ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طرفان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيس مان آجو ڪرڻ ۽ ٽرائل روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيستائين ڪنهن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، ٽرائل ڪورٽ کي ٽرائل اڳتي وڌائڻ کان روڪيو وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي ڪري حڪم ڏنو آهي ته ٽرائل ڪورٽ ٽرائل مڪمل ڪري ڇڏي پر حتمي فيصلو نه ڏئي.
عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن کي لاڳاپيل دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي آجو ڪرڻ جي درخواستن تي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته احتساب عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.