ڪافي ڏينهن کان ملڪ اندر عدالتي آئيني ترميم جو اشو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. پارليامينٽ هجي يا ٽي وي چئنلن جا ٽاڪ شوز هجن يا عام ڪچهريون هر ڪنهن جي زبان تي آئيني عدالتي ترميم جو معاملو آهي، مطلب ته جيترا آهن وات اوتريون آهن ڳالهيون ۽ بحث مباحثا. اهو ته هر عام خاص ماڻهو مڃي ٿو ته ڪنهن به حڪومت جو اهو حق آهي ته اها پارليامينٽ اندر ڪابه قانون سازي ڪري پر ڪنهن به وڏي آئيني منصوبي کي پارليامنيٽ مان منظور ڪرائڻ لاءِ پارليامنيٽ ۾ ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت گهربل هوندي آهي. جنهن حڪومت وٽ ماضي ۾ ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت رهي آهي تن سولائي سان پوءِ صحيح يا غلط قانون سازي ڪري ڏيکاري آهي پر هن ڀيري ان آئيني عدالتي ترميمي بل تي ايڏو گوڙ ڇو ٿيو آهي يا حڪومت کي اهو ترميمي بل پارليامينٽ مان پاس ڪرائڻ جو مسئلو ڇو ٿي رهيو آهي يا ان جي ناڪامي جا ڪهڙا سبب آهن سي سوال اڄ جو وڏو موضوع آهن جن تي اخبارن اندر ايڊيٽوريل،ڪالم ۽ مضمون به ڇپجي رهيا آهن ۽ انهن ذريعي هر ڪو پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪري رهيو آهي.
اسان جو خيال آهي ته موجوده مسلم ليگ (ن) جي شهباز شريف واري حڪومت کي يقيني طور تي سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ان کي ٻه ڀاڳي ٽي جي پارليامنيٽ ۾ اڪثريت ناهي پر پ پ وٽ به ارڙهين ترميم ذريعي صوبن کي صوبائي اختيار وڌائي ڏيڻ واري بل آڻڻ لاءِ ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت نه هئي پر پوءِ به اها پارليامنيٽ مان اهو آئيني بل پاس ڪرائي وئي هئي تنهن ڪري عام تاثر اهو آهي ته اصل ۾ مسلم ليگ (ن) کي اهو عدالتي آئيني ترميمي بل پيش ڪرڻ ئي ناهي آيو. حڪومت اهو ترميمي بل تڪڙ ۾ آڻڻ پئي چاهي ۽ چوندا آهن ته تڪڙ ڪم شيطان جو جنهن سبب حڪومت کي وڏي ناڪامي پلئه پئي آهي اصل ۾ حڪومت سمجهيو ته اها جميعت علماءِ اسلام جي فضل الرحمان جا ووٽ وٺي پارليامينٽ مان بل پاس ڪرائي ويندي پر مولا نا فضل الرحمان به مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ سان اڄ ڪلهه ٺهيل ناهي. کيس پرچائڻ لاءِ به ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ويو پر حڪومت جي غلط طريقي ڪار سبب مولا نا فضل الرحمان به مڪمل طور تي راضي نه ٿي سگهيو.
حڪومت جو خيال هو ته اها ان ترميمي بل بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي ڪري پيش ڪندي ۽ مولانا فضل الرحمان جا ووٽ حاصل ڪري ان کي پارليامنيٽ مان منظور ڪرائي ڇڏيندي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته قانون سازي ائين ناهي ڪبي. جيئن ئي اها ڳالهه ميڊيا تي آئي ته مسلم ليگ (ن) هڪ آئيني عدالتي پيڪيج پارليامنيٽ ۾ آڻڻ چاهي ٿي ته حڪومت تي اهو دٻاءُ وڌي ويو ته اها اهو آئيني مسودو پارليامنيٽ اندر پيش ڪري ۽ان تي سڀني کي اعتماد ۾ وٺي پر نظر ائين پيو اچي ته ڄڻ ته حڪومت ڳجهه ۾ اهو آئيني پيڪيج منظور ڪرائڻ جو ارادو پئي رکي جيڪو غير جمهوري عمل هو ۽ اهڙي حرڪت تي مسلم ليگ (ن) مٿان سخت ترين تنقيد به ٿي. عام خيال اهو هو ته اصل ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت موجوده چيف جسٽس جو مدو وڌائڻ چاهي ٿي.پر قاضي عيسيٰ فائز رڳو پنهنجي عهدي جي جي واڌ جي حق ۾ نه هو. هن چيو ته سڀني ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر پوءِ وڌائي وڃي.ٻيو هن وقت مسلم ليگ (ن) لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پي ٽي آءِ جي جماعت آهي جيڪا پارليامنيٽ اندر اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. حڪومت پي ٽي آءِ کي هڪ خاص حد تائين محدود ڪرڻ چاهي ٿي جنهن لاءِ اڄ جون عدالتون سندس ساٿ نه ٿيون ڏين جنهن ڪري حڪومت موجوده عدالتي ججن کي پنهنجو سياسي مخالف ۽ پي ٽي آءِ جو حامي سمجهي ٿي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف ته اهو به ريمارڪ ڏنو آهي ته عدالتي جج به هاڻي جيڪر سياسي جماعت جو الڪيشن ڪميشن کان چونڊ نشان وٺن مطلب ته موجوده ججن تي سياست ڪرڻ جو الزام آهي تنهن ڪري حڪومت چاهي ٿي ته عدالتي نظام اندر پنهنجي حق ۾ يا جمهوريت توڙي پارليامينٽ جي مفاد ۾ سڌارا آندا وڃن. پر حڪومت کي اهي آئيني سڌارا آڻڻ جو مناسب طريقو نه آيو آهي. پي ٽي آءِ جو واضح موقف آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پي ٽي آءِ جي حق ۾ ايندڙ عدالتي فيصلن جي رستا روڪ لاءِ آئيني پيڪيج جو ڊامو رچائي رهي آهي.
هوڏانهن موجوده چيف جسٽس جي رٽائرمنٽ ۾ رڳو ٽيهه ڏينهن ئي بچيا آهن سو حڪومت جو ارادو هو ته سندس رٽائرمنٽ کان پوءِ منصور علي شاهه نالي جيڪو چيف جسٽس جي عهدي جو اميدوار آهي سو جيئن ته پي ٽي آءِ ڏانهن نرم گوشو ٿو رکي تنهن ڪري ان کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روڪجي ۽ پي ٽي آءِ توڙي ٻين مخالف جماعت جو وري اهو خيال آهي ته ان آئيني عدالتي پيڪيج کي ناڪام بڻائجي.
اسان جو خيال آهي ته آئيني سڌارن جي بي شڪ ضرورت آهي، ملڪ جو عدالتي نظام ڪنهن ريت به تاريخي طور ساکائتو ناهي رهيو. ان نظام کي بلڪل به بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ آئيني سڌارن جو بل آڻڻ گهرجي پر ان تي پارليامينٽ اندر بحث ڪرڻ گهرجي ۽ پي ٽي آءِ سميت سڀني جماعتن کي ان آئيني بل جو مسودو ڏيڻ گهرجي. حڪومت اهو آئيني مسودو لڪائي ان بل کي تڪراري ۽ سياسي بڻائي ڇڏيو آهي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ مسلم ليگ (ن)، پ پ جمعيت علماءِ اسلام ۽ ايم ڪيو ايم کي ته پاڻ ۾ ان تي صلاح ڪرڻ گهرجي. پر حڪومتي اتحادين کي مسودو ناهي ڏنو ويو اهو به جمهوري عمل ڀانئبو جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ ان تي ايئن تفصيلي بحث ٿئي ۽ سڀني پارلياماني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺجي جيئن ذوالفقار علي ڀٽي 73 جي آئين وقت ۽ آصف زرداريءَ ارڙهين ترميم آڻڻ وقت سڀني پارلياماني جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو هو.
سو آئيني سڌارا ضرور ٿيڻ گهرجن پر پارليامينٽ جي سڀني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا اهو معاملو حل نه ٿي سگهندو. جڏهن ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي روح جي تقاضا اها پڻ آهي ته سڀني پارلياماني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي ڪري آئيني سڌارا آندا وڃن.