سچ يا ڪوڙ؟ گوگل جي نئين فيچر ذريعي ڄاڻيو

گوگل پنهنجي سرچ انجڻ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن واهپيدارن کي اِهو سمجهڻ ۾ مدد ملي ته ڪهڙي مواد جو مخصوص حصو ڪيئن تيار ڪيو ويو ۽ ڪيئن بدلايو ويو .
نئين فيچر جو مقصد سرچ انجڻ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ورغلائيندڙ مواد کي پکڙجڻ کان روڪڻ آهي.
ڪمپني موجب، نئون فيچر ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندو جنهن لاءِ مواد جي ڇنڊڇاڻ بابت موجودا گائيڊ لائينز جو استعمال ڪيو ويندو.
موجودا گائيڊ لائينز تحت اي آءِ ذريعي تيار يا ايڊٽ ڪيل تصويرن تي ليبل لڳايا ويندا ته جيئن واهپيدارن کي مواد جي حقيقت جو پتو پئجي سگهي.
تصويرسان گڏ ٻيا تفصيل به موجود هوندا مثال طور تصوير ۽ مواد ڪڏهن، ڪٿان ۽ ڪيئن تيار ڪيو ويو ۽ ان جا سورس/ذريعا ڪهڙا آهن.
ڪمپني موجب، گوگل سرچ انجڻ ۾ ابائوٽ اميج آپشن ذريعي واهپيدار اِهو پتو لڳائي سگهندا ته تصوير اي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي آهي يا نه.
تعجب جوڳي ڳالهه اِها آهي ته اي آءِ ذريعي تيار ڪيل تصوير تي ليبل کي ابائونٽ اميج ۾ لِڪائي رکيو ويندو، يعني اِهو تصوير جي مٿان نه هوندو پر اوهان کي پاڻ اِهو ڳولڻو پوندو.
ان کان اڳ گوگل سميت ايمازون، اڊوب ۽ مائيڪرو سافٽ Coalition for Content Provenance and Authenticity ( سي ٽو پي اي ) جا ميمبر بڻيا هئا.
سي ٽو پي اي قائم ڪرڻ جو مقصد به ورغلائيندڙ اي آءِ مواد کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۽ ان لاءِ نوان معياري ماڻ ماپا تيار ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.