”انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي چونڊ نشان واپس ۽ پارٽي ڊي نوٽيفاءِ ٿي سگهي ٿي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي چونڊ نشان واپس وٺي سگهجي ٿو ۽ پارٽي ڊي نوٽيفاءِ ٿي سگهي ٿي.
جي يو آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٿي.
ڊي جي پوليٽيڪل ونگ اليڪشن ڪميشن کي چيو ته آئين موجب جي يو آءِ جي عهديدارن جو مدو 5 سال آهي، 7 جولاءِ 2024 ۾ مدو پورو ٿيو، جنهن تي جي يو آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جا ناظم چونڊيا آهن، 2023 کان اليڪشن عمل شروع آهي، اسان جون يونٽ، ضلعي ۽ تعلقي سطح جون چونڊون ٿي چڪيون آهن، ان تي ڪافي وقت لڳو آهي، هاڻ اسان جون صوبائي چونڊون شروع آهن، گلگت ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ٿي چڪيون آهن.
جي يو آءِ وڪيل چيو ته اسان جي چونڊن ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو آهي، هتي پيپر ورڪ ناهي هوندو، هر شخص کي چونڊ وڙهڻ جو اختيار ڏنو ويندو آهي، عام چونڊون به اچي ويون، تنهن ڪري گهڻو وقت اوڏانهن لڳي ويو.
وڪيل چيو ته 19 سيپٽمبر تي پنجاب، ان کانپوءِ خيبر پختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جون صوبائي چونڊون آهن، اسان کي ٿوري مهلت ڏني وڃي.
چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڪيتري مهلت گهرجي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اسان کي 60 ڏينهن جي مهلت گهرجي، سڪندر سلطان راجا چيو اسان ته گهڻو ٽائم آهي.
اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو ته اسان کي جي يو آءِ جواب ڏنو آهي، 29 سيپٽمبر تي جي يو آءِ جي وفاق جي اليڪشن آهي، جي يو آءِ کي ان جي 7 ڏينهن کانپوءِ اليڪشن دستاويز جمع ڪرائي ڇڏڻ گهرجي.
وڪيل چيو ته هاڻ آئيني ترميمون به هلي رهيون آهن، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته آئيني ترميمن سان ته پارٽي اليڪشن جو ڪو واسطو ناهي، پارٽي اليڪشن جو معاملو ته اسان ڏسي ٿا وٺون، اهو ته اسان ڏسنداسين ته وقت ڏيڻو آهي يا نه؟ انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي چونڊ نشان واپس وٺي سگهجي ٿو ۽ پارٽي ڊي نوٽيفاءِ ٿي سگهي ٿي.
اليڪشن ڪميشن جي يو آءِ پارٽي اليڪشن بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.