راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته آئيني ترميم ٽن امپائرن کي واڌ لاءِ ٿي رهي آهي، قاضي فائز عيسيٰ رستي تان هٽي ويو ته 9 مئي ۽ فراڊ اليڪشن جي جاچ کُلي ويندي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آئيني ترميم ٽن امپائرن کي واڌ ڏيڻ لاءِ ٿي رهي آهي، انهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر شامل آهن، واڌ ان لاءِ ڏني پئي وڃي ته جيئن فراڊ اليڪشن کي تحفظ ڏئي سگهجي.
صحافي سوال ڪيو ته عدالتي آئيني ترميم وارو معاملو ته هاڻ ريورس ٿي ويو؟ جنهن تي هن چيو ته حڪومت نمبر پورا ڪري رهي آهي، اهي ترميم ضرور آڻيندا.
سندس چوڻ هو اهي ڊنل آهن ته قاضي فائز عيسيٰ رستي تان هٽي ويو ته 9 مئي ۽ فراڊ اليڪشن جي جاچ کُلي ويندي، 9 مئي تي اسان جي پارٽي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين جي ابتڙ اليڪشن کي دير جو شڪار ڪيو ويو ته جيئن پي ٽي آءِ کي چٿي سگهجي.
عمران خان وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ جلسو روڪڻ لاءِ وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي، ڇا به ٿئي جلسو ڪنداسين، قوم کي پيغام ڏيان ٿو ته لاهور جلسي لاءِ ٻيڙيون ساڙي نڪري.
You might also like