انسان پاڻي اندر رهندا، سائنس فڪشن خيال حقيقت جو روپ ڌارڻ لڳو

هونئن تي انسانن لاءِ پاڻي جي اندر رهڻ ناممڪن لڳندو آهي پر هڪ ڪمپني ان سائنس فڪشن خيال کي حقيقت بڻائڻ چاهي ٿي.
برطانوي ڪمپني ڊيپ ” انسانن کي مڇي “ بڻائڻ چاهي ٿي، ڪمپني سينيٽينل سسٽم نالي اهڙو پاڻي هيٺ رهائشي ۽ تحقيقي مرڪز ٺاهڻ چاهي ٿي جتي ماڻهو پاڻي جي اندر ٻه سئو ميٽر گهرائي ۾ هڪ مهيني تائين رهي سگهن ۽ ڪم ڪري سگهن.
ڪمپني برسٽل ويجهو هڪ ڊائيونگ سينٽر خريد ڪري ان کي تحقيقي مرڪز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽينل سسٽم هڪٻئي سان جڙيل موڊيولز تي ٻڌل هوندو جن کي سمنڊ اندر مختلف قسم جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
ڪمپني موجب، موڊيولز کي مختلف صورتن ۾ تبديل ڪري ان مرڪز کي ڇهه کان پنجاهه ماڻهن جي رهائش لاءِ استعمال ڪري سگهبو.
ڪمپني پُراميد آهي ته ان مرڪز ۾ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جيان هر وقت انسان رهي سگهندا بس فرق رڳو اِهو هوندو ته اِهو خلا بدران سمنڊ اندر هوندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪمپني طرفان هڪ ننڍي پروٽو ٽائپ پاڻي هيٺ مرڪز جي تياري جو اعلان ڪيو ويو هو، 12 باءِ 7.5 ميٽر جي مرڪز ۾ 3 ماڻهو هڪ هفتي تائين پاڻي هيٺ رهي سگهندا ۽ اِهو 2025 جي شروعات ۾ برطانيا ۾ سمنڊ هيٺ وڃڻ لاءِ تيار هوندو.
في الحال دنيا ۾ رڳو هڪ پاڻي هيٺ تحقيقي مرڪز ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي فلوريڊا انٽرنيشنل يونيورسٽي جي نگرانيءَ هيٺ هلايو پيو وڃي.
برطانوي ڪمپني موجب، جيڪڏهن سڀ ڪجهه حڪمت عملي تحت هلندو رهيو ته 2027 تائين سينيٽينل سسٽم تيار ٿي ويندو.
ڪمپني اهڙي قسم جا مرڪز دنيا جي مختلف جاين تي لڳائڻ چاهي ٿي، سينيٽينل سسٽ۾ جي موڊيولز کي ربوٽس طرفان ٿري ڊي پرنٽر ذريعي تيار ڪيو ويندو.
مرڪز تائين رسائي آبدوز ذريعي ٿيندي يا ڊرائيورز ان تائين ” مون پول “ جي ذريعي پهچي سگهندا، جيڪو سمنڊ جي سطح تي موجود هوندو.
مرڪز جي مٿان سمنڊ جي سطح تي هڪ buoy به موجود هوندو جيڪو اسٽار لنڪ انٽرفيس سان ليس هوندو ته جيئن مرڪز ۾ موجود ماڻهن کي انٽرنيٽ تائين پهچ حاصل ٿئي، مرڪز کي ماحول ودست توانائي ذريعي بجلي فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.