي هڪ ٻچو آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان برداشت ڪندا رهياسين. آخر هڪ ڏينهن فرهاد جي طبعيت تمام گهڻي خراب ٿي وئي، اسان کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وياسين، ڊاڪٽر جڏهن ميڊيڪل ٽيسٽون ڪرايون ته پوءِ خبر پئي ته منهنجو -هي محبوب پٽ خطرناڪ نشي آئيس جي پڪڙ ۾ اچي ويو آهي، اهو سڀ ڪجهه ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي هجي ۽ ائين لڳو اڄ کانپوءِ هن دنيا ۾ منهنجو باقي ڪجهه ناهي رهيو.
امداد پنهنجي پٽ جي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائيندي وڌيڪ ٻڌايو ته فرهاد جو ٻن ٽن اسپتالن مان علاج ڪرايو آهي، مون مسڪين پورهيت ماڻهو وٽ جيڪي 4، 5 لک روپيا هئا، اهي به فرهاد جي علاج تي ختم ڪري ڇڏيا آهن، علاج مان به ڪو فائدو ناهي پيو، وڌيڪ لکين روپيا ناهن، جو پنهنجي محبوب ٻچي جو علاج ڪرائي کيس آئيس جي هن موتمار نشي مان هميشه هميشه لاءِ جان آجي ڪرايان. آخر ڇا ڪريان؟ ٻچا پاليان، پنهنجو پيٽ پاليان، راڄ برادري جي مرڻن ۽ پرڻن جا خرچ ڪڍي اتي وڃان يا وري نوجوان پٽ جي آئيس جي نشي ۽ سندس لکين روپين واري علاج کي منهن ڏيان. ايتري مالي ملڪيت مون وٽ ناهي، سواءِ گهرڀاتين جي مٿي ڇانو انهيءَ هڪ گهر جي، آخر مجبور ٿي ڪري ڪا واهه نه ڏسي، پنهنجي لخت جگر پٽ کي اسان گهر ڀاتين جيل ۾ وجهرايو آهي ته جيئن من اتي جيل اندر سڌري پوي يا جيل اندر منهنجي ٻچڙي جو علاج ٿي وڃي ۽ متان سندس حياتي هن موتمار آئيس جي نشي مان آجي ٿي وڃي، انهيءَ ڪري فرهاد کي جيل مان آزاد نه ٿا ڪرايون. اهي ڳالهيون ڪندي پورهيت امداد جي اکين مان ڪيئي لڙڪ وهڻ شروع ٿي ويا ۽ پنهنجي لخت جگر هڪ ٻچڙي جي انهيءَ درد جي پيڙائن ۾ تڙپندو رهيو ۽ پورهيت امداد جو اهو درد منهنجي وجود کي به ڀڃي ڀورا ڪندو رهيو.
حقيقت ۾ پورهيت امداد جي نوجوان پٽ جي ڏکوئيندڙ درد ڪٿا ته توهان ۽ اسان جي سامهون پئي آهي، پر سنڌ ۾ اهڙيون هزارين ۽ لکين درد ڪٿائون گمنام پيل آهن، جن درد ڪٿائن جو تعلق سنڌ جي انهن نوجوان حياتين سان جڙيل آهي، جيڪي نوجوان حياتيون نماڻي سنڌ جي معمارن جون آهن ۽ اهي حياتيون سنڌ جي انهي نوجوان نسل جون آهن، جيڪو نوجوان نَسُلَ پنهنجي ڌرتي ماءُ، پنهنجين امڙ، ابن، ڀائرن، ڀينرن، وطن جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي لاچار توڙي بيوس عوام جو مستقبل ۾ سهارو بڻجي انهن کي هر ڏکئي توڙي سکئي وقت ۾ سنڀاليندڙ آهن. پر اها ڳالهه وڏي افسوس سان چوڻي ٿي پوي ته اڄ اڪثريت ۾ سنڌ جي نوجوانن جون حياتيون ۽ نوجوان نَسُلَ آئيس جهڙو موتمار نشو وڏي سولائي ۽ آرام سان هر روز ڳڙڪائيندو پيو وڃي. ان حوالي سان ميڊيا ۾ به ڪيتريون ئي نيوز اسٽوريون هلنديون رهن ٿيون ته سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ آئيس جهڙي خطرناڪ ۽ موتمار نشي جو وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ اتي جا نوجوان شاگرد آئيس واپرائي رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته اهو هڪ وڏو معاملو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن اندر ائين ئي آزاديءَ سان آئيس جهڙي موتمار نشي جو وڪرو ۽ واهپو هلندو رهيو ته پوءِ ايندڙ ڪجهه اندر سالن سنڌ جي نوجوان نسل جي باقي ڪهڙي حالت وڃي بچندي ۽ سندن حياتيون ڪهڙي ڪم جون وڃي رهنديون. ڇوجو ميڊيڪل سائنس آئيس نشي کي موت جو سبب قرار ڏنو آهي، آئيس جو نشو واپرائيندڙ ماڻهو، جهڙن خطرناڪ ۽ موتمار مرضن ۾ مبتلا ٿي وڃي. ۽ هاڻي جڏهن اهڙن خونخوار بيمارين ۾ سنڌ جون هي نوجوان حياتيون وڪوڙجي وڃن ته سندن زندگيون باقي ڇا رهنديون؟
اها حقيقت آهي ته اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين اندر يا تعليمي ادارن کان ٻاهر جي ماحول ۽ سماج ۾ سنڌ جون نوجوان حياتيون آئيس جو موتمار نشو وڏي تيزي سان ڳڙڪائيندو ٿو وڃي. ڏسڻو اهو آهي ته آخر اهي ڪهڙا ڳجها ۽ طاقتور هٿ توڙي منشيات اسمگنلگ جون بااثر مافيائون آهن، جيڪي سنڌ جي تعليمي ادارن سميت سنڌ جي مختلف ضلعن، تعلقن ۽ علائقن ۾ آئيس جهڙي موتمار نشي جو سرعام وڪرو ڪري رهيون آهن. ان حوالي سان سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت، سرڪاري ادارن، سنڌ پوليس، تعليمي ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، منشيات خلاف ڪم ڪندڙ ادارن، انساني حقن جي ادارن، ميڊيا جي ادارن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن کي سچائي، ايمانداري ۽ دل جي دلچسپيءَ سان هن حساس معاملي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، جلد کان جلد تحرڪ وٺڻو پوندو ۽ اهي ڳجها ۽ طاقتور منشيات اسمگلر مافيائن جا اهي هٿ پڪڙي ڪٽڻا پوندا ۽ سنڌ جي نوجوان نسل، تعليمي ادارن ۽ سنڌ جي صوفي منش سماج مان آئيس جهڙي خطرناڪ ۽ موتمار نشي جو هميشه هميشه لاءِ خاتمو ڪرائڻو پوندو، ان کانسواءِ ٻيو ڪو حل ناهي.
جيڪڏهن اقتدار جي بادشاهه ڌرين يا اختيار ڌڻين ائين نه ڪيو ته پوءِ آئيس جي صورت ۾ ملندڙ CRYSTAL, METH, SHABU, GLASS, ROCK, TINA, T, FROSTY & SHARD نشي جا هي خطرناڪ قسم سنڌ جي نوجوانين کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيندا ۽ سنڌ جون اهي نوجوانيون ڪير به بچائي نه سگهندو ۽ پوءِ ڪيترائي والدين پنهنجن نوجوان ٻچڙن لاءِ ڏينهن رات روئيندي روئيندي جيئري ي موت جي ڀاڪرن ۾ اچي ويندا ۽ سنڌ جا ڪيترائي گهر ويران، برباد ۽ تباهه ٿي ويندا.