دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان پليئرز جي هفتيوار ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي.
ٽي ٽوئنٽي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽرويس هيڊ جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم پنجين ۽ محمد رضوان ڇهين نمبر تي موجود آهن.
آسٽريليا جي جوش انگلس جي رينڪنگ ۾ 13 درجا بهتري آئي آهي جنهن کانپوءِ هو ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته بالرن جي درجا بندي ۾ پاڪستان جو شاهين آفريدي 13 هين نمبر تي موجود آهي.
ٻئي پاسي انگلينڊ جو ليام ليونگسٽن ست درجا ترقي ماڻيندي نمبر ون ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر بڻجي ويو آهي.
آسٽريليا جي مارڪس اسٽوئنس ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي.
You might also like